تحليل نفسي نظرئي تحت موت جي خوف جو جائزو
موت متعلق پيڙائون ۽ تلخ تجربا زندگي جي ڪنھن نہ ڪنھن ڏاڪي تي اسان منجھان ھر ڪنھن جي زندگي جو حصو رھيا آھن، مثال طور والدين لاءِ پنھنجي ٻار جي موت جو تجربو يا بيماري ۾ سندس موت جي منھن ۾ وڃڻ جو خوف، ڪنھن مٽ مائٽ يا دوست جي حادثاتي موت جو تجربو، نوجواني ۾ مايوسي دوران خودڪشي جي خيالن جو تجربو، يا وري ماضيءَ ۾ موت متعلق ھروڀرو جا وسوسا ۽ خدشا ۽ انھن بابت موجودہ وقت ۾ موجود احساس جرم وغيرہ اھڙا تجربا آھن جن منجھان تقريباً ھر ڪو گذرندو آھي. جيئن تہ موت ھڪ اھڙو شعبو آھي جنھن کي سڌو سنئون ڪو بني بشر تجرباتي طور تي چکي ۽ بيان نہ ٿو ڪري سگهي ان ڪري ان کي اڪثر اڻ سڌيءَ ريت پنھنجن پيارن يا ٻين ماڻھن جي موت وسيلي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. ان ڪري موت جو تصور مخصوص مادي شيءِ بجاءِ مجرد (abstract) يا تصوراتي حقيقت رھيو آھي! اھو ئي سبب آھي جو نفسيات دانن کي ان جي تشريح ۾ وڌ ۾ وڌ ڏکيائي جو منھن ڏسڻو پيو آھي.
فرائيڊ جڏھن پنھنجي دور جي گهٽيل، جنگين ۽ مذھبي ور چڙھيل سماج ۾ ماڻھن جو انفرادي توڙي اجتماعي موت پوءِ ڀلي اھو جسماني گهٽ پر نفسياتي وڌيڪ وڌيڪ ھو ڏٺو تہ ھن موت کي پڻ ھڪ انساني فطرت ۽ ضرورت طور سمجهيو ۽ پيش ڪيو. فرد توڙي قوم جي لحاظ کان جڏھن سندن داخلي ۽ جذباتي مونجهارا ذاتي ۽ اجتماعي خودڪشي جو ڏيک ڏيڻ لڳا تہ ان تناظر ۾ فرائيڊ کي موت ھڪ ناگزير مسئلو ۽ جبلي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳو، ان ڪري ھن تعمير ۽ تخريب جي حوالي سان انسان ۾ ٻن اھم قوتن جي ھجڻ جو تصور پيش ڪيو: ايروز يا زندگيءَ جي قوت (Eros or Life-drive) ۽ ٿيناٽوز يا موت جي قوت (Thanatos or Death-drive). موت کي ھڪ جبلي ضرورت طور مڃڻ اصل ۾ اسان کي ان متعلق گهرائي ۾ وڃڻ ۽ اھڙي کوجنا ڪرڻ ۽ ان کان فرار جا رستا ڳولڻ کان روڪي ٿي ۽ ان کي جيئن جو تيئن تسليم ڪندي ان کي ناقابلِ تسخير بڻائي ٿي (ھراري مطابق ھن وقت ھڪ اھڙي سائنسي پروجيڪٽ تي ڪم ٿي رھيو آھي جيڪو مستقبل جي ھڪ يا ٻن ڏھاڪن ۾ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلابن جي سنگم جي صورت ۾ انسان کي ان قابل بڻائي ڇڏيندو تہ اھو نہ رڳو موروثي بيمارين کي مڪمل ختم ڪري ڇڏيندو پر ان سان گڏ اھو نين بيمارين کي جسم ۾ پيدا ٿيندي ئي رت ۾ ڊوڙندڙ نينو روبوٽس وسيلي مات ڏئي ڇڏيندو. ان جي نتيجي ۾ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي ۾ اڳواڻي ڪندڙ اولھ جي ملڪن جو ننڍو حڪمران طبقو پنھنجو پاڻ کي فاني منجھان لافاني بڻائي ڇڏيندو؛ اھي خدا بڻيل حڪمران لامحدود جسماني، ذھني، جذباتي ۽ سماجي طاقتن ۽ صلاحيتن جا حامل ھوندا ۽ بھشت جي تصوراتي خوابن جي ساڀيان حاصل ڪري چڪا ھوندا؛ يعني اھي سدا حيات، سدا حسين، سدا جوان ۽ سدا خوش رھڻ وارن خوابن کي حقيقتن جو روپ ڏئي چڪا ھوندا. اھو ننڍو حڪمران ٽولو ٽيڪنالاجي ۾ پوئتي پيل اسان پارن ملڪن جي اربين ماڻھن جي جسمن، ذھنن، جذبن، سوچن ۽ فيصلن کي يرغمال ڪري انھن کي ”بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو“ ٺاھي ڇڏيندو جيڪي پنھنجي بقا ۽ بنيادي ضرورتن جي پورائي لاءِ انھن جي رحم ڪرم تي ھوندا).
