انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز (حصو پھريون)
پروفيسر جيريمي گرفٿ جي مٿئين ڪتاب جي باري ۾ ڪئناڊين سائيڪياٽرڪ ايسوسيئيشن جو سابق صدر چوي ٿو: ”مون کي ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ جيريمي گرفٿ جي حياتياتي تشريح انساني نسل جي نفسياتي بحالي جي سلسلي ۾ مقدس نظرئي جي بصيرت جو اعتراف آھي. اسان کي ھن ڪتاب جو انتظار ھو. ھي اھو ڪتاب آهي جيڪو دنيا کي بچائيندڙ آھي.“
ھاڻي اچو تہ ڏسون تہ ھن ڪتاب ۾ ”انساني حالت مان آزادي يا نجات“ ۽ ”انساني نفسياتي بحالي“ جو مطلب ڇا آهي. ليکڪ مطابق انسانن جي سماجي نظام ۾ بد نظمي پيدا ڪندڙ ناڪاري روين جھڙوڪ مفاد-پرستي، جارحيت، مقابلو ڪرڻ يا ٻئي کي مات ڏيڻ جي ڪري ئي معاشري ۾ ھر وقت نفسياتي ڇڪتاڻ واري صورتحال رھي ٿي. انسانن جي نفسياتي بحالي يعني مسئلن کان آجپي واري سوچ، سمجهہ ۽ ڪوشش انساني تاريخ ۾ ھزارن سالن کان وٺي اھم رھي آھي. پر ان لاءِ ضروري آھي تہ اھڙي ڪوشش حياتياتي ۽ سائنسي علمن سان مطابقت رکندڙ، غير مجرد ۽ غير روحاني ھجي.
سادن لفظن ۾ ھاڻي سوال اھو آھي تہ اسان انسان ڪمن ڪارين ۾ يا ٻين انسانن سان تعلقات ۾ مفاد پرست، جارحاڻا ۽ مقابلي وارا يا مات ڏيندڙ رويا ۽ ڪردار رکندڙ ڇو آھيون جڏھن تہ اھي رويا ھاڻي حد ٽپي ناقابل برداشت ٿي چڪا آهن؟ اھو ان ڪري آھي جو اسان سڀئي انسان ڪو نہ ڪو عقيدو رکندا آھيون يا وري اسان کي اسڪولن ۾، ٽيليويزن توڙي فلمن ۾ يا وري ڊاڪيومينٽري پروگرامن ۾ اھو ڏيکاريو ۽ سيکاريو ويندو آهي تہ اسان جا مٿيان رويا ۽ عمل اسان جي جانورن واري وحشياڻي ان ارتقائي دور جي پيداوار آھن جڏھن اسان ۾ ٻين جانورن وانگر پنھنجا جين پنھنجي نسل جي موزون اميدوار ۾ جبلتي ۽ لازمي طور منتقل ڪرڻ جي سوچ غالب ھوندي ھئي. جيتوڻيڪ کاٻي ڌر جا ماڻھو اھا پڻ دعويٰ ڪندا آهن تہ انسانن ۾ ڪجهہ بي-غرض يعني بنا ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي تعاون ۽ مدد ڪندڙ رويا موجود آھن پر ساڳئي وقت انھن ۾ جانورن واريون صفتون جيئن خودغرضي، مفاد پرستي ۽ مقابلو ڪرڻ يا مات ڏيڻ وغيرھ پڻ موجود آھن؛ ھنن کي ڪارل مارڪس تہ بنيادي ضرورتن جھڙوڪ کاڌو، جنس، اجهي ۽ لٽي سان سلهاڙي ٿو، پر ابلاغ جي سڀني اظھارن ۾ مردن جو جارحاڻو، للڪاريندڙ ۽ مات ڏيندڙ رويو سندن جانورن واري دؤر جي جنگجو ھجڻ جي جبلت سان جوڙيو ويندو آهي ۽ خوبصورت ۽ تندرست عورتن سان دوستاڻو رويو سندن جينياتي مواد منتقل ڪرڻ سان سلهاڙيو ويندو آهي. مطلب تہ اسان جي روزمرہ جي زندگيءَ ۾ انسانن جو ھر ناڪاري رويو ۽ عمل جاندارن جي ارتقائي اصولن ”مقابلو ڪرڻ ۾ ڀڙ“۽ ”موزون ترين خاصيتن جي فطري چونڊ“ جي اصولن سان جوڙيو ويندو آهي.
پروفيسر جيريمي گرفٿ جو خيال آھي تہ اسان جا مٿيان ناڪاري رويا ۽ عمل فقط جاندارن جي ارتقائي اصولن ۽ انھن مان ڦٽندڙ جبلتي تسڪين تي ٻڌل نہ آھن ڇو تہ اسان جي عام زندگيءَ ۾ ھزارن سالن کان استعمال ٿيندڙ لفظ جھڙوڪ: پنھنجي ٻڌڻ وارو، مغرور، متاثر ٿيل، مايوس، سچائي کان منڪر، ناڪاري سوچ رکندڙ، ھاڪاري سوچ رکندڙ، مصنوعي، نفرت انگيز، ڀروسي جي قابل نہ ھجڻ، گهٽيا، اذيت-پسند، بد اخلاق، تابناڪ، احساس جرم رکندڙ، گنھگار، نفسياتي، بيگانو وغيرہ، واضع طرح سان اشارو ڪن ٿا تہ اسان انسان پنھنجي آزاد سوچ، ارادو، اختيار ۽ شعور رکندڙ مخلوق رھيا آھيون. اھي سڀ لفظ اھو پڻ ٻڌائين ٿا تہ اسان جي رويي جو ھڪ نفسياتي پاسو پڻ آھي، يعني اسان جون مصيبتون فقط جانورن واري موقعي پرست ھجڻ ۽ ارتقائي جبلتن جي غير مطمئن رھجي وڃڻ جي ڪري نہ آھن پر اسان جون تڪليفون ۽ اذيتون اسان جي شعور ۽ جبلتن جي ٽڪراءَ ۽ تضاد سببان آھن. ليکڪ ان ٽڪراءَ ۽ تضاد کي ئي ’انساني حالت‘ يا بگڙيل نفسياتي حالت ڪوٺي ٿو.
ظاهر آهي تہ اھا بگڙيل نفسياتي حالت انسانن ۾ شعور جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿي ھئي. ھن حالت کان اڳ اسان جي نسل جي ماڻھن ۾ خود غرضي ۽ مفاد پرستي، ساڙ ۽ بغض، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ جھڙو اوگڻ موجود نہ ھوندا ھئا پر اسان جا وڏا ڏاڏا بي-غرض، ٻين سان پيار ڪندڙ ۽ تعاون ڪندڙ ھوندا ھئا. چارلس ڊارون پڻ انھيءَ عظيم خاصيت جو پنھنجي ارتقائي نظريي جي تخليق ۽ تحقيق دوران معترف ھو پر جيئن تہ اھا خاصيت ارتقائي نظرئي کي ٻيو رخ ڏيندڙ ھئي ان ڪري ان کي ايتري پذيرائي نہ ملي سگهي. ڊارون چيو ھو: ”انسانن جو اخلاقي شعور ئي اھا عظيم خاصيت آھي جيڪا انھن کي ادنيٰ جانورن کان ممتاز ڪري ٿي.“ جي ايئن نہ ھجي ھا تہ اسان ۾ اھي گڻ نسل در نسل ڪٿان پيا منتقل ٿيندا اچن؟
اسان جا وارث ڀولڙا ڪڏھن بہ ظالم، حڪم ھلائيندڙ ۽ ويڙھاڪ وحشي نہ رھيا آھن پر اسان کي ان جي ابتڙ پڙھايو ويندو رھيو آھي. اھي يقيناً بھشت جي باغ واري زندگي گذاريندڙ ھئا يعني بلڪل بي-غرض، ٻين سان پيار ڪندڙ ۽ تعاون ڪندڙ ھئا. ان جو ثبوت اھو آھي تہ اووين ۽ لوبواء جھڙن انساني تاريخ تي تحقيق ڪندڙن موجودہ دؤر جي ڀولڙن جي بونوبو قسم ۾ اٿاھ پيار ۽ محبت سان گڏجي سڏجي رھڻ جي خاصيت کي سندن پنڊ پھڻ ٿيل نسلن جي تجزئي وسيلي پلايوسين دور (5.3 ملين سال يا 53 لک) کان بہ پراڻو ڄاڻايو آھي.
مطلب تہ اسان ۾ جارحاڻي ۽ مقابلي ۾ ماري مات ڪرڻ جي لاڙي جا پيرا فقط جانورن جي اھڙين جبلتن جي ارتقائي سفر ڏانھن نہ ٿا وڃن پر اھو تہ رڳو بھانو آھي جنھن ۾ اسان جي ذھنن کي سدائين کان جڪڙي رکيو ويو آھي؛ اسان جي نفسياتي مونجهارن جھڙوڪ مفاد پرستي، ساڙ ۽ بغض، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ، تڪبر، بدلو وٺڻ ۽ اذيت پسندي جا پيرا جبلت ۽ شعور جي تضاد جي ابتدا ڏانھن وڃن ٿا. ماحولياتي لھه-وچڙ جي نتيجي ۾ سکيل روين ۽ عملن جي ڀيٽ ۾ جينياتي لاڙن سان لاڳاپيل روين ۽ عملن کي تبديل ڪرڻ اڪثر ڪري ناممڪن ھوندو آھي، پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان انسانن جا سکيل رويا ۽ عمل تبديل ڪرڻ ممڪن ۽ نسبتاً آسان ھوندا آھن. پروفيسر جيريمي ان سلسلي ۾ تمام گهڻو يقين ۽ اتساھ رکندڙ آھي تہ اسان انسانن جا مٿيان ناڪاري رويا ۽ عمل يا ٻين لفظن ۾ وڏا نفسياتي مونجهارا جيڪي شعور ۽ جبلت جي ٽڪراءَ سبب پيدا ٿيا آهن اھي اھڙي سمجهہ ۽ سکيا وسيلي ختم پڻ ٿي سگهندا.
اچو تہ شعور ۽ جبلت جي تضاد ۾ پيدا ٿيندڙ نفسياتي مونجهارن کي انسانن جي تناظر ۾ ھڪ مثال سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. پروفيسر جيريمي چوي ٿو تہ فرض ڪريون ٿا تہ ھڪ ٻگهه، جنھن کي سولائي خاطر آدم ٿا چئون، ۾ دماغي تبديليون آيون (ڪارٽيڪس وجود ۾ آيو) جن جي نتيجي ۾ ان ۾ شعور (آزاد سوچ، ارادو ۽ عمل) پيدا ٿيو. ھاڻي ٻين ٻگهن وانگر جينياتي لاڙن تحت اھو ٻگهہ ھر اونھاري ۾ پنھنجو نسل وڌائڻ لاءِ ڏکڻ کان اتر يعني آفريڪا مان يورپ جي علائقن ڏانھن سفر ڪري ٿو. ھن کان اڳ ۾ ھو بنا چون چران جي اھو ڪجهہ ڪندو ھو جيڪو جبلتن جي اثر ھيٺ ٻيا ٻگهہ ڪندا ھئا. پر ھن واري ھو ٻين کان شعوري طرح مختلف ھو. اتر ڏانھن سفر جي وچ ڌاري ھن پريان صوفن جو باغ ڏٺو. ھن پنھنجي شعور ۽ آزاد سوچ ۽ ارادي سان ٻين ٻگهن جي جبلي لاڙن جي ابتڙ ان باغ ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
آدم جڏھن اتي پھتو ۽ صوفن جي باغ مان ميوا کاڌائين پئي تہ ھن کي جبلي قوتن ھيٺ سندس دماغ اھو پيغام ڏئي رھيو ھو تہ ھن باغ ڏانھن لڙي غلط فيصلو ڪيو آھي ۽ ھن کي پنھنجن ساٿين سان شامل ٿيڻ گهرجي ھا. نتيجي ۾ ھو پاڻ کي ڏوھي ۽ گنھگار محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. بھترين خيالي حل اھو ھو تہ آدم کي پاڻ کي سمجهائڻ گهرجي ھا تہ لکن سالن جي جبلتي ۽ جينياتي لاڙن جو فھم جانورن واري انڌي تقليد جي برابر آھي ۽ نيوراني يا شعوري (آزاد سوچ ۽ ارادي تي ٻڌل) مشاھداتي فھم ئي ھن کي سببن ۽ نتيجن جي دنيا سان واقف ڪرائيندڙ آھي. پر آدم لاءِ اھو سڀ ڪجهہ بلڪل نڪور تجربي مثل ھو ۽ قطعي سمجهہ ۾ ايندڙ نہ ھو. انڪري ھن لاءِ شعوري طور تي ٽي مختلف صورتحالون پيدا ٿيون ھونديون: ھڪ تہ ھو جبلتي لاڙن ۽ فھم ۽ تنقيد کي يڪسر رد ڪري پنھنجي آزاد سوچ ۽ شعور مطابق زندگي گذاري؛ ٻيو تہ ان کي اھو ڏسڻو ھو تہ نيوراني يا شعوري آزاد سوچ ۽ نيت مٿين ناڪاري جذبن کي ختم يا بي اثر ڪرڻ لاءِ ڪو اڻ ڏٺل ۽ اڻڄاتل مزو يا بھتر لطف ۽ آسودگي فراھم ڪندڙ ھئي يا نه؛ ٽيون تہ ھو جبلتي تنقيد جو انڪار ۽ ان کي نظرانداز ڪري پنھنجي زندگي گذاري. نتيجي ۾ انھيءَ نفسياتي ڪشمڪش ۾ آدم ۾ ڪاوڙ، خود-پسندي ۽ ٻين سان بيگانيت يا لاتعلقي پيدا ٿي ھوندي. اڳتي ھلي ڪجهہ ٻيون ناڪاري نفسياتي خاصيتون يعني ٻئي سان مقابلو ڪرڻ، ٻئي کي ماري مات ڏيڻ پيدا ٿيون ھونديون. ھنن ناڪاري نفسياتي لاڙن کي پروفيسر جيريمي انساني حالت قرار ڏئي ٿو.
مطلب تہ اڄوڪي دنيا جي اسان انسانن جا نفسياتي مونجهارا اصل ۾ اسان جي جبلي ۽ غير شعوري زندگي کان نيوراني (ڪارٽيڪس) آزاد سوچ ۽ ارادي واري شعوري زندگيءَ کي اپنائڻ جي قيمت آھي جيڪا نہ چاھيندي بہ اسان طرفان چڪائي وئي آھي، يعني جنت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنھنجي دنيا کي دوزخ بڻائڻو پئجي ويو ۽ پاڻ کي پائڻ لاءِ پاڻ کي وڃائڻو پئجي ويو. اسان جا مٿيان ناڪاري نفسياتي لاڙا جبلتي نہ پر اڪتسابي آھن جيڪي موزون سوچ ۽ سمجهہ جي فروغ سان ختم ٿيڻ جوڳا آھن.
(ٻئين حصي ۾ آدم جي جنت مان تڙجڻ جي تمثيل تي سائنسي روشني وڌي ويندي)