سمـھاڳ : ڏاهپ جون ڳالھيون
فلسفي جي شروعات يونان کان ٿي، ڪن ليکڪن جو رايو آهي تہ فلسفي جي شروعات وادي دجلا، فرات ۽ وادي نيل ۾ ٿي، ڪن جو وري رايو آهي تہ ٻنھي يعني يورپ ۽ عراق ۾ ٿي.پھريون فلسفي ٿاليس(Thales) کي چيو وڃي ٿو. جدليات جو ابو وري هير اقلطيس کي چيو وڃي ٿو. مشھور فلسفي اناڪسيماندر (Anaximander)، انڪسيمينز (anaximenes)، پئٿاگورث (pythagors)، زينو فينز (Xenophanes)، هرا اقلطس (Heraclitus) ، پرمينائينڊز (Parmenides) ، زينو آف ايلميا) (zeno of Elea، ايمپيڊاڪلس (Empedocles)، ليوسيپس (Leucippus)، ڊيمو ڪريٽس (Democritus)، انگيزا گورس (Anaxagoras)، پروٽا گورس (Protagoras)، جارجيس (Gorgias)، هپيسئس (Hippias)، پروڊيڪس (Prodicus)، سُقراط (Socrates)، افلاطون (Ploto)، ارسطو (Aristotle)، ڪانٽ، هيگل، شاپنھار، ڪارل مارڪس، فرائيڊ، ڊارون، ول ڊيورانٽ ۽ ڪروچي چيا وڃن ٿا.
هير اقلطيس جو چوڻ هو :
Fire lives the death of earth ,and air the death of fire, water lives the death of air ,earth that of water
(هيءَ ڪائنات نڪو ڪنھن ديوتا جي پيدا ڪيل آهي ۽ نہ وري انسان جي، هيءَ ڪائنات ابدي باھہ جو نتيجو آهي جيڪا مسلسل ٻرندي ۽ اجهامندي رهي ٿي. )
فلسفو آهي ڇا؟
فلسفو سوچ، ويچار، ڳوڙهو احساس، تصور، نظريو، خيال، ڏاهپ، رويو، رجحان، لاڙو ۽ سچائي کي چيو وڃي ٿو. جو متحرڪ رهندڙ آهي ڪنھن وقت بہ تبديل ٿي سگهي ٿو ڪو پابند خيال ناهي. نہ ئي ڪو ان تي زور دٻاءَ هوندو آهي، هو آزد خيال هوندو آهي. هڪ بحث بہ هوندو آهي. خاص ڪري پنج شيون ان ۾ موجود هونديون آهن.منطق، جماليات، علم اخلاق، يا اخلاقيات، علم سياست ۽ مابعد الطبعيات. فلسفو هڪ سوال هوندو آهي جنھن کي جواب جي ڳولا ڪرڻي پوندي آهي. راشد دائود پوٽو لکي ٿو تہ:
”فلسفلو هر شيءَ تي شڪ ڪرڻ سيکاري ٿو، تہ هيءَ ڪائنات ائين ڇو آهي؟ انسان ڇو ٿو سوچي؟ هيءَ ڪائنات بي ترتيب آهي يا با ترتيب؟ ڪائنات ۾ قانونيت آهي يا لاقانونيت؟ غيرت ڇا آهي؟ خوبصورتي ڇا آهي؟ پيار، نفرت ۽ خوبصورتي ءَ جا آفاقي قدر ڇا آهن؟ هڪ فلسفياڻو شڪ ماڻھوءَ کي اصل رازن ۽ رمزن کان واقف ڪرائڻ ۾ مدد ڪري ٿو، فلسفو ماڻھوءَ کي اونھو بڻائي ٿو.“
سنڌ ۾ فلسفي بابت ڪيترائي ڪتاب ترجمو ٿيل يا اصلوڪا ڇپيل آهن. ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ محمد ابراهيم جويو 1985ع ترجمو، ”ويڳاڻپ جو فسلسفو “ خاڪي جويو 1985ع ترجمو، ”خدا انسان ۽ جبلت “ ”مجتبيٰ راشدي“ 1988ع، ”فلسفي جي ڪھاڻي“ محمد اڪرم انصاري 2007ع ترجمو، “فلسفي جي مختصر ڪھاڻي “ غلام اڪبر لغاري2003ع، ”يوناني فلسفي جي تاريخ “ راشد دائودپوٽو 2009ع، ”ڏاهپ جو اڀياس “ڊاڪٽر سڪندر مغل، ”فلسفو هڪ مطالعو“ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ”خدا، روح ۽ سائنس“(سائنس ۽ فلسفو) رسول ميمڻ 2015ع، فلسفي جون راحتون ليکڪ ول ڊيورانٽ مترجم آغا سليم، ”فلسفو (اصول، حدون، تاريخ “نواز خان زئور ترجمو، ”الف کان اڳ“ (سائنسي فلسفو) رسول ميمڻ 2019ع، ”پليسبو“ (سائنسي فلسفو) رسول ميمڻ 2019ع، ”فسلفو، سائنس۽ ادب “ مشتاق جروار2023ع ۽ اسان جي دوست ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جو ڪتاب ”دنيا جا مشھور فلسفا“ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
فلسفي جو موضوع هڪ خشڪ ٻيو وري هن کي ڳوڙهو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي.صرف سقراط جي ئي ٻولي ئي عام فھم ۽ سرل چئي وڃي ٿي. ٻيو مذهبي رياستن سبب ئي هن فلسفي کي ڳوڙهو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. سنڌ جي گهڻن سڄڻن کي محمد ابراهيم جويي جو ڪتاب” فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ جي ٻولي، پڻ گهڻي گَھري هئڻ ڪري، فلسفي کي سمجهڻ کان قاصر رهيا آهن.
ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي صاحب پنھنجي ڪتاب ۾ ٻولي عام فھم ۽ سرل استعمال ڪئي آهي، فلسفي جي فھم ۽ ڏاهپ کي سمجهڻ لاءِ عام ڪري ڇڏيو آهي جنھن سان هر عام پڙهندڙ فلسفي جي باريڪ بينين کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.موضوع جو تعارف پڻ پيش ڪري فلسفي کي عالماڻي انداز ۾ پرکي، ان جي قدامت، تشريح، هاڪاري ناڪاري اثر، اصول، خاصيتون، تنقيد، تعريف ۽ نتيجو ڏئي سمجهائي ٿو، آخر ۾ جنھن آرٽيڪل ۾، جنھن ڪتاب مان مدد ورتي وئي آهي، انھن ڪتابن جا نالا ڏئي آرٽيڪل کي مضبوط بنايو ويو آهي، جي ڪٿان ترجمو ڪيو اٿس تہ اصل مصنف جو نالو ڏنو اٿس.
ڊاڪٽر صاحب جا هي ڪالم پھرين روزاني ”پنھنجي اخبار“ ۾ ڇپيل آهن.اصل ۾ ڊاڪٽر صاحب کي پھرين ڪتاب ڇپائڻ جو ڪو اردو ڪونہ هو ۽ آرٽيڪل لکي اخبار ۾ ڇپائڻ جو هن کي خيال هو تہ، هي مواد عوام تائين پھچي. پوءِ جڏهن ( راقم) کيس زور ڀريو تہ اوهان ڪالمن جو ڪتاب ڇپايو تہ هُن ها ڪئي. اخبار جي ڪالم جي حيثيت اخبار جيتري معنيٰ هڪ ڏينھن جيتري هوندي آهي. اُهي سياسي ڪالم هڪ ڏينھن جا ٿي سگهن ٿا. پر، هي هي ڪالم نہ، ڊاڪٽر الياس جو پورهيو هڪ ڏينھن ۾ پئي پراڻو ٿيڻ وارو ناهي، لطيف چواڻي ” وکر سو وهائج جو پئي پراڻو نہ ٿئي “ هي ڪالم اهم آهي، جيڪي فلسفي جي تشريح، فڪر، گھرائپ، خيال، تجزيي، تنقيد، تعريف ۽ تاريخ تي لکيل آهن.
