آغا نادر علي خان نادر
نالو: آغا نادر علي خان نادر
والد جو نالو: آغا علي خان ولد نور خان
قبيلو: پٺاڻ
تخلص: نادر
ادبي استاد: سخي قبول محمد اول
جنم: 1901ع
وصال: 1974ع
صوفي آغا نادر علي خان “نادر” جا وڏا ضلع ڪوهاٽ جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ لاچي کان لڏي 1890ع ۾ سنڌ ۾ آيا. سندس والد پوليس ۾ انسپيڪٽر رهيو.
رهائش: شڪارپور تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ سلطان ڪوٽ
تعليم: انگريزي هاءِ اسڪول جي بورڊنگ هائوس ۾ رهي انگريزي تعليم ورتائين.
ڪرت: زمينداري
اڄ به سچل سرمست جي درگاهه تي جڏهن سندس گادي نشين 14 رمضان تي تخت تي ويهي عقيدتمندن کي ديدار ڪرائيندا آهن ته آغا نادر علي خان جي شاعري ۾ “درازي دلدار سندا هوندين نوبنو” ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان ڳائيندا آهن.
سندس هم عصر شاعرن ۾ ۽ دوستن ۾ قاضي علي اڪبر درازي، ڪوجهي فقير، عبدالنبي عليگ، آغا گل حسن خان گل، صوفي جهامنداس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ قابل ذڪر آهن. سندس آخري آرام گاهه سلطان ڪوٽ ۾ آهي. نادر علي نادر جو ديوان سنڌي ادبي بورڊ وارن ڪونه ڇاپيو.
**