تاريخ، فلسفو ۽ سياست

دنيا جا مشھور فلسفا

هي ڪتاب هڪ ڏاهپ وارو ڪتاب آهي. جنھن ۾ ليکڪ منجهيل سُٽَ، سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پاران روزاني پنھنجي اخبار ۾فلسفي جي موضوع تي سيپٽمبر 2022 کان جولاءِ 2023 تائين ڇپيل ڪالم شامل آھن. ليکڪ، فلسفي جي ٻولي عام فھم ڪري آسانيءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن هر عام پڙهندڙ بہ فلسفي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي، سندس هي پورهيو قابل داد آهي. ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي صاحب، فسلفن جو بنياد، تاريخ، تعارف، تنقيد، تشريح، هاڪاري ناڪاري اثر ۽ نتيجا احسن نموني سمجهايا آهن. 

Title Cover of book دنيا جا مشھور فلسفا

ڪتاب بابت ويچار: ليکڪ

فلسفو (فلسفو يوناني ٻولي جي ٻن لفظن مان جڙيل آھي: فلين=پيار؛ سوفيا=ڏاھپ) يا ڏاھپ جو پيار ايترو ئي پراڻو آھي جيترو خود انسان! چارلس ڊارون جي ارتقائي نظريي سان لاڳاپيل ”نسلي بقا لاءِ بھترين صلاحيتن جي فطري چونڊ“ يا ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جو اصول سڀني جاندارن تي ھڪ جيترو لاڳو رھيو آھي، پر انساني حيات ۾ جنھن انقلاب ان عام ۽ غير اھم مخلوق کي ٻين تي سبقت ڏني ۽ ان کي نام نھاد طور اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو اھو وقوفي انقلاب (Cognitive Revolution) ھو جيڪو انساني تاريخ جو پھريون انقلاب پڻ ھو. ھن انقلاب انسان کي پنھنجي خارجي مشاھدن ۽ تجربن توڙي داخلي جذبن جھڙوڪ خوف ۽ خطري، پيار ۽ محبت، ڪاوڙ ۽ نفرت، مقابلو ۽ فرار جي اظھار لاءِ ٻولي جھڙو طاقتور سماجي اوزار عطا ڪيو. ڊاڪٽر ھراري چواڻي: انساني تاريخ جا ٻيا سڀ انقلاب جھڙوڪ زرعي انقلاب (Agricultural Revolution)، صنعتي انقلاب (Industrial Revolution)، ھن دؤر جو سليڪان يا ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ انقلاب (Silicon/Computer & Internet Revolution) ۽ مستقبل جو انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي سنگم جو انقلاب (Merger of Info & Bio Technology Revolution) سڌي يا اڻ سڌي ريت وقوفي انقلاب جا ثمرات آھن.
ٻوليءَ بدولت ھڪ پاسي انسان جا ٺوس ۽ معروضي حواسي مشاھدا، محسوسات ۽ تجربا کيس دنيا، فطرت ۽ سماج کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪينواس تي وسيع تاڃي مھيا ڪندا رھيا آھن تہ ٻئي پاسي تصوراتي ڪھاڻيون گهڙڻ ۽ ٻڌائڻ واري ذھنيت ان ڪئنواس جي پيٽي تي دلفريب ۽ خوبصورت نقش چٽيندي رھي ٿي، ڇو تہ ارتقا انسان جي کاٻي مغز کي حواسي سمجهہ عطا ڪئي ھئي جڏھن تہ ساڄي مغز کيس تصورات ۽ ڪھاڻين جي دلفريب دنيا سان آشنا ڪيو ھو.
