مُـھاڳ: فلسفن جو تقابلي جائزو
تصور- پسنديت جي مقابلي ۾ عقليت يا حقيقت-پسنديت (Realism) جو فلسفو تہ علمي ميدان تي آيو پر آخر تائين ھڪ ٽنگ کان معذور ئي رھيو. حقيقت-پسنديت جي باني (Aristotle) ۽ ان جي حامين ان ڳالھہ جو برملا اقرار ۽ اظھار ڪيو تہ مادو ۽ ڪائنات انساني ذھن کان ٻاھر الڳ ۽ آزاد وجود رکن ٿا ۽ شين ۽ فطري لقائن کي حواسي مشاھدي ۽ مشاھداتي استدلال وسيلي سمجهي سگهجي ٿو ۽ اصل حقيقت يا سچائي تائين پھچي سگهجي ٿو. ارسطو (Aristotle) جيتوڻيڪ اڻ ڌرين حواسي مشاھدن جي بنياد تي مختلف مضمونن تي 150 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا جن اڳتي ھلي جديد سائنس جو بنياد وڌو، پر پوءِ بہ ارسطو جو جوڙيل مشاھداتي منطق 2000 سالن تائين يورپ ۾ علم، فلسفي ۽ سائنس جي ترقيءَ ۾ جمود ۽ رڪاوٽ جو سبب بڻيو. سندس منطق کي ٽه-پسائون منطق (Syllogism) چئبو آھي. ارسطو مطابق ھن جو سادو مثال ھي آھي: 1. سڀ انسان فاني آھن. 2. سقراط ھڪ انسان آھي. 3. ان ڪري سقراط فاني آھي. ارسطو ھن منطق کي جيتوڻيڪ مشاھداتي استدلال (Inductive Reasoning) ڪوٺيو پر اھا سندس عظيم غلطي ھئي ڇو تہ اھو اصول جي بنياد تي استدلال (Deductive Reasoning) ھو. سندس استدلال ۾ پھريون اصول يا ٿلھہ مشاھداتي ناھي پر اڻ پرکيل اصول آھي. جيڪڏھن پھريون اصول ئي غلط ھوندو تہ ان تحت ھٿ ۾ کنيل ٻئين تصور جي پرک ۽ آخري نتيجو پڻ غلط ئي نڪرڻو آھي. ھن استدلال جو گهڻي ۾ گهڻو فائدو مذھبي ڌرين ورتو ۽ اڄ تائين ڪافي خطن ۾ فائدو وٺي رھيا آھن ڇو تہ انھن مطابق پھريون اصول الھامي يا خدا طرفان طئي ٿيل ھوندو آھي، ان ڪري ان جي غلط ھجڻ جو ڪوبہ مذھبي ماڻھو تصور بہ نہ ٿو ڪري سگهي.