اسان مان اڪثر جو اھو خيال ۽ نظريو ھوندو آھي تہ موت اصل ۾ اسان جو ھر شيءِ کان لاتعلق ٿي وڃڻ ۽ اڪيلو ٿي وڃڻ جو احساس ۽ خوف آھي. موت ھر شيءِ کان، ھر ماڻھو کان، ھر احساس کان ۽ ھر خوشيءَ کان مڪمل ۽ قطعي عليحدگي آھي چاھي اسان ڪنھن ماڻھوءَ سان، پنھنجن پيارن سان، پنھنجي قبيلي ۽ ملڪ سان ڪيترو ئي گهرائي سان، ويجھڙائي سان ۽ اٿاھ پيار سان ڇونہ جڙيل ھجون! ٻين لفظن ۾ اسان مان ھر ڪنھن کي اڪيلو ئي مرڻو آھي. ڀلي اسان سوين ماڻھن سان گڏ ھوائي جهاز جي ڪنھن حادثي ۾ ئي ڇو نہ مرندا ھجون، پر اسان مان ھر ھڪ اڪيلو ٿي پنھنجو خانگي موت ئي مرندو. ھن تناظر ۾ مذھبي نظريا انسانن کي عظيم تسلي ۽ آرام فراھم ڪن ٿا ۽ اھو يقين ڏيارين ٿا تہ مرڻ کان پوءِ ڀلي دنيا جا سڀ ماڻھو اسان کي اڪيلو ڇڏي وڃن پر اسان اڪيلا نہ ھونداسين ڇو تہ آسمانن ۾ خدا اسان سان ھميشہ ۽ ھر وقت گڏ ھوندو.
اڪيلو ٿيڻ جو احساس رڳو اسان جي پنھنجي موت سان لاڳاپيل نہ آهي پر اھو اسان جي پيارن جي موت سان پڻ لاڳاپيل آهي؛ مثال طور جڏھن ٻارن کان انھن جي والدين مان ھڪ کي موت کسيندو آھي، يا موت والدين کان سندن ڪو ٻار کسيندو آھي، يا موت زال کان سندس مڙس کي جدا ڪري ڇڏيندو آھي، يا موت مڙس کان سندس زال ڦري وٺندو آھي تہ اھڙين صورتن ۾ اصل خوف ٻيو ڪو نہ پر پنھنجي اڪيلو ٿي وڃڻ جو ئي ھوندو آھي. اھو ئي سبب آهي جو بيخودي ۾ مرتئي تي پونئرن جون ڪجه اھڙيون ماتمي دانھون ٻڌڻ ۾ اينديون آھن: ”توھان مونکي نٿا ڇڏي وڃي سگهو“، ”توھان مونکي ڪيئن ٿا ڇڏي سگهو؟“، ”ڇا توھان مون سان پيار نہ ٿا ڪريو؟“ ۽ اھو صدمو اندر ۾ لڪل احساس جرم کي بہ جاڳائي سگهي ٿو: ”ضرور مون کان ڪا غلطي ٿي آھي“، ”ضرور مون توھان کي رنجايو ھوندو“. اھا پيڙا ايتري تہ تڪليف پھچائيندڙ ھوندي آھي جو ڪجهہ ماڻھو موت جي خوف کي پنھنجي محبوب کان ڌار ٿيڻ سان مشروط ڪري ڇڏيندا آھن ۽ فقط ان ڊپ کان تہ متان ڪڏھن پنھنجي پياري کان جدا ٿي وڃون، اھي ڪنھن جي ايترو ويجهو ئي نہ ويندا آهن يا ٻئي کي ايترو ويجهو ٿيڻ نہ ڏيندا آھن جو اھي انھن سان پيار ڪرڻ لڳي وڃن. ياد رھي تہ جيڪي ماڻھو عادي طور تي ھڪ کان وڌيڪ چالو عورتن يا لوفر مردن سان وقتي جنسي