حقيقت-پسنديت يا عقليت جو فلسفو
حقيقت-پسنديت جي ابتدا، ارتقا ۽ حامي:
سخت خيال-پرستن (Idealists) جو نظريو هو تہ سچائي ٻاھرين دنيا ۾ معروضي طور موجود نہ آھي پر اسان جي ذهني پيداوار يعني موضوعي (Subjective) آھي؛ ان ڪري دنيا ۽ ان جون شيون بذات خود ڪجهہ بہ نہ آھن پر ماڻھن طرفان انھن تي مڙھيل معنائون ۽ تشريحات آھن. اھڙي قسم جي انتھائي ناقص سوچ کي حقيقت پسندن (Realists) رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو تہ ٻاھرين يعني مادي دنيا هڪ معروضي حقيقت آهي جيڪا اسان جي تصورن ۽ تشريحن کان آزاد آهي ۽ ان معروضي سچائي تائين رسائي حواسي معلومات وسيلي ممڪن آھي. ھن فلسفي جون پاڙون قديم يوناني فلسفي ارسطو (Aristotle 384-322BC) تائين وڃن ٿيون جنھن پنھنجن مشاھدن جي بنياد تي لڳ ڀڳ 150 ڪتاب لکيا ھئا. ھن علي الاعلان چيو تہ مادو/مادي دنيا جون شيون اسان جي ذھني خام خيالي کان ٻاھر الڳ وجود رکندڙ ۽ معروضي دنيا جون مشاھدي ۾ ايندڙ ۽ تصديق ٿيندڙ حقيقتون آهن. مثال طور ھڪ وڻ مادو آھي جنھن سان سندس ٿولهه، اوچائي، رنگ، شڪل وغيرہ جھڙيون خاصيتون لازمي ۽ ذاتي طور جڙيل آھن. انھن خاصيتن بابت چاھي اسان سوچيون يا نہ سوچيون پر اھي ٻاھرين دنيا ۾ ان وڻ سان گڏ موجود ئي ھونديون. ارسطو جو خيال ھو تہ اسان جا حواس ٻاھرين دنيا جي شين سان لاڳاپن، انھن جي مشاھدن ۽ تجربن وسيلي ڀروسي لائق معروضي علم فراھم ڪن ٿا ۽ حواسي علم وسيلي ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ ۽ تجزئي وسيلي اسان دنيا کي گهرائي ۾ سمجهي سگهون ٿا.
تاريخ جي وچئين دور جي مسلمان فلسفين ۽ دانشورن اٺين کان تيرھين صدي دوران حقيقت پسنديت جي فروغ لاءِ وڏو ڪم ڪيو ھو. ھن عرصي کي مسلمانن جو سونھري دؤر پڻ سڏبو آھي. ھن سونھري دور ۾ ڪيترن ئي مسلمان دانشورن ۽ سائنسدانن ارسطو جي حواسي مشاھدن ۽ تجربن وسيلي ڀروسي لائق علم جي پيروي ۾ سائنسي سوچ ۽ عمل کي فروغ ڏنو، جڏھن تہ يورپ ۾ عين اھو دور علم ۽ تحقيق جي حوالي سان اونداھو دور ليکيو ويندو آھي. ھن دؤر جي نامور مسلمان دانشورن ۾ ابن الھيشم، ابن الرشد، الفارابي، ابن السينا، ابن الخلدون، جابر ابن الحيان ۽ ڪيترن ئي ٻين دانشورن، فلسفين ۽ سائنسدانن فلسفي، حسابن، فلڪيات، فزڪس، طب ۽ ڪيميا ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪيترن ئي شعبن جا باني پڻ بڻيا.
ارسطو جي حقيقت پسنديت جي نظرئي جو ھڪ پاسي مغربي فلسفي تي وڏو اثر پيو، تہ ٻئي پاسي مغربي مفڪرن جھڙوڪ ٿامس اڪئيناس ۽ جان لاڪ ھن نظرئي ۾ پڻ وڌيڪ ترقي ۽ سڌارو آندو. مغربي مذھبي فلسفي ٿامس اڪئيناس (1224-1274) جو خيال ھو تہ ڌرتي يا دنيا جو خالق خدا آھي، اھا ذھن کان الڳ مادي وجود رکي ٿي ۽ ان کي مشاھدي ۽ عقل سان سمجهي سگهجي ٿو. جان لاڪ (1632-1704) کي جديد مغربي فلسفي يا سائنس جو باني پڻ چيو ويندو آھي. ھن خيالن ۽ تصورن جي پيدائشي ۽ ازلي ھجڻ ۽ سچائي جي موضوعي ھجڻ جو انڪار ڪندي چيو تہ معروضي علم حواسي معلومات جي بنياد تي ڪيل تجربن ۽ انھن جي ڇنڊ ڇاڻ وسيلي پيدا ٿئي ٿو. ساڳئي سلسلي ۾ ٿامس ھوبس (1588-1679) انساني تصورن جي پيدائشي يعني ازلي ۽ ابدي ھئڻ جو انڪار ڪيو؛ سندس نظريو ھو تہ حواسي ۽ منطقي علم ئي حقيقي علم ھو.