مٿئين جمود واري عرصي ۾ ھڪ پاسي عربستان ۾ مذھب اسلام جي اثر ھيٺ دنياوي علم حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جھان جو سير ڪرڻ، اڻ ڌريا مشاھدا ڪرڻ، غور فڪر ڪرڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ، مراقبو ڪرڻ، تاريخ مان سبق پرائڻ يعني قومن جي عروج ۽ زوال مان سکڻ وغيرہ جھڙن روين پيدا ڪرڻ ۽ انھن جي فروغ ڏيڻ سان ان خطي ۾ دنيا ۾ مشاھداتي علم يا سائنس جي ابتدا ۽ ترقيءَ جو سونھري دور برپا ٿيو. ھن دور کي تاريخ جو وچيون دور (Medieval Period) چيو وڃي ٿو جيڪو 500ع کان 1500ع تائين جاري رھيو. ھن سونھري دؤر ۾ ڪيترن ئي مسلمان دانشورن ۽ سائنسدانن ارسطو جي حواسي مشاھدن ۽ تجربن وسيلي ڀروسي لائق علم جي پيروي ۾ سائنسي سوچ ۽ عمل کي فروغ ڏنو. جڏھن تہ يورپ ۾ عين اھو دور علم ۽ تحقيق جي حوالي سان اونداھو دؤر ليکيو ويندو آھي. ھن دؤر جي نامور مسلمان دانشورن ۾ ابن الھيشم، ابن الرشد، الفارابي، ابن السينا، ابن الخلدون، جابر ابن الحيان ۽ ڪيترن ئي ٻين دانشورن، فلسفين ۽ سائنسدانن فلسفي، حسابن، فلڪيات، فزڪس، طب ۽ ڪيميا ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. اھي ڪيترن ئي شعبن جا باني بڻيا ۽ انھن توڙي ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئي ايجادون ۽ دريافتون ڪيون. مسلمانن جو ھي علمي دور نام نھاد مذھبي عالمن ۽ حڪمرانن طرفان سائنس ۽ مذھب سان ٽڪراءَ جي بي بنياد الزامن جي ڪري اختتام تي پھتو. تنگ نظر عرب خليفن ھن سلسلي ۾ دنياوي علم ۽ سائنس کي غير مذھبي قرار ڏنو ۽ ان الزام ھيٺ ڪيترن ئي مسلمان محققن ۽ سائنسدانن کي سخت سزائون ڏنيون ويون.
ٻئي پاسي مسلمانن جي اسپين فتح ڪرڻ جي ڪري مشاھداتي ۽ سائنسي علم يورپ ۾ پھتو ۽ اتي علم ۽ شعور جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون ۽ عيسائيت ۽ چرچ خلاف بغاوتون شروع ٿيڻ لڳيون. فلسفي جي لحاظ کان ٻنھي پاسن کان صف بنديون ٿي ويون. ھڪ پاسي عيسائي پادري چرچ جي حڪومت جي سھاري پنھنجي مذھب کي سچو ۽ الھامي ثابت ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ حواسي مشاھدي جي بنياد تي پيش ڪيل ۽ مذھب کان ھر ٿڙيل تصور ۽ ان جي پيش ڪندڙ فلسفين يا ڏاھن کي عبرتناڪ سزائون ڏياريندا رھيا. ٻئي پاسي ڪيترن ئي ڏاھپ ۽ سچ جي پروانن سچ جي آڳ ۾ جلڻ تہ پسند ڪيو پئي پر ڪوڙ ۽ ڏاڍ جي ڏمر آڏو جهڪڻ پسند نہ پئي ڪيو. انھن انتھائي حالتن ۾ اريسمس (Erasmus) ۽ ٿامس مور (Thomas More) انساني صلاحيتن، روايتي سکيا ۽ تنقيدي سوچ جي آبياري ڪئي؛ ڊيڪارٽي (Descartes)، اسپائينوزا (Spinoza) ۽ ليبنيز (Leibniz) ذھني ۽ عقلي استدلال ۽ منطق تي زور ڏنو؛ جڏھن تہ فرانسس بيڪن (Francis Bacon)، جان لاڪ (John Locke) ۽ ڊيوڊ ھيوم (David Hume) حواسي ۽ مشاھداتي استدلال (Inductive/ Observatory Reasoning) تي زور ڏنو ۽ باقائدہ سائنس جو بنياد وڌو ۽ ان کي ھر عقلي علم مٿان فوقيت ڏياري. 17ھين ۽ 18ھين صدي جي يورپي ڏاھن وولٽيئر (Voltaire)، مونٽيسڪيو (Montesquieu) ۽ روسو (Rousseau) دليلن جي بنياد تي انفرادي حقن، خيال توڙي تقرير ۽ تحرير جي آزادي ۽ سماجي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو؛ امينيوئل ڪانٽ (Immanuel Kant) انساني ذھن ۽ علم جي محدوديت جي بنياد تي عقلي ۽ مشاھداتي منطق جي وڇوٽي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. مٿين ڏاھن جي علمي، ادبي ۽ فلسفيانہ پورھين ۽ قربانين جي نتيجي ۾ يورپ جهالت جي تاريڪ دور ۽ مذھبي استحصال مان جان ڇڏائي نئين سر جنم ورتو جنھن کي يورپ جو نئون جنم (Renaissance) چيو وڃي ٿو.