لاڳاپا رکندا آھن شايد اھي پڻ موت جي خوف ۽ پنھنجي پياري محبوب جي دائمي وڇڙڻ جي خوف ۾ مبتلا ھوندا آھن! اھڙو نفسياتي خوف جڏھن وڌي ويندو آهي تہ ڪجه ماڻھن ۾ ھر ڳالھہ ۽ ھر شيءِ لاءِ دلچسپي پڻ ختم ٿي ويندي آهي. حالتون جڏھن وڌيڪ ڳنڀير ٿي وينديون آھن تہ ماڻھو ايئن سوچيندو آھي تہ ھر ڪم ۾ ۽ ھر ڳالھہ ۾ جيئن تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ رسڪ يا خطرو ھوندو آھي انڪري زندہ رھي پنھنجي زندگي ڇو داءُ تي لڳائجي! اھڙي صورت ۾ اھڙا ماڻھو يا تہ زندہ لاش بڻجي ويندا آھن يا وري انتھائي قدم کڻندي خودڪشي ڪري ڇڏيندا آھن.
جيڪڏھن موت کي جسماني (خودڪشي) نہ پر نفسياتي ۽ ذھني موت طور ڏسون تہ اسان کي جيڪي اڪثر ماڻھو پنھنجن پيارن کان، پنھنجن ٻارن کان، پنھنجي صحت کان، ظاھري ڏيک يا خوبصورتي کان يا پئسن کان لاتعلق بڻجي ويندا آھن اھي دراصل ماضي ۾ پھتل ڪجهہ صدمن جي ڪري جذباتي موت جو شڪار ٿيل ھوندا آھن. ٻين لفظن ۾ انھن جو لاشعور انھن کي اھو ياد ڏياريندو رھندو آھي تہ جيڪڏھن اھي ڪنھن خوشي کي محسوس ئي نہ ڪندا تہ انھن کي ان جي کسجڻ جو ڏک بہ نہ ٿيندو، يا وري انھن وٽ ڪجه ھوندو ئي نہ تہ پوءِ ان جي کسجڻ ۽ ڦرجڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. فرائيڊ مطابق جن ماڻھن جي زندگي ۾ موت جو خوف جيترو غالب ھوندو آھي تہ عجيب ڳالھہ اھا آھي تہ انھن جا رويا جسماني موت (خودڪشي) توڙي نفسياتي يا جذباتي موت (ماڻھن ۽ شين سان لاتعلقي) ڏانھن اوترا وڌيڪ گهرا بڻجي ويندا آهن. اھي اندر جا جهريل ۽ مئل ماڻھو زوري زنا، ٻارن تي تشدد، ايڊز، جيون ساٿين جي قتل يا تشدد، قدرتي آفتن جھڙوڪ زلزلن، سيلابن ۽ ڏڪارن تي ٺھيل عام آگاھي جي ڊاڪيومينٽريز توڙي خونخوار ڀوائتيون فلمون ڏسي نہ سگهندا آھن.
ڳالھہ جو ڳاٽو جيڪڏھن وٺجي تہ اھو وڃي بيھندو تہ سگمنڊ فرائيڊ جا تحليل نفسي ۾ موت جي خوف متعلق پيش ڪيل تصور اڄ بہ تمام اھميت جا حامل آھن ۽ انساني نفسيات سندس پيش ڪيل نظرين ۽ تصورن کان سواءِ اڻپوري آھي.
مددي ڪتاب:
1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London
2. Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin.