لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

مولوي جهان خان دراني

مولوي جهان خان دراني
مولوي جهان خان دراني ولد خدا داد خان دراني شڪارپور جو رهاڪو هو. سندس سلسلو حافظ نواب سخي مدد خان سان ملي ٿو، جيڪو هڪ بزرگ اهل الله ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي. مولوي جهان خان جي والادت هڪ اندازي موجب 1850ع شڪارپور ۾ ٿي ۔ هو ننڍي هوندي شڪارپور ۾ ئي سنڌي ۽ انگريزيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين، عربي ۽ فارسي جي تعليم سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ مولانا محمد صادق صاحب کڏه واري جي والد صاحب مرحوم مولانا عبدالله صاحب وٽ عربي زبان ۾ مهارت حاصل ڪيائين. مولوي صاحب، مولانا قاضي خان محمد شاهه صاحب لودين وٽان به تعليم حاصل ڪئي هئي. ڪراچيءَ ۾ عربي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ مولوي صاحب پنهنجي ڳوٺ شڪارپور ۾ واپس آيو، جتي 1892 ۾ شڪارپور ۾ پنهنجو هڪ مدرسو قائم ڪري جتي درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين. انهيءَ وچ ۾ مولوي صاحب، حضرت خواجه محمد حسن جان سرهندي ٽنڊي سائينداد تعلقي ٽنڊي محمد خان واري جي والد صاحب حضرت خواجه عبدالرحمان سرهندي نقشبنديءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي، جنهن مولوي صاحب کي ڏاڍو فيض رسايو.
مولوي جهان خان درانيءَ جي سڄي عمر تعليم ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ گذري ويئي. مولوي صاحب هڪ سخي دل انسان هو، ۽ سندس دسترخوان جا دروازا هر غريب ۽ امير جي لاءِ کليل رهندا هئا. هر روز ڪيترائي مسافر سندس دسترخوان تي نظر ايندا هئا. مسافرن ۽ غريبن جي سارسنڀال لهي، سندس دل ڏاڍي خوش ٿيندي هئي، جنهن ۾ شهر ۽ ٻاهر جا وڏا وڏا عالم ۽ اڪابر اچي گڏ ٿيندا ها. پاڻ صوم و صلات جو ڏاڍو پابند هو ۽ سدائين وضوءَ ۾ رهندو هو. طريقت جي سلسلي ۾ خواجه عبدالرحمان جان سرهندي جو مريد هيو ۔ سندس علم ۽ فضل مان سوين عالم مستفيض ٿيا ۔ نامور عالم مولانا تاج محمد امروٽي هڪ آھن ۔ مشهور شاعر عالم ۽ حڪيم مير علي نواز علوي ۽ قاضي سيد بهادر شاه سندس گهاٽا دوست هوندا هيس ۔ پير شاه مردان شاه اول پنجون پاڳارو به ساڻس گهڻي محبت رکندو هوس ۔
اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت ۾ مولوي صاحب جيڪي تڪليفون ورتيون، اهي قابل تعريف آهن. هن سلسلي ۾ مولوي صاحب کي ڏاڍيون تڪليفون ۽ سختيون برداشت ڪرڻيون پيون، پر پنهنجي صداقت ۽ سچائيءَ جي ڪري فتح جو سهرو سدائين مولوي صاحب جي ئي سر تي آيو. ان وقت شڪارپور ۾ هندن جو گهڻو زور هو ۽ مولوي صاحب جون اهي تبليغي ڪوششون هنن کي بلڪل پسند ڪونه اينديون هيون. مولوي صاحب جي عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪنهن هندوءَ کي مسلمان ڪندو هو ته پهرين انهيءَ جي ڏاڍي ڌوم ڌام سان سڄي شهر ۾ سرگس ڪرائيندو هو، ته جيئن غير مسلم تي ان جو اثر ٿئي. هڪ ڀيري مولوي صاحب هڪڙي ٻائي جي پٽ کي مسلمان ڪيو. اهڙيءَ طرح، مولوي صاحب تي ڪيس ڪيو ويو، جنهن ۾ مولوي پنهنجي قابليت ۽ علم جي وسيلي اُهي اُهي دليل بازيون ڪيون جو ڪورٽ کي به سندس راءِ سان متفق ٿيڻو پيو، ۽ مولوي صاحب کي فتح نصيب ٿي.
مولوي جهان خان دراني نه فقط صاحب شريعت هو، بلڪه ڪرامت جو به ڌڻي هو ۽ سندس دعا ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو.
مولوي صاحب جا ڪيترائي دوست هئا، جن ۾ مشهور عالم، شاعر ۽ حڪيم مير علينواز علوي ۽ قاضي سيد بهادر شاهه مشهور آهن. انهيءَ کان سواءِ حضرت پير شاهه مردان صاحب پاڳاري جن جي مولوي صاحب سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. حضرت پير ميان محمد صالح شاهه راڻيپور وارو ۽ حضرت مولانا امروٽي صاحب جي به مولوي صاحب سان گهڻي ياراڻي هوندي هئي. مولانا امروٽي ته ائين چوندو هو ته ”آءٌ مولوي جهان خان جي گادي تي ويٺو آهيان“.
مولوي صاحب جو اولاد ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون، جن مان هڪ پٽ مولوي عبدالرحمان خان، جو پڻ هڪ عالم هو، جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو؛ هڪ شادي شده نياڻي به گذاري ويئي؛ باقي هن وقت ٻه پٽ ميان سيف الله خان ۽ گل محمد خان ۽ هڪ نياڻي زنده آهن.
مولوي صاحب جي علم و فضل کي ڏسي افغانستان جي بادشاهه امير حبيب الله خان کيس گورنريءَ جي آڇ ڪئي، پر مولوي صاحب ان کي قبول نه ڪيو. مولوي صاحب حياتيءَ جا پويان ڏينهن آرام سان گذاريا، تاريخ 10 اپريل 1913ع مطابق 4 جمادي الاول 1331هه خميس جي ڏينهن پنهنجي گهر شڪارپور ۾ گذاري ويا. وفات وقت سندن عمر 63ورهيه هئي. سندس مزار حضرت پير منڇر شاهه جي لڳ آهي. شڪارپور ضلعي ۾ قائم شھر جهانيان چيو وڃي ٿو ته مولانا جهان خان جي نالي پويان آباد ٿيو ۔ شڪارپور شھر ۾ اڄ به مولوي جهان خان مسجد دادوائي روڊ تي مولوي جهان خان اسٽريٽ ۾ موجود آھي.
**