علمي، عقلي ۽ فلسفيانہ ڇڪ ڇڪان ۾ فلسفن جو اڌ تعداد يا ٿورو گهٽ باقي فلسفن جي رد ۾ جوڙيل ۽ مخالف ڇيڙي جي انتھا تي بيٺل آھي. تصور-پسنديت ۽ حقيقت-پسنديت جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي. ثباتيت (Perinealism) جا باني ۽ ان جا حامي تصورن، لقائن، اخلاقن ۽ شين جي دائمي ھجڻ جي پرچار ڪن ٿا، جڏھن تہ اھي ڪائنات جي ھر ننڍي توڙي وڏي شيءِ ۾ تعمير ۽ تخريب، تغير ۽ تبديلي کي ڏسڻ کان غافل رھيا. ان جي مقابلي ۾ ارتقا (Evolution) جو فلسفو ۽ نظريو جاندار توڙي غير جاندار شين جي ھڪ ماخذ مان ڦٽي نڪرڻ جو تصور پيش ڪري ٿو. ھي فلسفو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ دنيا ۽ ڪائنات جي شين ۽ لقائن جي اندروني ۽ بيروني تضادن جي توازن ۾ تبديلي ۽ بگاڙ انھن ۾ نئين توازن کي جنم ڏئي ٿو جنھن جي ڪري شيون ۽ لقاء تبديل ٿيندا رھندا آھن؛ ٻين لفظن ۾ تعمير ۽ تخريب جا عمل سڀني جاندار توڙي غير جاندار شين ۾ جاري رھن ٿا.
مارڪسزم (Marxism) جو فلسفو پڻ ارتقا ۽ ان جي مٿين اصولن سان لاڳاپيل فلسفو آھي. ھي فلسفو ارتقا جا اصول انسانن ۽ انساني سماج تي پڻ ساڳيءَ ريت لاڳو ڪري ٿو. مارڪسزم مطابق انساني سماج يا سماجي ادارا ٻن طبقن تي مشتمل آھن: ھڪڙو سرمائيدار طبقو آھي جيڪو ظالم، استحصال ڪندڙ غالب طبقو آھي تہ ٻيو وري مزدور، مظلوم، محڪوم ۽ ڏتڙيل طبقو آھي. ظالم ۽ سرمائيدار طبقو مزدورن جي انساني محنت ۽ پورھئي جي ثمر، اجرت ۽ منافعي جو تمام وڏو حصو پاڻ کڻي پنھنجي زندگي کي ھر آسائش سان ڀرپور ۽ جنت بڻائي عيش پيو ڪندو آھي. ٻئي پاسي مظلوم ۽ ڏتڙيل مزدور طبقو سرمائيدار طبقي جي شعوري ۽ لڪل ظالمانہ پاليسين سبب گهٽ اجرت ملڻ سبب پيٽ ۾ ڦاٿل رھندو آھي ۽ سندن زندگي عذاب بڻيل ۽ بڻايل ھوندي آھي. مارڪس ۽ لينن جو خيال ھو تہ مظلوم طبقو (Prolitarats) جڏھن پاڻ تي ٿيندڙ ظلمن جو شعور پيدا ڪندو ۽ تنقيدي سوچ، شعور ۽ تعليم جي زيور سان آراستہ ٿي پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪندو تہ ظالم طبقي (Bourgeoisie) جو انت آڻي ڇڏيندو ۽ سماجي انقلاب برپا ڪري ڇڏيندو. باقي مارڪس ۽ لينن جو ھي خواب تہ ملڪ توڙي دنيا ۾ اھڙي انقلاب بدولت غير طبقاتي سماج جڙي سگهندو جتي نہ ڪو مالڪ ھوندو نہ ڪو نوڪر ھوندو، سندن خام خيالي ھئي.
