مشرقي فلسفو
مشرقي فلسفو ھڪ شاھوڪار ۽ مختلف فلسفو آھي جيڪو قبل مسيح دؤر ۾ دنيا جي اڀرندي علائقن يعني ايشيا جي ھندوستان، چائنا ۽ جاپان جي روايتن مان ڦٽي نڪتو ھو ۽ اڄ تائين ڪروڙين ۽ اربين ماڻھن جي زندگين تي اثرانداز ٿي رھيو آھي. ھي مختلف فلسفيانه، روحاني ۽ اخلاقي روايتن تي مشتمل آھي جيڪي ماڻھن کي سچائي، روح، انساني وجود، سياڻپ ۽ روشن خيالي جي دڳ ڏانھن رھنمائي ڪن ٿيون. هن مضمون ۾ ھن فلسفي جي تاريخ، بنيادي تصورن، ٻين مضمونن تي اثر، تنقيد ۽ نتيجي بابت بحث ڪيو ويو آھي.
تاريخ:
مشرقي فلسفي جون پاڙون ھزارين سال آڳاٽي ھندوستان، چين ۽ جاپان جي قديم شاندار تھذيبن ۾ کتل آهن. هندوستان ۾ ھن فلسفي جا پيرا ۽ اھم خيالات قديم ويدڪ دؤر (1500-500 ق.م) جي ڪتابن جھڙوڪ ويدن، اپنشد ۽ ڀڳود گيتا ۾ ملن ٿا. انھن ڪتابن ۾ اسان کي ڪرما (عمل ۽ نتيجو)، ڌرما (عمل/فرض) ۽ موڪشا (ڄمڻ ۽ مرڻ جي چڪر يعني جوڻ مٽائڻ مان آزادي) بابت لکڻيون ۽ سمجهاڻيون ملن ٿيون جيڪي ڌرتي توڙي ڪائنات جي سڀني جاندار توڙي بي جان مخلوقات جي تسلسل يعني هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ھجڻ، انھن جي مسلسل تبديل ٿيڻ ۽ خود آگاھي يا پاڻ سڃاڻڻ جي عظيم مقصد جي حصول تي زور ڏين ٿيون. چين ۾ ڪنفيوشيس (551-479 ق.م) ۽ لائوزي (ڇھين صدي ق.م) جي تعليمات ھيٺ ڪنفيوشينزم ۽ ڊائوازم (يا تائو-ازم) جو بنياد پيو. ڪنفيوشينزم نظرئي جو زور يا بنياد اخلاقي روين، سماجي هم آهنگيءَ ۽ ابن ڏاڏن جي احترام تي هو؛ جڏهن تہ ڊائوازم جو زور ڊائو يا ڪائناتي روح/آفاقي اصولن سان هم آهنگيءَ ۽ سادگي سان رهڻ تي آھي؛ ڊائو يا تائو اھو ناقابل بيان اصول آهي جيڪو سڀني وجودن، مخلوقن ۽ تخليقن جو لازمي جزو ۽ روح آھي. جڏھن تہ جاپان جي جين-ٻڌمت، بشيدو ۽ شنتوازم مطابق مراقبي، اعلي اخلاقي قدرن، ابن ڏاڏن جي احترام ۽ سڀني شين جي روحن سان ھم-آھنگي وسيلي ذھن ۽ ڪائنات جي سچائين تائين پھچي سگهجي ٿو.
مکيہ مفھوم:
مشرقي فلسفو ڪيترن ئي فلسفيانہ تصورن ۽ نظرين تي مشتمل آهي جن مان ڪجهہ اهم تصورات ھي آھن:
هندومت:
هندومت فلسفي ۾ ھي تصور اھم آھن؛ برهما (مطلق يا حتمي حقيقت)، آتما (روح يا اصلي-پاڻ)، جوڻ مٽائڻ (نئين روپ ۾ ٻيھر جنم وٺڻ) ۽ نجات جا رستا (يوگا جي طريقن سان جسماني ۽ ذھني طاقتون تسخير ڪري زندگي کي معني ڏيڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ) جھڙوڪ ڪرما يوگا، ڀڪي يوگا، ۽ جنانا يوگا. ھندوازم ۾ جوڻ مٽائڻ يا وري جنم وٺڻ مان مراد مادو يا روح/شعور غيرفاني آھي جيڪو وقت سان گڏ تبديل ٿيندو رھي ٿو.
ٻڌمت:
سدھارٿ گوتم-ٻڌ پاران متعارف ڪرايل ٻڌ ڌرم چار عظيم سچائين (ڏک/پيڙا، ڏک جو سبب، ڏک جو خاتمو، ۽ ڏک جي خاتمي جو سبب)، چوٿين سچائي جي اٺ رستن (يعني ڏک جي خاتمي لاءِ صحيح نظر يا تناظر، صحيح ارادو، صحيح ڳالھہ ٻولهه، صحيح عمل، صحيح ڪمائي ۽ گذر سفر، صحيح ڪوشش، صحيح ۽ سرگرم ذھن، ۽ صحيح توجهہ)، ۽ ذهن جي مشق يا مراقبي سان زندگيءَ جي مصيبتن کي گهٽائڻ ۽ روشن خيالي يا سچ جي روشنيءَ تائين پھچڻ (نرواڻ-پد حاصل ڪرڻ) جي تعليم ڏئي ٿو.
