انسان ـ پسنديت نظريو
انسان-پسنديت ھڪ ئي وقت ھڪ نظريو، فلسفو ۽ مذھب آھي جيڪو نہ رڳو زندگي گذارڻ جا سونھان اصول ٻڌائي ٿو پر مادي ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ انساني زندگي جي عقلي وضاحت پڻ پيش ڪري ٿو. انساني زندگي، انساني حق، انفراديت، روشن خيالي، جهموريت، تقرير ۽ تحرير جي آزادي ۽ ترقي پسندي ھن جا نمايان گڻ آھن. ھي نظريو ۽ فلسفو رنگ، نسل، مذھب ۽ سماجي مرتبي جي مت-ڀيد کان بالاتر ٿي سڀني انسانن ۽ انھن جي جذبات کي ھڪ جيترو مقدس ۽ برابر سمجهي ٿو. ھن مطابق انسان پنھنجن سوچن، روين ۽ عملن لاءِ آزاد آھي ۽ اھو ڪنھن اڻڏٺل ۽ تصوراتي خدا جي اڳيان جوابده نہ آھي پر اھو پنھنجي ۽ ٻين ماڻھن اڳيان جوابده آھي. مطلب تہ ھن مطابق ڪائنات ۽ زندگي کي سمجهڻ لاءِ توڙي انساني اخلاقيات يعني انسانن کي ڪھڙيءَ ريت زندگي گذارڻ گهرجي جي تعين لاءِ اڻ ڏٺل خدا يا الھامي ڪتابن جي حڪمن جي ضرورت نہ آهي پر سموري اخلاقيات انساني حياتيءَ ۽ انفرادي انساني جذبات کي مقدس سمجهڻ جي بنياد تي ٻڌل آهي. ان جو مطلب اھو آھي تہ ڪنھن بہ انسان کي اھو سڀڪجهہ ڪرڻ جي آزادي آھي جيڪو اھو چاھي ٿو يا جنھن ۾ ان کي سٺو محسوس ٿئي ٿو پر شرط اھو آھي تہ ان عمل سان انفرادي توڙي اجتمائي طور ڪنھن ٻئي ماڻھو يا ماڻھن جي طبقي جا جذبات مجروح نہ ٿيندا ھجن. مطلب تہ ھڪ معاشري ۾ جڏھن ٻن ماڻھن جا رويا ۽ عمل ھڪ ٻئي لاءِ ھڪ جيترا قابل قبول ھجن ۽ سندن انھن روين ۽ عملن جي ڪري معاشري جي ٻين ماڻھن کي بہ ڪو اھنج ۽ رنج نہ پھچي تہ سندن اھڙا رويا ۽ عمل اخلاق جي دائري ۾ آھن.
جيئن تہ ھي فلسفو عقليت يعني حواسي مشاھدن, تجربن ۽ منطقي تجزين تحت ثابت ٿيندڙ يا سائنسي معلومات کي ڀروسي جوڳو سمجهي ٿو ان لحاظ کان ھن جا پيرا سقراط کان بہ اڳين فلسفين ڏانھن وڃن ٿا؛ مثال طور پروٽوگورس (440 BC) چيو ھو: ”مون کي پڪ نہ آھي تہ خدا آھن يا نہ آھن، ۽ جي آھن تہ انھن جي شڪل ڪھڙي آھي؟“ سقراط (BC 399-470) کي بہ تہ انساني اخلاقيات ۽ انصاف جي منطقي ۽ تشريح ڪرڻ تي زھر جو پيالو پيئڻو پيو. ارسطو (322-384 BC) عقليتي استدلال ۽ اخلاقيات کي انساني فطرت جي ڪسوٽي تي پرکڻ جو باني ۽ پيروڪار ھو. ويجهي ماضيءَ ۾ سلطنت عثمانيہ طرفان بازنطيني يا رومي سلطنت جي گادي قسطنطنيہ جي فتح (1453ع) کان پوءِ يورپ ۾ ”وچئين يا تاريڪ دؤر“ جي پڄاڻي ٿي. لڳ ڀڳ مٿئين عرصي (اٺين کان چوڏھين صدي عيسوي) دوران اسلامي