فيمينزم يا عورت-واد (Feminism) جو نظريو پڻ مارڪسزم جي شاخ آھي يا ايئن کڻي چئجي تہ جنس جي لحاظ کان ان جو سماج تي اطلاق آھي. فيمينزم جي بانين ۽ حامين جو خيال، جيڪو صحيح پڻ آهي، تہ دنيا ۾ اڪثر معاشرا يا سماجي نظام پدراڻي نظام تي ھلندڙ ۽ ان کي ھٿي ڏيندڙ آھن. پدراڻي نظام کي مردن جو غالب معاشرو بہ چيو ويندو آهي. ان ۾ مردن طرفان شعوري توڙي غير شعوري طريقن سان عورتن کي نہ رڳو پاڻ کان گهٽ ۽ ادنيٰ سمجهيو ويندو آھي پر اھڙي پرورش کانپوءِ ايئن ثابت پڻ ڪيو ويندو آھي. نتيجي ۾ مردن اھڙي پدراڻي نظام ھيٺ عورتن جو نفسياتي، تعليمي، جسماني، معاشي، جذباتي، جنسي ۽ سياسي استحصال پئي ڪيو آهي. فيمينزم نظريو پدراڻي نظام جي نہ رڳو اوڻاين جي نشاندھي ڪندو آھي پر سماج کي مجموعي لحاظ کان بھتر بڻائڻ لاءِ انھن ظلمن جو حل پڻ پيش ڪندو آهي. ساڳي طرح سان فرائيڊ جو تحليل نفسي (Psychoanalysis) نظريو پڻ سماج تي مارڪسزم جو نفسيات جي حوالي سان اطلاق آھي. ھي نظريو حڪمران طبقي طرفان نڌڻڪي ۽ مظلوم عوام تي مذھب، عقيدي، نظرئي ۽ ثقافت جي نالي تي انھن ۾ پيدا ٿيل جنسي، نفسياتي ۽ سماجي ناآسودگين ۽ ناانصافين جو نفسياتي تجزيو ڪري انھن جو حل پيش ڪرڻ سان واسطو رکي ٿو. ھن نفسياتي تجزيي ھيٺ ھسٽيريا، ڊپريشن، اينزائٽي، نشو واپرائڻ ۽ خودڪشي بابت سوچڻ يا ڪرڻ جھڙن نفسياتي مريضن جي خوابن، خوفن، سوچن ۽ روين جي پيشہ ورانہ نفسياتدانن طرفان جانچ ڪئي ويندي آھي ۽ رھنمائي توڙي علاج ڪيو ويندو آھي.
