پٺاڻن جو اتهاس
نهايت ڏک سان لکڻو ٿو پوي ته ڳڙهي ياسين جي اتهاس لکڻ ۾ پٺاڻن هن اتهاس لکڻ ۾ ڪابه مدد ڪين ڪئي. ان هوندي به پٺاڻن جي جيڪا خبر ملي سگهي آهي سا پالڪن جي واقفيت لاءِ هيٺ ڏجي ٿي.
الله بخش دراني:
پنهنجي وڏن وانگر مذهبي تعصب کان آجا هئا. پنچائتي ڪمن ۾ چڱو بهرو وٺندا هئا. پنچائت ۽ هندو به هن جي خاص عزت ڪندا هئا. هوليءَ جهڙي شڀ موقعي تي ٻين هندن جي ڏينهن تي هندن سان ملي هندن جي خوشي وڌائيندا هئا. اڪثر ڪري پاڻ شام جو بازار ۾ چڪر هڻندا هئا. ٻاهر پٺاڻن جا پڻ وڏا خان چبوتري يا خانواهي بازار ۾ اچي رهندا هئا. ان ڪري ڪنهن به لچ لوفر کي بازار ۾ اچڻ جي همٿ ڪين ٿيندي هئي.
خان بهادر در محمد خان دراني:
پنهنجي نيڪي ۽ نالو. خان بهادر در محمد خان انهن انسانن مان هو جنهن جو نالو اڄ به نيڪي ۽ شان سان ورتو ويندو.
پنهنجن وڏن جي نيڪ قدمن ۾ هلي ڌرمي تعصب کان دور هئا. لچ لوفر کي ڪڏهن به هٿي ڪين ڏنائون. پهرين مهاڀاري لڙائي پوري ٿيڻ بعد 1918ع ۾ انگريز سرڪار کين خان بهادر جو لقب ڏنو. ننڍڙي ئي وڏي ماتا ۾ هن جون ٻئي اکيون خراب ٿي ويون جنهن ڪري ساري عمر نابين رهيا. کل مک ۽ خوش مزاج طبيعت جا هئا. 1919ع ۾ ميونسپالٽيءَ جا پريزيڊنٽ بڻيا ۽ هي عهدو ايسيتائين ماڻيائون جيستائين پاڻ حيات هئا. تعلقي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ رهيا. هي پنچائتي ڳالهين ۾ چڱو بهرو وٺندا هئا. 1918ع ۾ پليگ جي بيماريءَ ۾ شهر جي چڱي شيوا ڪيائون. هنن چار شاديون ڪيون پر پٽ جو اولاد کيس ڀڳوان ڪين ڏنو. 45 ورهين جي عمر ۾ هن جو انتقال ٿيو.
شمش الدين خان دوراني:
خان بهادر در محمد خان جي وفات کان پوءِ راڄ مهاڄڻ گڏجي سندس ڀائٽي شمس الدين خان کي پڳ ٻڌائي. هي پڻ پنهنجي وڏن وانگر هندو مسلمان اتحاد جا حامي هئا. هي آشائسي ۽ آرام پسند کل مک ۽ خوش طبيعت جا هئا.
هندن جون مکيون هستيون جهڙوڪ: راءُ صاحب گوڪل سنگهه، ڀائي ڊيٽا سنگهه ۽ ديوان مالڌءُ داس زنده ڪين هئا تنهن ڪري ميونسپالٽيءَ جي پريزيڊينٽ جي چونڊ ۾ کيس ڪابه تڪليف ڪين ٿي. خالصا پارٽيءَ سندس مخالفت ڪين ڪئي باقي ڀائي سکرام سنگهه کيس پنهنجو ووٽ ڪين ڏنو.
هن کي جاين ٺهرائڻ جو شوق هو تنهن ڪري هن کي ڳڙهي ياسين جو شاهه جهان ڪري چوندا هئا. شهر کي شروعاتي پاور هائوس نه هجڻ سبب پنهنجو ننڍڙو پاور هائوس رکايو جتان سندس بنگلي ۽ باغ کي بجلي ملندي هئي. هن هڪڙو پنهنجي رهڻ لاءِ “شمس محل” ۽ وندر لاءِ باغ ٺهرايو جنهن کي شاهي باغ ڪري چوندا هئا. شمس محل تي هر روز ڪونه ڪو ڪم هلندو ئي رهندو هو. باغات جو هن کي گهڻو شوق هو.
سنڌ جڏهن 1937ع م جدا ٿي تڏهن هي ڳڙهي ياسين تعلقي مان مسلم تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊيو ويو. گرميءَ سبب گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾ گذاريندو هو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ هو شهر جون سڀ واڳون پنهنجي پٽ بدرالدين خان جي حوالي ڪري پاڻ آرام واري زندگي ڪراچيءَ ۾ گذارڻ لڳو. هن هڪڙي شادي شڪارپور مان ڪئي جنهن ڪري سنڌ جو مکيه وزير شيخ غلام حسين هدايت الله هن جو سنڍو بڻيو. 1946ع ۾ هن جو انتقال ٿيو.
(1900ع جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ لکيل ڪنهن هندو جي ڪتاب تان ورتل)
**