بدر عالم دراني
اصل نالو: آغا بدرالدين احمد خان بارڪزئي دراني
ادبي نالو: بدر عالم دراني
والد جو نالو: آغا شمس الدين خان
ذات: پٺاڻ
قبيلو: بارڪزئي دراني
ڄم جي تاريخ: 23 مارچ 1912ع
تعليم:
ڪرت: سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر، اديب، شاعر، محقق، تنقيدنگار، ڪالم نگار، ڊرامه رائيٽر. جنات المبارڪ باغ قائم ڪيائين جتي سماجي تنظيم جو ڪم ادب ۽ تاريخ تي بحث جو سلسلو جاري رکيو. هفتيوار اخبار پيغام صلح، رسالو آشيانه ادب به جاري ڪيا. 1935ع ۾ ھندو مسلم فساد دوران هندن سکن کي ڳڙھي ياسين وٺي اچي پناهه ڏني جنهن تي سنڌ جي گورنر سر گرهام ۽ ليڊي گرهام آفرين نامو ۽ تلوار جو اعزاز ڏنو. پهريان بدر لائبريري بعد ۾ ان جو آشيانه ادب نالو رکي پير حسام الدين کان 1940ع ۾ افتتاح ڪرايو جنهن ۾ ان وقت 8 هزار ڪتاب ڪيسٽون وڊيو آڊيو رکيون ويون. 1942ع ۾ سنڌو درياهه ۾ گنڊ پوڻ سبب آس پاس جا ڳوٺ ٻڏي ويا. ان وقت ماڻھن جي هر قسم جي دل کولي مدد ڪيائين جنهن تي پڻ ان وقت جي گورنر سر هيوگ ڊو ۽ ليڊي ڊو 6 فيبروري 1943ع ۾ آفرين نامو ۽ تلوار اعزاز ۾ ڏني. ان دوران سياسي پارٽي آزاد پارٽي جيڪا ليبر پارٽي سان مشهور ٿي. 1944ع ۾ ڊراماٽڪ سوسائٽي قائم ڪيائين. 1945ع ۾ انقلاب اخبار سکر مان جاري ڪيائين. 8 مارچ 1949ع بروز اڱاري بنا مقابلي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي چونڊجي ويا. 1966ع ۾ آغا بدرالدين خان دراني هاءِ اسڪول جو نالو رکيو ويو جنهن جي بلڊنگ 1955ع ۾ پنهنجي زمين تي پنهنجا 2 لک رپيا ان دور جا خرچ ڪري ٺهرايو هيائين. 22 آڪٽوبر 1949ع تي حج ڪري موٽيا ته حاجي بابا نالي سان مشهور ٿيا. 1951ع ۾ ايوب کهڙي جي ڪابينا جي ميمبرن جا لکت ۾ اختلاف ختم ڪرائي صلح نامو کئونر سان قرآن جي پهرين پيج تي لڳائي آشيانه ادب لئبريري ڳڙھي ياسين ۾ رکيو ويو. 1964ع ۾ public internal yeomen social association يعني PIYASA جو بنياد وڌو جنهن بلدياتي اليڪشن ۾ 87 سيٽن مان 75 سيٽون حاصل ڪيون. 8 آگسٽ 1956ع تي نواءِ انقلاب اخبار جاري ڪيائين. 1958ع جي صدارتي اليڪشن ۾ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنائون. اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڏسي بيمار ٿي پيا ۽ 1965ع ۾ وفات ڪيائون ڳڙھي ياسين ۾ والد سان گڏ دفن ٿيا.
رھائش: ڳڙهي ياسين
لکڻ جي شروعات: 1935ع
ادبي استاد:
لکيل صنفون: مقالا، ڊراما، سفرناما 8 ڪتاب
ڇپيل مواد: مسافر حجاز 1950ع معاشيات اردو هڪ باب، تحفته الطاهرين فارسي 1956ع جنهن جو سنڌي ترجمو 1990ع.
اڻ ڇپيل مواد: مسافر حجاز اردو، معاشيات اردو، تاريخ سنڌ، دنيا جون زبانون، صلاح الدين ايوبي سنڌي ترجمو، مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو.
ايڊريس: ڳڙھي ياسين شڪارپور
**