جتي تصور يا خيال-پسند (Idealists) دائمي قدرن ۽ اخلاقيات جي ڳالھہ ڪندا آھن اتي ھڪ پاسي ترقي پسند (Progressivists) پراڻين روايتن کي بيڪار ۽ فرسودہ چئي ڦٽو ڪري نون طريقن، نين شين، نين روايتن ۽ نين نظرين کي اپنائڻ کي بھتر سمجهندا آھن. ان سان گڏ اھي اجتمائي اخلاقيات بدران انفراديت ۽ انفرادي تسڪين جي انڌ ۾ صديون پراڻي ڏاھپ جيڪا نسل در نسل منتقل ٿيندي ايندي آھي، کي يڪسر نظرانداز ڪندا آھن. ٻئي پاسي عمل-پسند (Pragmatists) وري حال کي ۽ پنھنجن سماجي عملن ۽ انھن جي تڪڙن نتيجن کي اھميت ڏيندي ماضي جي چڱين روايتن، دور-انديشي ۽ معاشري کي توازن ۾ بيھاريندڙ دور رس اخلاقيات کي ٿوڪاري ڇڏيندا آھن جيڪا سندن وڏي ۾ وڏي خامي آھي. اھو ئي سبب ھو جو جان ڊيوي (John Dewey) چيو ھو تہ ترقي پسند ۽ عمل پسند ٿيڻ جو اھو مطلب ڪونھي تہ اسان ماضي جي روايتن کي بنا سوچڻ سمجهڻ جي اڇلائي ڇڏيون. ان ڪري انھن جي چڱين ۽ ڏاھپ وارين ڳالھين، روين ۽ عملن کي نئين نظرئي ۾ ۽ پنھنجي زندگي ۾ جوڳي جاءِ ڏيڻ ضروري آھي. ان کان سواءِ خيال-پسنديت (Idealism) جي اثر ھيٺ ٻارن ۾ اجتماعيت جي فروغ لاءِ سندن مصنوعي ماحول يعني تعليمي ادارن ۾ تعليم ۽ تربيت ۾ استاد جو مرڪز-تعليم ھجڻ، استاد کي روحاني مرشد سمجهي ان کي نصاب، تدريسي طريقي ۽ سزا ۽ جزا ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ، ٻار کي مڇ جو وار سمجهڻ جنھن کي جيڏي مرضي ھجي اوڏي ورائڻ، يعني ٻار جي ذھن کي ڪوري سليٽ سمجهڻ جي رد ۾ فطرت-پسنديت(Naturalism)۽ترقي-پسنديت(Progressivism) جا فلسفا سامھون آيا. روسو جو فطرت-پسنديت فلسفو فرد جي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ھٿراڌو ماحول يا روايتي تعليمي ادارن، نصاب ۽ ضابطن جو انڪار ڪندڙ؛ فطري ماحول ۾ فطرت جي مشاھدي، ان جي سختين سھڻ مان سبق پرائڻ جو پرچار ڪندڙ؛ ۽ مڪمل انفرادي ۽ شخصي آزداي ھيٺ پنھنجن فطري ۽ جبلي ضرورتن جي تسڪين تي زور ڏيندڙ ھو. ھن فلسفي جو زور ٻار کي سماجي اثرن کان آزادي ڏيارڻ ۽ فطري ۽ جهنگلي ماحول ۾ پرورش لاءِ آزاد ڇڏڻ ھو. ٻئي پاسي تعليم جي حوالي سان ترقي-پسنديت ٻارن جي فطري ۽ انفرادي صلاحيتن جي نشونما جي آڙ ۾ استادن طرفان ٻارن تي سختي ۽ قائدن قانونن جو انڪاري ھو. مٿين تعليمي خامين جي پيش نظر جان ڊيوي عمل-پسنديت (Pragmatism) وسيلي ٻار جي انفرادي ۽ ان مٿان سماج جي اجتماعي اثرن جي وچ ۾ توازن پيدا ڪندي ٻار کي سماجي معاشري جو ھڪ ذميوار شھري بڻائڻ تي زور ڏنو. عمل- پسنديت ٻار جي انفرادي صلاحيتن جي نشونما ۽ گڏيل مفادن جي حاصلات لاءِ گڏيل رضامندي تحت راندين جي طرز تي ۽ شاگرد-مرڪز-تعليم جي طرز تي قائدن ۽ قانونن کي تعليم جو حصو بڻايو.