ھن ڌرتيءَ تي ڪا بہ شيءِ، جذبو، سچائي، نظريو وغيرہ خالص حالت ۾ ملڻ ناممڪن آھي ڇو تہ فطرت جي ننڍي ۾ ننڍي توڙي وڏي ۾ وڏي شيءِ، وجود يا تخليق پنھنجي اندروني ۽ بيروني تضادن سان ٽمٽار آھي ۽ اھي تضاد ازل کان توازن ۽ عدم توازن (تعمير ۽ تخريب) جي جنگ ۾ جوٽيل ئي رھندا آھن. سقراط کان بہ اڳ هيراڪليٽس (Heraclitus, 500BC) چيو ھو ۽ بلڪل صحيح چيو ھو تہ ڪائنات ۾ ڪا بہ شيءِ دائمي ناھي سواءِ تبديلي جي. اھو ئي سبب آھي جو وقت گذرڻ سان ۽ مختلف تجربن ۽ محسوسات جي نتيجي ۾ اسان انسانن جي شخصيت، اسان جي سوچ، اسان جي نظريي، اسان جي فلسفي، اسان جي رويي ۽ اسان جي عمل ۾ تبديلي ايندي آھي. اھا تبديلي ان ماڻھوءَ جي خارجي تجربن، داخلي لاڙن، مطالعي، مختلف ثقافتن جي ماڻھن سان لھہ وچڙ ۽ وقت گزارڻ، پسنديده شخصيت جي شخصي لاڙن وغيرہ جي اثرن ھيٺ ھاڪاري توڙي ناڪاري رخ ۾ برپا ٿي سگهي ٿي؛ اِھا ئي ارتقا آھي. ھن تناظر ۾ اھو سمجهڻ ضروري آھي تہ نظريا ۽ اصول مخصوص خارجي (معروضي) ۽ داخلي (موضوعي) حالتن ھيٺ جڙندا آھن ۽ انھن تي ڀاڙيندڙ ھوندا آھن؛ جڏھن ارتقائي اثرن جي ڪري مٿين حالتن ۾ تبديلي ايندي آھي تہ ان صورت ۾ اھي نظريا ۽ اصول پنھنجي اھميت وڃائي ڇڏيندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو سائين جي ايم سيد چيو ھو تہ :”جڏھن اصول ۽ قانون انسانن جي ڀلائي بدران انھن جي استحصال جو سبب بڻجي وڃن تڏھن انھن کان بغاوت لازمي بڻجي وڃي ٿي.“
مٿئين تناظر کي نظر ۾ رکي پروڙينداسين تہ اسان کي اھو پتو پوندو تہ ماضيءَ ۾ توڙي حال ۾ ھڪ ئي وقت ھڪ ننڍي خطي ۾ يا سڄي ڌرتي تي اسان انسان مختلف فلسفن، نظرين، عقيدن، قدرن، سوچن، راين ۽ روين ۾ ڇو ورھايل آھيون. ياد رھي تہ فرد جا اھي داخلي ۽ موضوعي لاڙا اسان جي خطي جي مخصوص معروضي ۽ اجتماعي سماجي حالتن جي تاڃي پيٽي تي اڪريل نقش آھن. اسان جو عملي ۽ معاشرتي ڪردار مٿين داخلي ۽ خارجي لاڙن جي ضرب اپت آھي. اھو ئي سبب آهي جو ڪنھن خاص وقت ۾ ھر ٽولي، قبيلي، قوم توڙي خطي يا ملڪ جي ھڪ مخصوص ۽ مختلف تھذيب ۽ ثقافت رھي آھي. اھا ثقافت جيتوڻيڪ ساڪن ۽ اڻ تبديل ٿيندڙ نظر ايندي آھي پر اھا سماج جي خارجي ۽ افراد جي انفرادي ۽ اجتمائي تضادن ۾ توازن جي حالت ھوندي آھي. توھان جي ھڪ ننڍي پر ديرپا تبديلي اڳتي ھلي ان توازن ۾ خلل وجهي نئون توازن قائم ڪندي ۽ نئون سماج جوڙيندي. ھتي اھو ياد رکڻ گهرجي تہ ڪا بہ سماجي تبديلي عام حالتن ۾ تڪڙي نہ ايندي آھي، ان لاءِ سال، ڏھاڪا ۽ ڪڏھن تہ صديون پڻ لڳي وينديون آهن.