ڪنفيوشينزم: چيني ڪنفيوشيس جو فلسفو سماجي اخلاقيات، ابن ڏاڏن جي احترام، اخلاق جي آبياري ۽ رسمن ۽ روايتن توڙي مناسب تعلقات جي مشق سان سماجي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏئي ٿو.
ڊائو-ازم:
چيني ڊائو-ازم اسان کي پنھنجي زندگي ”ڊائو يعني ڪائناتي روح يا قانون“ سان هم آهنگ ٿي گذارڻ ۽ شين جي مسلسل تبديل ٿيڻ جو درس ڏئي ٿو. ھي هڪ فطري ۽ پاڻ مرادو طريقو آهي جيڪو انسانن جي اندر يا باطن ۾ نيڪين جھڙوڪ سادگي، تڪڙو ۽ پاڻ مرادو مدد لاءِ اٿي پوڻ ۽ ذاتي رنج ملڻ جي صورت ۾ خاموش رھڻ يا صبر ڪرڻ (وُو وي جي پيروي ڪرڻ يعني ڪو بہ عمل نہ ڪرڻ) جي پرورش ڪري ٿو. وُو-وي جو ھروڀرو اھو مطلب ڪونھي تہ ماڻھو ظلم ئي سھندو رھي پر ان جو مطلب اھو آھي تہ ڪائناتي روح مطابق شيون ھڪ حالت ۾ سدائين لاءِ رھڻيون ناھن پر پنھنجي وقت تي تبديل ٿيندڙ آھن، ان ڪري ھروڀرو جي واويلا کان پاسو ڪجي.
جين ٻڌ-ازم، بشيدو ۽ شنتو-ازم:
جاپان جا ھي فلسفا ترتيبوار مراقبي؛ ويڙهاڪ زميندار ۽ سميرائي طبقي جي اعلي۱ اصولن جھڙوڪ وفاداري، عزت، ذاتي-ضابطي ۽ اخلاقي پيروي؛ ۽ جاپاني قوم جي عام ثقافتي لاڙن جھڙوڪ فطري قوتن، روحن ۽ ابن ڏاڏن جي احترام جي تعليم ڏين ٿا.
ٻين شعبن تي اثر:
مشرقي فلسفي جو ڪيترن ئي شعبن تي گهرو اثر پيو آهي. مذهب ۽ روحانيت جي لحاظ کان ھن جي اثر ھيٺ اوڀر ۾ ڪجهہ وڏا مشرقي مذھب جھڙوڪ هندوازم، ٻڌازم ۽ تائوازم ارتقا ڪري چڪا آھن ۽ سڄي دنيا جي مذهبي منظرنامي تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. يوگا ۽ آڪيو پنڪچر جو واسطو نفسياتي قوت حاصل ڪرڻ ۽ تڪليف گهٽائڻ سان آھي. ان کان سواءِ جاپاني روايت ۾ مراقبو ڪائنات ۽ زندگي جي سچائي تائين پھچڻ جو وسيلو آھي. نفسيات ۽ ذهانت جي حوالي سان ٻڌمت جا يوگا ۽ مراقبي جا تصور عصر حاضر جي نفسياتي علاج، شعور جي مطالعي، خود آگاهي ۽ ذھني صحت يا تندرستي کي فروغ ڏئي رھيا آھن. دوائن ۽ علاج جي حوالي سان يوگا، آڪيو پنڪچر ۽ آيورويدڪ علاج جي طريقن جون پاڙون پڻ مشرقي فلسفي ۾ کتل آھن جيڪي ھاڻي مغرب ۾ بہ مشھور ٿي رھيا آھن. آرٽ ۽ جماليات جي حوالي سان مشرقي ڪيليگرافي، پينٽنگ ۽ شاعري ھاڻي پنھنجو الڳ وجود، ذائقو، لھجو ۽ اثر ڌاري چڪي آھي. ان کان سواءِ فنون لطيفه ۾ وابي- وابي جو مشرقي تصور (غير ڪامل ھئڻ کي تسليم ڪرڻ) مغربي پوسٽ ماڊرنزم جي ويجهو آھي.