سائنسي تحقيقي فلسفي کي پازيٽوزم (Positivism) چيو ويندو آهي جنھن مطابق مادي دنيا معروضي سچائي (Objective Reality) تي مشتمل آھي جيڪا اسان جي ذھن کان ٻاھر مادي جي ٺوس دنيا ۾ موجود آھي ۽ معروضي اصولن جي پيروي ڪندڙ آھي. ھن مطابق اسان ڪنھن مادي شيءِ يا لقاءُ جي حواسي مشاھدن يا موزون اوزارن سان پيمائش ڪري سگهون ٿا ۽ ساڳين مخصوص حالتن ھيٺ ان جي تصديق پڻ ڪري سگهون ٿا. ھي فلسفو 20ھين صدي جي مني حصي تائين بنا مقابلي جاري رھيو پر پوءِ آخري چوٿائي ۾ ان جي مقابلي ۾ تشريحيت (Interpretivism) جو تحقيقي فلسفو آيو. ھن مطابق انسانن جي سماجي دنيا مادي دنيا کان مختلف آھي انڪري فطري سائنس ۽ تحقيق جا قائدا سماجي سائنس ۽ تحقيق تي لاڳو نہ ٿا ڪري سگهجن. ھن جي حامين جو چوڻ ھو تہ سماجي ذھنيت ۽ سماجي لقاء معروضي سچائين بجاءِ خالص موضوعي (Subjective) ۽ بين الافرادي (Intersubjective) سچائين يا عقيدن ۽ گهڙيل تصوراتي ڪھاڻين تي ٻڌل آھن، ان ڪري سماجي تحقيق ۽ تحقيق ڪندڙ اڻڌريا ٿي نہ ٿا سگهن. ٻين لفظن ۾ ھڪ پاسي اسان انسانن شين ۽ لقائن کي معني پاڻ ڏني آھي ۽ انھن جا قدر پاڻ متعين ڪيا آھن ان ڪري سماجي لقاء ۽ نظريا، قدر ۽ روايتون، ثقافت ۽ رويا توڙي صحيح ۽ غلط جا تصور سماجي محقق کي تيستائين سمجهہ ۾ نہ ايندا جيستائين اھو/اھا مطلوبہ ماڻھن جي پاتل رنگين (چٻي ڦڏي) عينڪ پاڻ نہ پائيندو/پائيندي! ٽيون ۽ جديد تحقيقي فلسفو پوسٽ-ماڊرنزم (Postmodernism) پڻ تشريحيت (Interpretivism) جھڙو آھي جيڪو نہ رڳو موضوعت جو حامي آھي پر ان کان ھڪ قدم اڳتي آھي. ھن مطابق نہ رڳو ھڪ کان وڌيڪ سچائيون آھن پر ھي ڪجهہ ڳالھين ۾ ٻين سچائين کي سائنس کان بھتر سمجهي ٿو. ھن جو ٻيو اھم نقطو اھو بہ آھي تہ دنيا ۾ ڪا ھڪ مطلق سچائي ناھي ان ڪري ھي فلسفو ھر جزوي ۽ موضوعي مشاھدي ۽ تصور کي سچائي طور تسليم ڪري ٿو. ”ڪا بہ شيءِ غير سياسي ڪانھي“ جي مصداق ھن ڌرتي تي طاقتور ۽ حڪمران ٽولي اڪثر ڪري پنھنجن مفادن تحت نظريا ۽ مذھب پئي گهڙيا آھن. ان ڪري ڪا ڳالھہ يا نظريو ۽ مذھب سورھن آنا صحيح ھجي، اھو ممڪن ڪونھي. توڙي جو آخري ٻن سچائين کي صحيح ڪوٺي نہ ٿو سگهجي پر اھي انساني سماج جي عمارت جي جوڙجڪ جو حصو ضرور آھن ۽ گهڻين ڳالھين ۾ انھن جو اجنبي انسانن منجهہ باھمي تعاون پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ۽ اھم ڪردار رھيو آھي. ان کان سواءِ اھي ٻئي فلسفا ماڻھن جي ناقص موضوعي، ثقافتي توڙي نظرياتي تضادن کي تسليم ڪندي انھن جي اپٽار ڪرڻ جو درس ڏيندا آھن. باقي تشريحيت ۽ پوسٽ-ماڊرنزم فلسفا ناقص موضوعي ۽ ثقافتي نظرين کي ھڪ سچائي طور پيش ڪري معروضي حقيقتن ۽ سچائين کان طوطا چشمي کي فروغ ضرور ڏين ٿا ۽ حڪمران ٽولي جي مضبوط پروپيگينڊا کي عوام ۾ سچائي طور ڦھلائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ استعمال ٿيندا پيا نظر اچن.