جڳ مشھور ڊاڪٽر يووال نوح ھراري مطابق ھن دنيا ۾ سچائيون ٽن قسمن جون ھونديون آهن: معروضي سچائي (Objective Reality)، موضوعي سچائي (Subjective Reality) ۽ بين الافرادي سچائي (Intersubjective Reality). پھرين يعني معروضي سچائي اھا سچائي آھي جيڪا ڪو بہ ماڻھو پنھنجي مشاھدي سان معلوم ڪري سگهي، پرکي سگهي ۽ پنھنجي حواسن يا موزون اوزارن سان ان جي پيمائش ۽ تصديق ڪري سگهي؛ مثال طور وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، جبل ٽڪري، سمند دريا وغيرہ. ٻئين يعني موضوعي سچائي مان مراد ھڪ فرد جو ڪنھن شيءِ، ماڻھو، لقاءُ يا نظريي بابت ذاتي پسند يا ناپسند جي بنياد تي قائم ڪيل رايو آهي جنھن کي ٻيا ماڻھو مشاهدي جي بنياد تي ماپي ۽ تصديق نہ ڪري سگهن؛ مثال طور ھڪ عاشق جو پنھنجي محبوب کي سڀني انسانن توڙي سڄي ڪائنات کان خوبصورت قرار ڏيڻ، يا وري ھڪ سچي مريد جو پنھنجي مرشد کي ھر لحاظ کان ڪامل سمجهڻ ۽ کيس ٻين مرشدن کان مٿاھون سمجهڻ؛ آخري يعني بين الافرادي سچائي مان مراد اھا گهڙيل ۽ تصوراتي ڪھاڻي آھي جنھن تي ڪروڙن ۽ اربن جي تعداد ۾ ماڻھو يقين رکندا ھجن ۽ ان بنياد تي ھڪ ٻئي سان تعاون ڪندا ھجن؛ اھو يقين انڌي مذھبي عقيدي توڙي شعوري ۽ سوچيل سمجهيل يقين جي بنياد تي ڪيو ويندو آھي. ھن قسم جي سچائي لازمي طور تي من گهڙت ڪھاڻي ئي ھوندي آھي جيڪا معروضي طور تي ڪڏھن بہ پرکي نہ ٿي سگهجي؛ ناڻو (ڪرنسي نوٽ، ڪريڊٽ ڪارڊ، ڊيبٽ ڪارڊ توڙي موجودہ اڀرندڙ بٽ ڪوائن)، وڏا سمنڊ جھڙوڪ پيسفڪ وغيرہ، ملڪ جھڙوڪ پاڪستان يا انگلينڊ وغيرہ، ڪمپنيون جھڙوڪ پيپسي وغيرہ، تنظيمون جھڙوڪ اقوام متحدہ وغيرہ، مذھب جھڙوڪ عيسائيت وغيرہ بين الافرادي سچائين جا مثال آھن.
بين الافرادي سچائي جي مٿين مثالن تي ڪجهہ ماڻھو اعتراض واري سگهن ٿا تہ ناڻو، پيسفڪ سمنڊ، انگلينڊ، پيپسي يا اقوام متحدہ تہ معروضي طور اسان کي نظر ۽ مشاھدي ۾ اچن ٿا ان ڪري اھي معروضي سچائيون آھن. ھتي ھراري وراڻي ٿو تہ ناڻي جا نوٽ يا ڪارڊ حقيقت ۾ بيڪار پني يا پلاسٽڪ جا ٽڪرا آھن جن جي ملھہ يا ڏيتي ليتي تي دنيا جي اربين ماڻھن جو يقين ۽ اعتبار آھي؛ ڌرتي جي گولي تي فطري طور ڪٿي بہ ڪي بہ ملڪ، ڪمپنيون يا تنظيمون معروضي طور موجود ڪونھن پر اھي فقط ڪھاڻيون ئي آھن جن تي دنيا جي اربين، ڪروڙين ۽ لکين ماڻھن جو اعتبار آھي؛ دنيا ۾ سمنڊ اصل ۾ ھڪ ئي آھي پر ماڻھن جي سھولت ۽ اعتبار جي بنياد تي ان جي مختلف حصن کي مختلف نالا جھڙوڪ پيسفڪ، ائٽلانٽڪ، ھندي سمنڊ وغيرہ سڏيو ۽ مڃيو وڃي ٿو. دنيا جا مختلف مذھب پڻ ساڳي ريت بين الافرادي سچائيون آھن جن تي ڪروڙن ۽ اربن جي تعداد ۾ ماڻھو اعتبار ڪن ٿا ۽ عقيدو رکن ٿا.