بعد ۾ رومانيت (Romanticism) يورپ، خاص طور جرمني، ۾ 18ھين صدي جي آخر کان 19ھين صدي جي وچ تائين ھلندڙ ھڪ فني ۽ ثقافتي تحريڪ طور اڀري جنھن جو مرڪزي نقطو انساني جذبات، تصورات ۽ انفراديت جو اظھار ۽ انھن جي پذيرائي ھو؛ ان کان سواءِ انسان جي ماضي، فطرت جي شين ۽ لقائن توڙي مافوق الفطري شين، لقائن ۽ تصورن جو آزادانہ اظھار ۽ پذيرائي پڻ ھن تحريڪ جو حصو ھو. رومانيت تحريڪ جي رد-عمل طور ان وقت جرمني جي خيال-پسندن، جھڙوڪ ايمينوئيل ڪانٽ (1724-1804)، جوھان گوٽليب فچي (1762-1814) ۽ جارج ولھيلم فريڊريڪ هيگل (1770-1831) پنھنجو الڳ نظريو جرمن خيال-پسنديت (German Idealism) پيش ڪيو. ھن مطابق فرد جو انفرادي ذھن ۽ آزاد شعور يا عقل ئي سچائي جوڙي سگهي ٿو. ھيگل، ڪانٽ ۽ فچي جي تصورن کي سڌاري ٽياڪڙي (Traid) جو نظريو پيش ڪيو جنھن مطابق ھڪ خيال (Thesis) جي مقابلي ۾ جڏھن ان جو رد-خيال (Anti-thesis) سامھون اچي ٿو تڏھن ئي نئون خيال (Synthesis) جڙي ٿو جيڪو پھرين ٻنھي خيالن کان بھتر ھوندو آھي ۽ سچائي جي ويجهو ھوندو آھي. ھن طريقي کي بحث وارو طريقو (Dialectic) پڻ چئبو آھي. ھيگل جي فلسفي ۽ نظرين اڳتي ھلي يورپ ۾ مارڪسزم (Marxism)، وجوديت (Existentialism) ۽ روشن خيالي (Enlightenment) جون راھون ھموار ڪيون.
”رين ڊيڪارٽي (1596-1650) “حواسي مشاھدن ۽ تجربن جو حامي ھو ۽ معروضيت جو قائل ھو؛ ”جان لاڪ (1632-1704)“ جو خيال ھو تہ نئين ڄاول ٻار جو ذھن خالي سليٽ وانگر آھي جنھن تي ماحول ۽ ٻار جو ماحول سان رابطو پنھنجا نقش چٽيندو آھي. ان کان پوءِ جان اسٽئارٽ مل (1806-1873) پڻ حقيقت-پسند فلسفين مان هو، جنھن دليل ڏنو تہ علم حسي تجربي تي ٻڌل آهي ۽ سائنسي مشاهدو ئي دنيا جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو واحد قابل اعتماد طريقو آهي. ھن مطابق حواسي مشاھدن ۽ تجربن وسيلي حاصل ٿيندڙ علم ڀروسي وارو ۽ تصديق جي قابل ٿئي ٿو، انڪري سندس خيال ھو تہ تعليمي نظام جو بنياد اھڙي علم تي ٻڌل ھئڻ گهرجي ۽ حواسي مشاهدن، تجربن ۽ تجزين کي فروغ ڏيندڙ ھئڻ گهرجي. برطانوي ڏاھو برٽرينڊ رسل (1872-1970) جيڪو ھڪ ئي وقت فلسفي، حسابن ۽ ادب ۾ اھم نالو ھو، جو خيال ھو تہ سائنس ۽ سائنسي تجزيا ڀروسي لائق معلومات جا وسيلا آھن.
20ھين صدي عيسويءَ دوران، حقيقت پسنديت ۾ ارتقا جو سلسلو جاري رهيو ۽ نون خيالن ۽ للڪارن جي جواب ۾ ترقي ڪندو رهيو. ھن فلسفي اندر اهم ترقي تنقيدي حقيقت پسنديءَ (Critical Realism) جو اڀرڻ هو، جنھن دنيا ۽ سماج بابت اسان جي سمجهہ لاءِ شين جي فطري ماحول، تناظر يا تاريخي اثرن جي اهميت تي زور ڏنو. هن فلسفي جو انسانن تي وڏو ٿورو اھو آھي تہ ھن سائنسي حقيقت پسنديءَ (Scientific Realism) جي راھ ھموار ڪئي جنھن مطابق سائنسي نظريا نہ رڳو دنيا جي اڳ ڪٿي ڪرڻ ۽ وضاحت ڪرڻ لاءِ ڪارآمد اوزار آھن پر اھي معروضي سچائين جي ٺيڪ ٺيڪ وضاحت ۽ تشريح ڪندڙ پڻ آھن.