تنقيد:
ھتي اهو نظر ۾ رکڻ ضروري آهي تہ مشرقي فلسفو ڪنھن ھڪ نظرئي يا سوچ تي نہ پر مختلف قسم جي سوچن ۽ نظرين تي مشتمل آهي جھڙوڪ هندو-مت، ٻڌ-مت، ڪنفيوشينزم، ڊائوازم (يا تائوزم)، جين ٻڌازم، بشيدو ۽ شنتوازم وغيرہ. هنن مان ھر هڪ نظريو پنھنجي منفرد تعليمات ۽ اصولن تي مشتمل آهي. باقي مجموعي تنقيد ۾ سڀ کان پھريون اعتراض سندس ثقافتي تناظر ۽ تعلق جي محدوديت آھي ڇو تہ ھن جا تصور ۽ طريقا مشرقي ثقافت ۽ ٻولي (پراسرار ٻولي: تجريدي تصورن، محاورن ۽ پھاڪن) سان جڙيل آهن جيڪي ٻين لاءِ سمجهڻ مشڪل آھن. ٻيو تہ ھن جا مابعدالطبعياتي تصور جھڙوڪ روحاني، وجداني ۽ مراقبي وسيلي حاصل ٿيل سمجهہ موضوعي محسوسات سان تعلق رکي ٿي ۽ پنھنجي دعوائن ۾ سائنسي، تجرباتي ۽ تصديقي ثبوتن ۾ کٽل آھي. ھن تي ٽيون اعتراض سندس اجتماعي مسئلن کان لاتعلق بڻجي مراقبي ۽ روحاني طريقن سان انفرادي اصلاح تي زور ڏيڻ آھي.
ڪجهہ نقادن جو اھو بہ خيال آهي تہ انفرادي توڙي اجتماعي تڪليفن ۽ مصيبتن جي تناظر ۾ وُو-وي (ماڻھو جي غير فعاليت) سماجي ناانصافين کي ھٿي ڏئي ٿي.
نتيجو:
مجموعي طرح سان مشرقي فلسفو (ھندوستان جو ھندومت ۽ ٻڌمت، چائنا جو ڪنفيوشينزم ۽ ڊائوازم/تائوازم ۽ جاپان جو جين مت، ٻڌمت، بشيدو ۽ شنتوازم) قبل مسيح کان حال تائين سچائي، انساني وجود، روح يا اصلي-پاڻ، ۽ هڪ بامعني زندگي جي سمجهہ ۽ جستجو لاءِ ھڪ منفرد ۽ نئين بصيرت وارو دڳ فراھم ڪري ٿو. سندس بنيادي تصورن مان ھڪ اھو آھي تہ ڪائنات جون سڀ شيون ۽ انسان ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل، ھم آھنگي ۽ توازن ۾ آھن. ھي فلسفو اسان کي انساني محسوسات ۽ تجربن جي عميق ۽ پيچيدہ دنيا کي سمجهڻ لاءِ مراقبي وسيلي خود آگاھي، شفقت، ھمدردي ۽ موجودہ وقت ۽ حالتن جو شعور عطا ڪري ٿو. ھي فلسفو ھڪ پاسي اسان کي ڪائنات جي وسيع تناظر ۾ ھڪ بامعني زندگي گذارڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، تہ ٻئي پاسي ڪثرت ۾ وحدت، ۽ اختلاف ۾ ھم آھنگي ۽ توازن جو درس ڏئي ٿو.
مددي ڪتاب :
1. Ames, R. T., & Hall, D. L. (2003). Dao De Jing: A Philosophical Translation. Ballantine Books.
2. Confucius. (2014). The Analects. Penguin Classics.
3. De Bary, W. T., & Bloom, I. (Eds.). (1999). Sources of Chinese Tradition: From Earliest Times to 1600 (Vol. 1). Columbia University Press.
4. Englehardt, E. E. (Ed.). (1986). The Foundations of Bioethics. Oxford University Press.
5. Feuerstein, G. (2003). The Yoga Tradition: Its History, Literature, Philosophy, and Practice. Hohm Press.
6. Fischer-Schreiber, I., Ehrhard, F., & Diener, M. S. (Eds.). (1991). The Shambhala Dictionary of Buddhism and Zen. Shambhala Publications.
7. Harvey, P. (2013). An Introduction to Buddhism: Teachings, History, and Practices (2nd ed.). Cambridge University Press.
8. Kripal, J. J. (2007). Esalen: America and the Religion of No Religion. University of Chicago Press.
9. Laozi. (1997). Tao Te Ching. Shambhala.
10. Lopez, D. S. (2008). Buddhism and Science: A Guide for the Perplexed. University of Chicago Press.
11. Loy, D. (1988). Nonduality: A Study in Comparative Philosophy. Humanity Books.
12. Radhakrishnan, S., & Moore, C. A. (Eds.). (1957). A Source Book in Indian Philosophy. Princeton University Press.
13. Radhakrishnan, S., & Moore, C. A. (Eds.). (1957). A Source Book in Indian Philosophy. Princeton University Press.
14. Sharma, A. (1993). A Critical Survey of Indian Philosophy. Motilal Banarsidass.
15.Smith, H. (1991). The World's Religions. HarperOne.
16.. Unschuld, P. U., & Tessenow, H. (2016). Huang Di Nei Jing Su Wen: Nature, Knowledge, Imagery in an Ancient Chinese Medical Text. University of California Press.