جھڙي ريت شين، جذبن، نظرين وغيرہ جو خالص ۽ غير خالص ھجڻ نسبتي ۽ عارضي آھي ڇو تہ انھن ۾ اندروني توڙي بيروني تظاد ھر دم ٽڪراءَ ۾ ھوندا آھن، ساڳي ريت دنيا ۾ صحيح ۽ غلط جا تصور پڻ نسبتي ۽ عارضي آھن. ھي دنيا گول آھي ان ڪري ڪا بہ شي بلڪل سڌي يا سولي نہ آھي پر ھر شيء، ھر نظرئي ۽ ھر فلسفي ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڏِنگ ۽ وَنگ موجود ھوندو آھي. ساڳي ريت شيون ۽ نظريا چاھي ڪيترا بہ سادا ھجن اھي مڪمل طور صحيح يا غلط نہ ھوندا آھن. ٻين لفظن ۾ دنيا جو ڪو بہ بھترين يا جڳ مشھور نظريو توڙي فلسفو اھڙو نہ ھوندو جنھن ۾ ڪٿي نہ ڪٿي ڪا نہ ڪا اوڻائي يا ڪمزوري نہ ھجي. ساڳي ريت توھان کي دنيا جي اڇلايل ۽ رد ٿيل نظرئي ۾ پڻ ڪٿي نہ ڪٿي، ڪنھن نہ ڪنھن طبقي لاءِ ڪا نہ ڪا چڱائي ضرور ملندي. شين ۽ نظرين جو ٻيو رخ ھي بہ آھي تہ اھي ماڻھن وٽ سدائين ھڪجيترا مقبول يا نفرت لائق نہ رھندا آھن. اڄ جيڪو ماڻھو يا ماڻھن جو طبقو ڪنھن شيء جي باري ۾ ھا ٿو ڪري تہ اڳتي ھلي اھو ان جو انڪار ڪندو. اھڙي ريت ھن جو ابتڙ پڻ صحيح آھي.
منھنجو ھي ڪتاب ”دنيا جا مشھور فلسفا“ اصل ۾ ”پنھنجي اخبار“ ۾ مختلف فلسفن يا انھن سان لاڳاپيل منھنجي ڇپييل 33 ڪالمن (24 سيپٽيمبر 2022 کان 11 جولاءِ 2023) جو مجموعو آھي. ھر ھڪ فلسفو ھڪ منفرد مڪتبہ فڪر ۽ رنگين بلوري عينڪ مثل آھي جنھن وسيلي اسان کي شيون، فطري لقاء، اقدار ۽ سماجي سچائيون ان فڪر ۽ رنگ ۾ رڱيل نظر اينديون. فلسفو سائنس سميت سڀني علمن جي ماءُ آهي. هي اهو علم ۽ طريقہ ڪار آهي جنھن وسيلي اسان سچائي، علم، منطق، ذهن ۽ وجود بابت بحث ڪندا آهيون ۽ انھن جي حقيقت تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. مطلب تہ انسان، انساني سماج توڙي فطرت، فطري لقاءَ ۽ ڪائنات جي باري ۾ ڄاڻڻ جو شروعاتي توڙي موجودہ علم فلسفو ئي آهي. هن بدولت ڪيترا ئي مضمون ۽ موضوع هينئر الڳ سائنسون بڻجي چڪا آهن؛ جھڙوڪ فلڪيات، نفسيات، سماجيات، سياسيات، فزڪس، ڪيمسٽري، باٽني، زولاجي، جينيٽڪس وغيرہ فلسفو بنيادي طور شين ۽ لقائن بابت سوالن اٿارڻ جو علم آهي ۽ بعد ۾ اهو انھن سوالن جا مختلف پسمنظرن ۾ مختلف جواب ۽ حل پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سچائي جي نوعيت، علم، علم جا وسيلا، اخلاقيات، منطق، خوبصورتي، سياست، انصاف، ٻولي جي پيچيدگي، مابعدالطبيعات يا مذهب ۽ ان جي حقيقت وغيرہ فلسفي جا شعبا ۽ شاخون آهن.
