لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

رضوان گل

رضوان گل
نالو: رضوان الحق
ادبي نالو: رضوان گل
والد جو نالو: ڊاڪٽر بشير احمد
ذات: پٺاڻ
قبيلو: مغل
جنم: 13 فيبروري 1977، لاڙڪاڻو
ادب ۾ سڃاڻپ جا حوالا: شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم، محقق ۽ ڪالم نگار
تعليم: ايم ايس سي جيوگرافي (فرسٽ ڪلاس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ڪرت: اسسٽنٽ پروفيسر، هيڊ آف جيوگرافي ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
تعليمي ذميواريون: مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۾ ڪيترائي ليڪچر
تحقيقي ڪم:
1. لاڙڪاڻي جي جيوگرافي تي 7 تحقيقي مقالا
2. Reasons behind the rapid migration from Rural to Urban case study larkano. (M. Phil)
مختلف تنظيمن سان وابستگي:
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت هاسٽل شاخ ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
جوائنٽ سيڪريٽري: لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
پريس سيڪريٽري: سچل ادبي مرڪز
ايڊيٽر: ماهوار “شعور” لاڙڪاڻو
ايڊيٽر “جيو مئگ”
ايڊيٽر: هفتيوار ادبي صفحو “شعور”
چيئرمين شعبو آرڪائيوز، شعبو ادب ۽ شعبو پبليڪيشن: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو
ميمبر: نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن
ڇپيل ڪتاب:
1. “پنج ڏينهن” سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو
2. “ساهت ڏيهه جا سرجڻهار” (سنڌي جي مختلف شخصيتن تي مضمون، خاڪا)،
3. “پيار جي پهرين بارش” شاعريءَ جو مجموعو
4. “جاگرافيءَ جي لغت” (سنڌي ۾ جاگرافي جي پهرين ڊڪشنري)
5. “سپنن جو انت” ڪهاڻيون
6. لاڙڪاڻو تاريخ جي روشني ۾. مقالن جي سهيڙ
7. لاڙڪاڻو علمي ادبي ۽ ٽقافتي تاريخ.
روزاني “عوامي آواز”، “هلال پاڪستان” ۽ “جاڳو” ۾ 1994 کان ڪرنٽ افيئرس تي 700 کان مٿي ڪالم ۽ مختلف شخصيات جي جنم ڏينهن ۽ ورسين جي مناسبت سان ڇپيل مضمون.
ايوارڊ:
1. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ
2. “سپنن جو انت” ڪهاڻي ڪتاب تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ پاران “بهترين ڪهاڻي ڪتاب جو ايوارڊ”
3. بهترين ڪمپيئر جو ايوارڊ، ڪوئل پروڊڪشن.
4. علمي ۽ تحقيقي ڪم تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ
5. امن ايوارڊ پاران سنڌ فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن.
6. شاھ لطيف ايوارڊ پاران: ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي قمبر شهدادڪوٽ
7. بهترين منتظم جو ايوارڊ پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو
8. بهترين ڪمپيئر جو ايواراڊ
سنڌ ڊرامه فيسٽيول جي موقعي تي پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو.
9. “پيار جي پهرين بارش” ڪتاب تي موهن جو دڙو پروڊڪشن پاران “ڪلاڪار ايوارڊ”
10. شاھ لطيف يادگار شيلڊ پاران سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو.
۽ ٻيا.
ادبي استاد: ڊاڪٽر بشير احمد شاد
رهائش: گهر نمبر 14 احسن ڪالوني II مين جلباڻي روڊ سچل ڪالوني لاڙڪاڻو
لکيل صنفون: شاعري، ڪهاڻيون، ترجمو، ڪالم
اڻ ڇپيل مواد: 4 ڪتاب ڊائري، ڪهاڻيون، مضمون، جاگرافيءَ جي لغت ۽ ريڊيو اسڪرپٽس.
واٽس ايپ نمبر: 0333-7553823
اِي ميل: rizwangul46@yhaoo.com
**