صحيح ۽ غلط
ھي دنيا گول آھي ان ڪري ڪا بہ شي بلڪل سڌي يا سولي نہ آھي پر ھر شيء ۽ ھر نظرئي ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڏنگ ۽ ونگ موجود ھوندو آھي. ساڳي ريت شيون ۽ نظريا چاھي ڪيترا بہ سادا ھجن اھي مڪمل طور صحيح يا غلط نہ ھوندا آھن. ٻين لفظن ۾ دنيا جو ڪو بہ بھترين يا جڳ مشھور نظريو اھڙو نہ ھوندو جنھن ۾ ڪٿي نہ ڪٿي ڪا نہ ڪا اوڻائي يا ڪمزوري نہ ھجي. ساڳي ريت توھان کي دنيا جي اڇلايل ۽ رد ٿيل نظرئي ۾ پڻ ڪٿي نہ ڪٿي، ڪنھن نہ ڪنھن طبقي لاءِ ڪا نہ ڪا چڱائي ضرور ملندي. شين ۽ نظرين جو ٻيو رخ ھي بہ آھي تہ اھي ماڻھن وٽ سدائين ھڪ جيترا مقبول يا نفرت لائق نہ رھندا آھن. اڄ جيڪو ماڻھو يا ماڻھن جو طبقو ڪنھن شيء جي باري ۾ ھا ٿو ڪري تہ اڳتي ھلي اھو ان جو انڪار ڪندو. اھڙي ريت ھن جو ابتڙ پڻ صحيح آھي.
اسان جي زندگيءَ ۾ سکيا ٻن طريقن يعني غير رسمي ۽ رسمي تعليم وسيلي جاري ۽ ساري رھندي آھي. غير رسمي تعليم اصل ۾ فردن جي زندگيءَ ۾ غير شعوري يا غير محسوس طريقي سان ڄمڻ کان مرڻ تائين پئي ھلندي آھي. ھن ۾ ماڻھو پنھنجن ريتن رسمن ۽ زندگي گزارڻ جي ثقافتي رنگ ۽ ڍنگ ۾ رڱجي ۽ ڍلجي ويندا آهن. ماڻھن تي ثقافتي سکيا جو اثر رسمي تعليم جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهڻو ۽ ڳوڙھو ھوندو آھي. اسان جا صحيح ۽ غلط يا پسنديدہ ۽ ناپسنديده شين ۽ نظرين جا تصور گهڻو تڻو ثقافتي اثرن ھيٺ جڙندا آهن. جيئن تہ ثقافتي اثر ۽ ثقافتي سوچ غير محسوس طريقي سان بذات خود ھڪ بين الافرادي سچائي بڻجي ويندي آھي ان ڪري ڪنھن بہ ثقافت ۾ رھندڙ ماڻھن لاءِ سندن وطن ۽ ٻولي، لباس ۽ ريتون رسمون، اخلاقيات ۽ اقدار، عقيدا ۽ مذھب، زندگي ۽ ڪائنات متعلق نظريا، ادبي شاھڪار ۽ شخصيتون وغيرہ خامين کان پاڪ ۽ پوتر، جان کان پيارا ۽ صحيح بڻجي ويندا آهن. ساڳي ريت رسمي تعليم يعني اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب وسيلي شاگردن ۾ مخصوص سوچ، رويي ۽ ڪردار جي شعوري سطح تي پرورش ڪئي ويندي آهي جيڪا پڻ اسان لاءِ صحيح ۽ غلط جو تعين ڪري ٿي.
جيتوڻيڪ مٿيان ثقافتي اجزا اسان لاءِ اتفاقي ھوندا آھن يعني اسان ذاتي ۽ شعوري طور انھن کي پنھنجي لاءِ نہ چونڊيو ھوندو آھي پر پوءِ بہ انھن جي اثر ھيٺ اسان کي پنھنجي ٻولي، پنھنجون ريتون رسمون، پنھنجو مذھب، پنھنجو ديس، پنھنجو ويس، پنھنجي ديس جا ماڻھو، پنھنجو ويس پھريندڙ ماڻھو صحيح لڳندا آھن. بظاھر اھو ھڪ فطري لقاءُ آھي پر معاملا تڏھن بگڙندا آھن جڏھن پنھنجن کان مختلف يا ڌارئي ثقافت سان جڙيل ماڻھن، شين، روين، نظرين ۽ عملن کي اسان معروضي ڪسوٽي تي پرکڻ کان سواءِ ۽ ڪنھن ثبوت ۽ دليل کان سواءِ فقط ڌارئي ھجڻ ڪري غلط سمجهندا آھيون ۽ انھن سان نفرت ڪندا آھيون. اھڙي قسم جي انتهاپسندي واري سوچ ھن ڌرتي جي گولي تي فساد جو ڪارڻ بڻبي آھي.
سائنس ۽ مذھب جا ميدان گهڻو تڻو ھڪ ٻئي کان الڳ آھن پر ضرور ڪٿي ڪٿي ھڪٻئي سان وچڙن بہ ٿا. ان ڪري اصولي طرح سان انھن کي ھڪ ٻئي جو دشمن سمجهڻ سياڻپ جو ڪم نہ آھي. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي تہ گهڻو ڪري مذھبي ماڻھن پنھنجي اڻ ڄاڻائي جي ڪري سائنسدانن تي ڪوڙا بھتان ھنيا آھن تہ انھن جا نظريا مذھب سان ٽڪراء ۾ آھن ان ڪري صحيح نہ آھن، نتيجي ۾ ڪيترن ئي سائنسدانن کي يا تہ قتل ڪيو ويو، يا وري اذيتناڪ سزائون ڏنيون ويون، يا وري انھن کي عقوبت خانن ۾ قيد ڪيو ويو، يا وري ملڪ بدر ڪيو ويو. پر اڳتي ھلي وقت ثابت ڪيو تہ مذھبي ڌريون غلط ھيون ۽ سائنسدان صحيح ھئا. اچو تہ تاريخ مان ڪجهہ مثال ڳولي ڪڍون.
گيليليو/ گيليلي پھريون دفعو ھڪ وڏي ”دوربين“ ايجاد ڪئي ۽ آسماني جسمن (سيارن يا گرھن ۽ انھن جي چنڊن) جي گردش جو باقائدگي سان مشاھدو ڪرڻ کان پوءِ ڪوپرنيڪس سان گڏجي ۱۵۴۳ع ۾ پنھنجن مشاھدن متعلق ھڪ ڪتابچو ڇپرايو. ھنن ان ۾ اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سج ھڪ مرڪز آھي جنھن جي چوڌاري زمين ۽ ٻيا سيارا گردش ڪري رھيا آھن. عيسائي چرچ جي ڪرتن ڌرتن کي اھي مشاھدا انجيل جي زمين جي مرڪز ھئڻ ۽ سج چنڊ تارن کي زمين جي چوڌاري گردش ڪرڻ واري نظرئي جي ابتڙ لڳو. ان ڪري گيليلو کي قتل ڪرڻ جي سزا ڏيڻي ڪيائون. جنھن تي ھن پنھنجي زندگي بچائيندي پنھنجي مشاھدي ۽ نظرئي تان ھٿ کنيو ۽ معافي وٺي جان ڇڏائي، پر پوءِ بہ ھن کي مرڻ تائين گهر ۾ عمر قيد رکيو ويو ۽ ھن جي ڪتابچي کي ضبط ڪيو ويو. اڄڪلھہ پرائمري ۾ پڙھندڙ ٻارن کي پڻ اھو پڙھايو ويندو آھي تہ سج اسان جي نظام شمسي جو مرڪز آھي ۽ زمين سوڌو اٺ سيارا اُن جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن.
ساڳيءَ طرح سان طب جي ماھر مسلمان سائنسدان ۽ محقق محمد بن ذڪريا الراضي (860-932ع) کي سائنس ۽ مغربي فلاسافرن جھڙوڪ ھپوڪرائيٽس ۽ گيلن جا ڪتاب پڙھڻ ۽ شاگردن کي پڙھائڻ جي پاداش ۾ وقت جي ھڪ مسلمان خليفي اھا سزا ڏني تہ ھن جي مٿي تي سندس لکيل ڪتاب ايستائين زور سان ھنيا وڃن جيستائين ڪتاب ڦاٽن يا سندس مٿو ڦاٽي. نتيجي ۾ مٿي تي ڌڪن جي ڪري ھو باقي عمر لاءِ انڌو ٿي ويو ۽ محقق توڙي طبيب طور ڪم نہ ڪري سگهيو. ان کان سواءِ ڊڪٽيٽر ھٽلر طرفان البرٽ آئينسٽائين کي ٿيوري آف رليٽوٽي پيش ڪرڻ تي سزا طور سندس ڪتاب ساڙيا ويا ۽ ملڪيت ضبط ڪئي وئي.
مختلف ملڪن ۾ صحيح ۽ غلط جون وصفون مختلف نمونن سان ڪيون وينديون آھن، ان ڪري مختلف ملڪن ۾ مختلف قانون لاڳو ھوندا آھن. ھڪ ملڪ ۾ ھڪ سماجي عمل جھڙوڪ ھڪ مرد ۽ عورت جو بنا شاديءَ جي زال مڙس ٿي ھڪ گهر ۾ رھڻ قابل قبول ۽ صحيح عمل آھي جڏھن تہ ٻئي ملڪ ۾ اھڙو عمل ٻنھي ڌرين لاءِ سنگسار ڪرڻ يا ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙھڻ جھڙو بدترين ڏوھ ۽ غلط عمل آھي.
موضوعي لحاظ کان ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي يا پنھنجي ڪنھن بہ عمل کي غلط نہ چوندو آھي پر ھميشہ پاڻ کي صحيح سمجهندو آھي. ھڪ چور، ھڪ ڌاڙيل، ھڪ بدعنوان سياستدان، ھڪ بدعنوان ڪاموري يا ھڪ تنگ نظر مذھبي اڳواڻ جي نظر ۾ سندن ڪڌا عمل صحيح ۽ مدلل ھوندا آھن. ھي نقطو ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا“ جي عڪاسي ڪري ٿو. طاقتور حڪمران طبقي جي ثقافت ۽ سوچ محڪوم طبقن تي شعوري يا غيرشعوري طور تي غالب اچي ويندي آھي.
مٿئين بحث مان اسان اھو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا تہ صحيح ۽ غلط نسبتي تصور آھن جيڪي مختلف ثقافتن ۾ مختلف حيثيت ۽ اھميت رکن ٿا. ٻيو تہ طاقتور ٽولو پنھنجي مفادن تحت انھن جي من پسند تشريح ڪندو آھي.