لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

حاجي قمرالدين ترين پٺاڻ

حاجي قمرالدين ترين پٺاڻ
اصل نالو: حاجي قمرالدين ترين پٺاڻ
ادبي نالو: قمر
والد جو نالو: لعل بخش خان ترين پٺاڻ
ذات: پٺاڻ
قبيلو: ترين
ڄم جي تاريخ: اندازن 1816ع
وفات اندازن: 1912ع
تعليم: ميٽرڪ ديني مدرسي جي
ڪرت: زمينداري جيڪا زمين پيدل حج ڪري 6 سالن بعد موٽي آيا جنهن تي انگريزي ڪليڪٽر 52 جريب زمين ڏني.
رھائش: پراڻا زرخيل
لکڻ جي شروعات: 1870ع
ادبي استاد: محمد جمن انڍڻ فقير هن وقت سندن جي درگاهه تي دفن ٿيل به آھن.
لکيل صنفون: شاعري، پيشنگوئي سنڌي الف بي ۾ پشتو ٿيل شاعري
ڇپيل مواد: ڪوبه نه
اڻ ڇپيل مواد: ٽي ڪتاب سنڌي شاعري، هڪ ڪتاب پشتو شاعري جو، سنڌي رسم الخط ۾ لکيل جيڪو ڪابل افغانستان جي ميوزم ۾ پئي آ جيڪا آغا نور محمد پٺاڻ کان اتان جي ڪلچرل قائونصل جنرل سفارت خانه افغانستانستان ميڊم پروين ملال وٺي رکي آ.
ايڊريس: پوسٽ آفيس سلطان ڪوٽ ڳوٺ پراڻو زرخيل ضلع شڪارپور
**