مٿئين بحث کي سوڙھو ڪجي تہ مون کي ايئن محسوس ٿئي ٿو تہ دنيا جا مختلف فلسفا مختلف نالن ۽ رنگين ڇٽين ھيٺ ھڪ نہ ٻي صورت ۾ يا تہ سائنس يعني مشاھداتي استدلال جا حامي رھيا آھن يا وري ان جا مخالف بڻجي قديم روايتن، قدرن، عقيدن ۽ مذھبن جا حامي رھيا آھن. ٻنھي فلسفن جي ٽولن جي حاصلات تي نظر وجهنداسين تہ ھڪ پاسي سڄي دنيا، ايستائين جو مخالفن، جي ھنج ۾ بہ سائنس پنھنجن انيڪ دريافتن، ايجادن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جا ثمر بنا ڪنھن مت ڀيد جي وڌا آھن ۽ انھن جي زندگين کي جنت نظير بڻايو آھي. جڏھن تہ فلسفين جو ٻيو ٽولو ھڪ پاسي پنھنجي مخالف ٽولي جو دشمن رھيو آھن تہ ٻئي پاسي اھو پنھنجن حامين جي زندگين کي غلامي، جهالت ۽ بيوسي وسيلي جھنم بڻايو ويٺو آھي؛ ھا ايترو ضرور آھي جو اھو ٽولو پنھنجن حامين لاءِ مرڻ کان پوءِ ھر قسم جي نعمتن ۽ آسائشن جو پڪو واعدو ضرور پيش ڪندو رھيو آھي.
منھنجي ذاتي راءِ آهي تہ نوتعميريت (Reconstructionism) فلسفي جي بنيادي تصور مطابق اسان جو معاشرو شديد بگاڙ جو شڪار ٿي چڪو آھي ان ڪري ان جي از سر نئين تعمير جي ضرورت آھي. اسان انسان فقط مادي وجود نہ ٿا رکون جنھن جي وجوديت (Existentialism) جي فلسفي سان مڪمل وضاحت ڪري سگهجي. ٻين لفظن ۾ انسان نہ رڳو حقيقت-پسند (Objective) آھي پر ذاتي پسند ناپسند سوچ رکندڙ (Subjective) ۽ ڪھاڻيون گهڙيندڙ ۽ ٻڌائيندڙ يا عقيدو رکندڙ (Intersubjective) پڻ آھي. ان ڪري سائنس سان گڏ اسان کي ھڪ بھتر عقيدي جي پڻ ضرورت آھي. ھن سلسلي ۾ نئون فلسفو انسان-پسنديت (Humanism) اسان جون سماجي ضرورتون احسن طريقي سان پوريون ڪري سگهي ٿو. انسان-پسنديت ھڪ ئي وقت ھڪ نظريو، فلسفو ۽ مذھب پڻ آھي جيڪو نہ رڳو زندگي گذارڻ جا سونھان اصول ٻڌائي ٿو پر مادي ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ انساني زندگي جي عقلي وضاحت پڻ پيش ڪري ٿو. انساني زندگي، انساني حق، انفراديت، روشن خيالي، جمھوريت، تقرير ۽ تحرير جي آزادي ۽ ترقي پسندي ھن جا نمايان گڻ آھن. ھي نظريو ۽ فلسفو رنگ، نسل، مذھب ۽ سماجي مرتبي جي مت-ڀيد کان بالاتر ٿي سڀني انسانن ۽ انھن جي جذبات کي ھڪ جيترو مقدس ۽ برابر سمجهي ٿو. منھنجي خيال ۾ سائنس ۽ انسان-پسنديت جو سنگم انساني بقا، فلاح ۽ ترقي جو ضامن آھي.
ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
سيوهڻ شريف
10.08.20.23
bhuttomuhammadilyas@gmail.com