حقيقت پسنديت جا اصول ۽ شاخون:
ھن فلسفي جا ڪجهہ اصول ۽ گڻ آهن جيڪي ھن فلسفي کي مخصوص ۽ مختلف رخ ڏين ٿا نتيجي ۾ انھن اصولن جي بنياد تي ھن جون مختلف شاخون جڙي ويون آھن. اچو تہ مختصر طور تي انھن جو ذڪر ڪريون:
• معروضيت (Objectivity): حقيقت پسندن جو خيال آهي تہ دنيا ھڪ معروضي حقيقت آهي جيڪا اسان جي تصورن ۽ تشريحن کان آزاد وجود رکي ٿي.
• تجربا ۽ تصديق (Empiricism): حقيقت پسندن جو خيال آهي تہ علم حواسي تجربن تي ٻڌل آهي ۽ سائنسي مشاهدو دنيا جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد طريقو آهي.
• عقليت (Rationality): حقيقت-پسند دنيا کي سمجهڻ ۾ دليل ۽ منطق جي اهميت تي زور ڏين ٿا.
• شڪ (Skepticism): حقيقت-پسند مطلق سچائين (Absolute Realities) ۽ دعوائن جا شڪي آهن ڇو تہ انھن کي تجرباتي طرح سان، ثبوتن سان يا عقلي دليلن سان ثابت نہ ٿو ڪري سگهجي.
• فطرت پسندي (Naturalism): حقيقت پسند اھو مڃيندا آهن تہ فطرت جا قانون عالمگير آھن ۽ اھي دنيا ۽ ڪائنات جي ھر شيءِ تي لاڳو ٿين ٿا. ٻين لفظن ۾ دنيا ۾ ڪي بہ مافوق الفطرت يا مابعدالطبعياتي شيون يا قوتون ڪم نہ ٿيون ڪن.
حقيقت-پسنديت فلسفو ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿيو آھي. مثال طور ھن جا حامي آرٽ جي تخليقن ۾ ھروڀرو جي وڌاء کي پسند نہ ڪندا آھن ۽ طبعي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکڻ جا حامي آهن ۽ گهڻو ڪري روز مره جي زندگيءَ جي معاملن تي توجهہ ڏيندا آهن؛ ادب ۾ ھيروازم بدران زندگي جا عام ڪردار ۽ انھن جي گهريلو، سماجي ۽ معاشي زندگي ۽ ماڻھو اھميت رکن ٿا؛ سياست ۾ طاقت ۽ طاقتور ڌرين جي مفادن، بين الاقوامي معاملن ۽ مفادن جا ڳجهہ، ۽ حڪمران ۽ عوامي طبقن جي وچ ۾ فرق ۽ ناانصافي جي سائنسي اپٽار ڪئي ويندي آھي؛ ۽ معاشيات ۾ عوامي ڀلي لاءِ پاليسين ۽ عملي اقدامات جو سياسي مفادن جي حوالي سان تجزيو ڪيو ويندو آھي.
مٿئين بحث جو نتيجو اھو ٿو نڪري تہ حقيقت-پسنديت هڪ قديم، پيچيدہ ۽ گهڻ رخي تصور ۽ فلسفو آهي جيڪو اسان جي مادي دنيا کي معروضي سچائي سمجهي ٿو، ۽ ان دنيا جي حواسي مشاھدن، تجربن ۽ تجزين تي آڌاريل علمن، سچائين ۽ نظرين تي يقين رکي ٿو جن کي معروضي سچائيون ڪوٺي ٿو؛ سائنسي سوچ ۽ طريقو ھن فلسفي جي پيداوار آھي. ھن فلسفي مختلف شعبن کي متاثر ڪيو آهي جھڙوڪ فلسفو، فن، ادب، سياست ۽ معاشيات وغيرہ. ھي فلسفو روحاني ۽ تصوراتي دنيا بجاءِ مادي دنيا کي سمجهڻ جي اھميت تي زور ڏئي ٿو. جديد دنيا جون سڀ دريافتون، ايجادون ۽ اخترائون ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان ھن فلسفي جي پيداوار آھن.
مددي ڪتاب:
1.Aristotle. Metaphysics. Translated by W. D. Ross. Oxford University Press, 1924.
2.George Berkeley. A Treatise Concerning the Principles of Human Knowledge. Penguin Classics, 1988.
3.Immanuel Kant. Critique of Pure Reason. Translated by Norman Kemp Smith. Palgrave Macmillan, 2015.
4.Gustave Courbet. Realism. Translated by James Emmons. University of California Press, 1990.
5.Émile Zola. The Experimental Novel and Other Essays. Translated by Belle M. Sherman. BiblioBazaar, 2009.
6.Henry James. The Art of Fiction. Scribner, 1914.
7.Niccolò Machiavelli. The Prince. Translated by W. K. Marriott. Barnes & Noble, 2003.
8.Kenneth Waltz. Theory of International Politics. Addison-Wesley, 1979.
9.John Kenneth Galbraith. The Affluent Society. Houghton Mifflin, 1958.
10.Thomas Piketty. Capital in the Twenty-First Century. Translated by Arthur Goldhammer. Harvard University Press, 2014.