ڊاڪٽر الياس ڀُٽي صاحب فلسفي بابت هنن آرٽيڪلن ۾ بھترين ۽ اهم ڄاڻ ڏني آهي، جا سوچڻ، سمجهڻن، پرکڻ ۽ پرُجهڻ تي مجبور ٿي ڪري. هر فلسفي تي عالمانہ راءِ پڻ ڏئي ٿو. جيئن ان فلسفي جي ابتدايت يا قدامت معلوم ٿئي ٿي ۽ ان نظرين جي حامين، مخالفن ۽ ان جي ڪارج جي پڻ بحث ڪري ٿو.” خيال ــ پسنديت يا تصوريت جي فلسفي “ بابت ٻڌائي ٿو تہ : هي قديم ترين فلسفو ۽ نظريو آهي جيڪو سچائيءَ تائين پھچڻ يا ان جي جوڙڻ ۾ آزاد ۽ تنقيدي خيالن ۽ شعور جي اهميت جو اقرار ڪري ٿو.“
فلسفي جا ڪيترائي موضوع/قسم ٿين ٿا. جن جو تفصيل سان هن ڪتاب ۾ جداجدا لکيو ويو آهي.سنڌي ادب ۾ فلسفي بابت اڪثر ڪتابن ۾ موضوعاتي حوالي سان اڪثر گڏائي لکيا ويا آهن. جنھن سان پڙهندڙ منجهي پئي ٿو.پر، ڊاڪٽر الياس صاحب ڏاڍي احسن نموني سان هر موضوع بابت جدا جدا ڄاڻ ڏئي ٿو. ڪتاب جو ٻيو مضمون ”دو اميت جي فلسفي“ جي باري ۾ آهي. دواميت جي فلسفي جي بنياد بابت مصنف ڄاڻ ڏئي ٿو تہ : ”دواميت جي تعليمي فلسفي کي بنيادي شڪل ڏيندڙ آمريڪي فيلسوف رابرٽ مينارڊ هچنس (1977ــ 1899) هو.جيڪو 1929ع کان 1951ع تائين شڪاگو يونيورسٽي جو وائيس/ صدر هو.“
ڪتاب جو ٽيون آرٽيڪل حقيقت پنسديت يا عقليت پسند جي باري ۾ آهي. مصنف سھڻي نموني سان پھرين فلسفي جي نظريي بابت سمجهائي ٿو ۽ لکي ٿو: ”حقيقت پسند يا عقليت پسند (Realism) جو نظريو هن ڳالھہ تي يقين رکي ٿو تہ مادو دنيا جي معروضي (Objectie)سچائي آهي.“ اڳتي هن مضمون ۾ حقيقت پسند فلسفي جا اصول ۽ شاخن بابت ٻڌايو ويو آهي.
ڪتاب جو چوٿون آرٽيڪل عمل پسنديت فلسفي جي باري ۾ آهي.هي فلسفو اوڻويھہ صديءَ جي پوين ڏهاڪن جي پيداوار آهي. مصنف فلسفي جي جو تعارف ۾ ڄاڻائي ٿوتہ ” آمريڪا ۾ ڄاول ۽ پليل عمل ــ پسنديت (Pragmatism) فلسفو اسان جي مجرد خيالن ۽ نظرين جي عملي نتيجن تي زور ڏئي ٿو. هن مطابق اسان جا خيال، نظريا، مادي شيون، سماجي لقاءَ ۽ قدر بذات خود سٺا يا خراب نہ آهن، پر، جيسيتائين انھن جي تجربن ۽ عملن جي ڪسوٽي تي پرک نہ ٿي ٿئي ۽ لاڳاپيل نتيجا انھن جي اهميت ۽ قدر قيمت طئہ نہ ٿا ڪن تيستائين انھن کي قبول يا رد نہ ٿو ڪري سگهجي. “
ڪتاب جو ڇھون آرٽيڪل فطرت ــ پسنديت فلسفي جي باري ۾ آهي.هن فلسفي جو بنياد سقراط کان بہ اڳ چيو وڃي ٿو. مصنف هن آرٽيڪل ۾ فطرت پسنديت جا اصول بيان ڪري فلسفي تي تنقيد بابت لکيو ويو آهي. ليکڪ هن فلسفي جو نتيجو هيئن بيان ڪري ٿو.” فطرت ـ پسنديت هڪ اهم فلسفو رهيو آهي، جيڪو دنيا توڙي ڪائنات جي فطري لقائن کي ڪنھن مافوق الفطري طاقتن جي خدائن بدران سندن فطري سببن ــ نتيجن وسيلي سمجهڻ ۽ وضاحت ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏئي ٿو. هي فلسفو ٻين شعبن جھڙوڪ سائنس، نفسيات، ادب ۽ انفراديت، انساني تجربن جي پيچيدہ هجڻ ۽ آزاد شعور جي انڪار جي ڪري هن تي تنقيد ٿيندي رهندي آهي.“
ڪتاب جو ڇھون آرٽيڪل وجوديت جي فلسفي جي باري ۾ آهي. هي فلسفو انسان جي وجود، آزادي ۽ معنيٰ بابت بنيادي سوالن تي غور ڪري ٿو.وجوديت جي فلسفي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.هڪ ديني وجوديت، ٻيو لاديني وجوديت.هن فلسفي جو ان ڳالھہ تي هوندو آهي تہ : ”جيئن تہ انسان هڪ وجود رکي ٿو، ان ڪري هو پنھنجي وجود جي هئڻ کي ثابت ڪري ڏيکاري؟.“ وجودي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ هنن وجودي وارتائن کي سمجهڻ ضروري آهي.
ويڳاڻپ (Alienation)، مايوسي( Despair)، وجوديت جي معنائيت (being and absurdity)، بوريت(Boredom) ، ڪراهت /ڪرڀ (Nausea)، احسام جرم (Guilt)، موت جو تصور (Concept of death)، فرد ۽ ٻيا نظام (Individual and systems)، چونڊ جي آزادي (Freedom of choice) ۽ شخصي وجوديت جي حقيقت (Reality of individual existence) وغيرہ.
مصنف وجوديت جي فلسفي جي باري ۾ لکي ٿو تہ : ”وجوديت پسنديءَ جو جو فلسفو انساني وجود بابت انفرادي ۽ موضوعي سطح تي هڪ عميق نقطہ نظر پيش ڪري ٿو.هي فلسفو انفرادي ۽ موضو عي سچائين کي تسليم ڪندي انساني وجود، ذاتي آزادي، ذميواري، معنيٰ جي ڳولا تي زور ڏئي ٿو. “
ڪتاب جو ستون آرٽيڪل نو تعميريت فلسفي جي باري ۾ آهي. هي تعليمي فلسفو ۽ نظريو آهي. جيڪو تعليم ذريعي سماج کي تبديل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. هن فلسفي جي بنياد بابت ليکڪ لکي ٿو تہ ” نو تعميرت جو بنياد آمريڪا جي تعليمدان جارج ايس ڪائونٽس (George.S.counts) (1974ع ــ 1889ع ) رکيو، جيڪو ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جو پروفيسر هو. سندس خيال هو تہ تعليم کي شاگردن جي سماجي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارائتي اوزار طور استعمال ڪرڻ گهرجي تہ جيئن اُهي سرگرمي ۽ تنقيدي تجزئي سان سماجي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عملي طور اڳتي اچي سگهن.“
ڪتاب جو اٺون آرٽيڪل مشرق جي فلسفي جي باري ۾ آهي، جنھن ۾ مختلف تصورن ۽ نظرين تي بحث ڪيو ويو آهي. جنھن ۾ هندومت، ٻڌمت، ڪنفيوشينزم، جين مت، بشيدو ازم ۽ شنتو ازم اچي وڃن ٿا. بحث ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر الياس ڀُٽو صاحب مشرقي فلسفي جي نتيجي ۾ ٻڌائي ٿو تہ ”مجموئي طرح سان مشرقي فلسفو ( هندستان جو هندو مت ۽ ٻڌ مت، چائنا جو ڪنفيوشيزم ۽ ڊائوازم تائوازم ۽ جاپان جو جين مت، بشيدو ۽ شنتو ازم ) قبل مسيح کان هال تائين سچائي، انساني وجود، روح يا اصلي ڄاڻ، ۽ هڪ با معنيٰ زندگيءَ جي سمجهہ ۽ جستجو لاءِ هڪ منفرد ۽ نئين بصيرت وارو دڳ فراهم ڪري ٿو.“ جين مت ۽ ٻڌمت جو فلسو رڳو هندستان ۾ موجود نہ هئو، هي فلسفو قديم دؤر کان پاڪستان ٺھڻ تائين سنڌ ۾ بہ موجود هو.
ڪتاب جو نائون آرٽيڪل صوفي فلسفي جي باري ۾ آهي جنھن جو باني امام رباني چيو وڃي ٿو. هي فلسفو اسلام مان ڦٽي نڪتو آهي، صوفين جا خاص ڪري ٻہ قسم ٿين ٿا.هڪڙا وحدت الوجودي ٻيا وحدت الشھودي، وحدت والوجودين جو چوڻ آهي تہ:“ وجود حقيقي فقط هڪ آهي، اهو الله تعاليٰ جو وجود آهي.“ وحدت الشھودين جو چوڻ آهي تہ ”ماڻھوءَ جو پاڇو هرگز ماڻھو ٿي نہ ٿو سگهي (چہ نيست خاڪ رابا عالم پاڪ). ڊاڪٽرمحمد الياس صاحب هن آرٽيڪل ۾ صوفيت جي فلسفي جي هاڪاري ۽ ناڪاري اثرن کي واضع نموني سان اظھاريو آهي.
ڪتاب جو ڏهون مضمون انسان ــ پسنديت جي فلسفي جي باري ۾ آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو تہ: ”انسان ــ پسنديت هڪ ئي وقت نظريو، فلسفو ۽ مذهب آهي جيڪو نہ رڳو زندگي گذراڻ جو سونھان اصول ٻڌائي ٿو پر، مادي ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ انساني زندگيءَ جي عقلي وضاحت پيش ڪري ٿو.“
اهڙي نموني حصي ٻئي ۾ پازيٽوزم يا مثبتيت جو فلسفو، تشريحت جو فلسفو ۽ پوسٽ ماڊرنزم جي فلسفي تي سھڻي نموني بحث ڪيو ويو آهي. جنھن ۾ فلسفن جو بنياد، قدامت هاڪاري ۽ ناڪاري اثرن تي بحث ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي ٽئي حصي ۾ آرٽيڪلن ۾، تنقيدي نظريا ۽ ادبي تنقيد، فرائيڊ جو تحليل نفسي نظريو : مختصر تعارف، فرائيڊ جي تحليل نفيسي ۽ خوابن جي تعبير، تحليل نفسي نظريي تحت موت جي خوف جو جائزو، فيمينزم يا عورت ــ واد تنقيدي نظريو، مارڪسزم تنقيدي نظريي، بابت جامع ۽ مفصل معلومات ڏني وئي آهي، وڏي اهم ڳالھہ تہ ”انساني نسل جي پيڙا کان نجات جي راز“ جي آرٽيڪل کي ٽن حصن ۾ لکيو ويو آهي. تہ پڙهندڙ جيئن آسانيءَ سان هن فلسفي نظريي کي سمجهي سگهي، پرکي ۽ پروڙي.
ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ چونڊ فلسفا شامل شامل ڪيا ويا ويا آهن. اهي بہ ڏاڍ اهم ڄاڻ ڏين ٿا جنھن جي پڙهڻ سان انسان جي شعور جو واٽون کلن ٿيون. چوٿين حصي ۾ شاندار آرٽيڪل شامل ڪيا ويا آهن. جن ۾ علم جو نئون اوزار، علم جو سفر، غار جا گمراھہ قيدي، پاڇا ۽ سچائي، ڄٻا ڦڏا ڪارا چشما، وهم ۽ وسوسا، صحيح ۽ غلط، اڄ ازل کان نئون آهي، ساڄڙ ۽ کاٻڙ، هٿرادو ذهانت، بايو ٽيڪنالاجي جا معجزا، ۽ خوشي شامل آهن.
ڪتاب ۾ سڀ آرٽيڪل سگهارا آهن، هر آرٽيڪل جو موضوع پنھنجو آهي، هر آرٽيڪل پڙهڻ کان پوءِ ماڻھو تجسس ۽ حيرانگي ۾ وٺجي ٿو وڃي. فلسفي بابت تہ سنڌ ادب ۾ کوڙ ڪتاب چپيل آهن پر ڊاڪٽر الياس ڀُٽي صاحب پنھنجي قلم جي نوڪ سان جنھن نمنوني فلسفي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان جي بنياد، قدامت، تعارف، هاڪاري ناڪاري اثرن، اهميت، افاديت، فڪري گوناگونيت، فلسفن تي ٿيل تنقيد، تشريح ۽ ان جي وجود بابت جيئن سمجهايو آهي جنھن تي کيس جس ڏجي ٿي. پر، ڪتاب ۾ زير اضافت جو استعمال آهي جنھن جو کيس خيال رکڻ گهرجي ها.
ڊاڪٽر الياس ڀُٽي صاحب جو خاندان پڙهيل لکيل، ليکڪ طور سڃاڻپ رکي ٿو، سندس چاچو عنايت الله ڀٽو ڇھن ڪتابن جو ليکڪ هو. ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جو ميمبر پڻ هو. ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو پڻ هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوھڻ جو سيڪريٽري آهي.
سندس هي ڪتاب فلسفي جي ڪتاب ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، جو پاڻ ترقي پسند ۽ روشن خيالي کي اهميت ڏئي ٿو. سندس هي پورهيو سنڌي ادب جي پڙهندڙن کي روشن خيالي ۽ ترقي پسندي واري رستي تي هلڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو. ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي هن ڪتاب ۾ ڏاهپ جون ڳالھيون ڪيون آهن جيڪي سمجهڻ ۽ هيئين سان هنڊائڻ جھڙيون آهن.
مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
13.8.2023