لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

تاريخ هينءَ به لکبي آ

تاريخ هينءَ به لکبي آ
تذڪره، سوانح حيات ۽ آتم ڪٿا قوم يا علائقي جي تاريخ ٿئي ٿي. باشعور ليکڪ قومن جي تاريخ مختلف صورتن ۾ لکندا رهندا آهن.
امجد دراني نه فقط شاعر آهي پر ڪالم نگار، محقق ۽ نقاد پڻ آهي. سندس نثر ۾ به شاعراڻو چَسُ ۽ تحقيقي عنصر ملندو. امجد درانيءَ جو هي ڪتاب سائنس ادب ۽ آرٽ سان تعلق رکندڙ سنڌي پٺاڻن جي سوانحي ۽ ادب آرٽ ۾ ڪيل خدمتن جي معلومات ڏئي ٿو. ائين جيڪڏهن سومرا سومرن کي ۽ ڪلهوڙا ڪلهوڙن کي تاريخ ۾ محفوظ ڪندا ته سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي باب لکجي ويندا.
سنڌي پٺاڻ نامور شخصيتن مان ڪيترين جي معلومات ڪتابن ۽ سوشل ميڊيا م آيل آهي اتان کڻي سگهجي ٿي پر ڪيترين شخصيتن جي معلومات امجد درانيءَ خود تلاش ۽ جستجوءَ ذريعي گڏ ڪري هن ڪتاب ۾ ڏني آهي ڇوته ڪيتريون شخصيتون بنهه نيون هيون ۽ ائين به نه ڪيو ويو آهي جو انهن جو ڪو ڪم نه آهي ۽ ائين معمولي ماڻهن کي شخصيتون ڪري پيش ڪيو ويو آهي پر انهن جي ڪم يا سڃاڻپ جي معلومات پڙهبي ته انهن جي ڪم جو داد ڏيڻو پوندو.
ڪجهه شخصيتن جيئن تاريخدان مير خدا داد خان پٺاڻ وغيره کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏنم ۽ ۾ مذاق ۾ بدنام زمانه “اگهاڙو سچ” جي ليکڪ آغا قيوم جي شامل ڪرڻ جي لاءِ چيم، جنهن جي دعويٰ آهي ته سندس ڪتاب بليڪ تي وڪرو ٿيو ۽ هڪ لک ڪاپيون کپيون. ان ڪتاب ۾ ڪيترن ناميارن سنڌي اديبن ۽ آرٽسٽن تي هن جنسي عمل جا الزام لڳايا آهن پر اهڙن ماڻهن تي ڪو ڪيس داخل نه ٿو ٿئي. جنهن تي امجد درانيءَ جو موقف ٻڌڻو هو. امجد ٻڌايو ته ان کي پيش ڪرڻ سان معاشري کي ڇا ملندو؟ غلط رجحانن کي متعارف ڪرائڻ سان منهنجو نالو غلط ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندو. برابر ليکڪ ڀلائيءَ جو علمبرداد هوندو آهي. معاشري کي بداخلاقي، بي حيائي، بي دينيءَ جو درس ڏيندڙ اديب نه تخريب ڪار آهن.
امجد درانيءَ کي هن ڪتاب جي ترتيب الف ب وار ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني اٿم ته جيئن پنهنجي راءِ سان وڏي ننڍي ڪرڻ سان ڪنهن جي حق تلفي يا خوشامد نه ٿئي.
بهرحال امجد درانيءَ جي هيءَ ڪوشش تاريخ نويسيءَ ۾ اهم وک ثابت ٿيندي.
حزب الله آءِ سومرو ـ خيرپور
چيئرمين
علم دوست ادبي سنگت سنڌ