مون کي يقين آهي تہ ھي ڪتاب پنھنجن پڙھندڙن کي شين ۽ سماجي لقائن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جا انيڪ رخ پيش ڪري سندن ذھن، سوچ ۽ سمجهہ کي وسعت بخشيندو. مون ڪوشش ڪئي آھي تہ ھن ۾ شامل ھر ھڪ فلسفي کي عام پڙھندڙن لاءِ عام فھم ۽ دلچسپ بڻايان. ان کان سواءِ اها پڻ ڪوشش ڪئي آهي تہ ھر ھڪ فلسفي جو تعارف، ان جو تاريخي پسمنظر، سندس باني ۽ حامي، ان جا اھم اصول يا اھم نقطا، ان جو ٻين شعبن تي اثر، ان تي ٿيندڙ تنقيد ۽ نتيجو پيش ڪريان ۽ آخر ۾ ان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ ۽ پڙھڻ لاءِ مددي ڪتاب پڻ ڏنا آھن.
مون مختلف فلسفن کي سندن ھڪجھڙائي، ڳانڍاپي ۽ سمجهڻ ۾ سولائي لاءِ انھن کي ھن ڪتاب جي چئن حصن ۾ ورھايو آھي. پھريون حصو روايتي يا ڪلاسيڪل فلسفا ڏهن فلسفن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ خيال=پسنديت، دواميت، حقيقت=پسنديت، عمل=پسنديت، فطرت=پسنديت، وجوديت، نوتعميريت، مشرقي فلسفو، صوفي ازم ۽ انسان=پسنديت جا فلسفا ڏنل آهن. ڪتاب جو ٻيون حصو تحقيقي فلسفا ٽن فلسفن تي مشتمل آهي، جن ۾ پازيٽوزم، تشريحيت ۽ پوسٽ ماڊرنزم شامل آهن. ڪتاب جو ٽيون حصو ادبي تنقيدي فلسفا نون ڪالمن تي ٻڌل آهي. هن جي پھرئين مضمون ۾ ادبي تنقيدي فلسفي جو تعارف ڏنل آهي ۽ پنج ادبي تنقيدي مقالا ڏنل آهن: فرائيڊ جي تحليلِ نفسي نظريي جو تعارف، ان نظريي تحت خوابن جي تعبير، ان نظريي تحت موت جي خوف جو جائزو؛ فيمينزم تنقيدي نظريو ۽ مارڪسزم تنقيدي نظريو. ان کان سواءِ هن حصي ۾ پروفيسر جيريمي سمٿ جي ڪتاب “انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز” بابت ٽي مضمون شامل آهن. ڪتاب جو آخري حصو منھنجي لکيل 11 مختلف فلسفيانہ ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. هن حصي ۾ پڙهندڙن کي علم جو نئون اوزار (ترجمو)؛ علم جو سفر؛ غار جا گمراھہ قيدي، پاڇا ۽ سچائي؛ چٻا ڦڏا ڪارا چشما؛ وهم ۽ وسوسا؛ صحيح ۽ غلط؛ اڄ ازل کان نئون آهي؛ ساڄڙ ۽ کاٻڙ؛ هٿراڌو ذهانت؛ بايو ٽيڪنالاجي جا معجزا ۽ خوشي بابت پرمغز ۽ ذهن کي جهنجهوڙيندڙ مواد ملندو.
هي ڪتاب فلسفي پڙهڻ جي شوقينن لاءِ توڙي عام پڙهندڙن، شاگردن ۽ استادن لاءِ لاڀائتو ٿيندو، خاص ڪري استادن جي پيشہ ورانہ ۽ تدريسي تربيتي ڊگرين جھڙوڪ بي ايڊ، ايم ايڊ توڙي ايم فل جي شاگردن لاءِ هڪ مددي ۽ حوالي جي ڪتاب طور ڪم ايندو.
فلسفي جي مشڪل مضمونن سان مون ڪيترو انصاف ڪيو آهي اهو فيصلو آئون پڙهندڙن، خاص طور تي فلسفي سان لاڳاپيل استادن، اديبن ۽ تنقيد نگارن تي ڇڏيان ٿو. اميد تہ هي منھنجو پورهيو اوهان کي پسند ايندو. آخر ۾ سوچ پبليڪيشن سيوهڻ شريف جي روح روان نامور نوجوان شاعر، محقق، اسڪالر، تاريخ نويس، نقاد، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳواڻ محترم مير حاجن مير جو ٿورائتو آهيان جنھن ڪتاب بابت مفيد مشورا پڻ ڏنا ۽ ڪتاب ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پھچايو.

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
سيوهڻ شريف
04.08.2023