علم ۽ روشن خيالي جي اثر ھيٺ بو علي سينا، محمد بن ذڪريا الراضي، جابر بن حيان، محمد موسيٰ الخوارزمي جھڙن سائنسدانن جي تحقيق، کوجنا ۽ ايجادن مسلمانن کي سائنسي عروج جو ھڪ تاريخي ”سونھري دور“ ڏنو جنھن ۾ علم جي مذھبي ۽ غير مذھبي ھٿراڌو تفريق ڪانہ ھئي (بعد۾ اھڙي تفريق ئي مسلمانن جي پٺتي پوڻ جو سبب بڻي). اھڙي ريت علم ۽ روشن خيالي جي روشني مشرق کان مغرب تائين پھتي. يورپ ۾ ”جديد سائنسي انقلاب“ جون پاڙون جيتوڻيڪ تاريخ جي ”وچئين دؤر“ (پنجين کان پندرھين صدي) جي اٽلي جي شاعر ۽ دانشور پيٽرارڪ (Petrarch: 1304-1374 AD) تائين وڃن ٿيون جنھن کي انسان-پسنديت جو باني پڻ چيو ويندو آھي، پر سورھين کان ويھين صدي دوران برطانيہ ۽ يورپ ۾ برپا ٿيندڙ صنعتي انقلاب (پرنٽنگ پريس، ريلوي نظام) جي اثر ھيٺ چرچ کان بغاوت ئي انساني تاريخ کي انسان-پسنديت جھڙو ھڪ عظيم نظريو، فلسفو ۽ مذھب عطا ڪيو آهي. ھن لاءِ فطري سائنسدانن جھڙوڪ ڪوپرنيڪس، گيليلو، رين ڊيڪارٽي، وليم گلبرٽ، پاسڪل، رابرٽ بوائل، آئزڪ نيوٽن، بينجمن فرينڪلن، لوائيزر، گريگر مينڊل، چارلس ڊارون، البرٽ آئينسٽائين، ميري ڪيوري ۽ سگمنڊ فرائيڊ وغيرہ سان گڏ مغربي فلسفين جھڙوڪ وولٽائر، اسپائنوزا، ڪانٽ، ايڊم سمٿ، روسو، جان لاڪ، ليبنيز، ڊيوڊ ھيوم،، فرانسس بيڪن، ڪارل مارڪس، ڪارل روجرس ۽ جان ڊيوي وغيرہ جون خدمتون ناقابلِ فراموش آھن. انسان-پسنديت ھن وقت يورپ ۽ آمريڪا ۾ مقبول ترين نظرئي ۽ فلسفي طور مڃيو وڃي ٿو.
انسان-پسنديت جا حامي ھنن ڏھن اصولن کي زندگي گذارڻ جا سونھان اصول سمجهندا ۽ مڃيندا آھن: اھي روايتي ۽ دقيانوسي سوچ کي رد ڪندي تنقيدي سوچ يعني سائنسي سوچ تي يقين رکندا آهن؛ اھي لچڪدار اخلاقيات تي يقين رکندا آھن يعني ھڪ فرد جو انفرادي عمل ٻين ماڻھن، ٻين زندگين ۽ ماحول تي ڪھڙا اثر وجهي ٿو بابت مسلسل تحقيق ۽ تدبر تي يقين رکندا آھن؛ اھي عالمي ۽ سماجي امن لاءِ ھر قسم جي ناانصافي کي ختم ڪرڻ تي يقين رکندا آھن؛ اھي ھر ماڻھوءَ جي فطري ۽ اڪتسابي صلاحيتن کي معاشري جي فلاح ۽ بھبود لاءِ وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ تي يقين رکندا آھن؛ اھي معاشري ۾ سھپ ۽ رواداري پيدا ڪرڻ لاءِ پنھنجي خيالن ۽ نظرين کي پاسيرو رکي ٻين جي تڪليفن ۽ اھنجن کي سمجهڻ لاءِ ٻئي جي ڳالھہ کي غور سان ٻڌندا آھن ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آھن؛ اھي پنھنجين ڪاميابين ۽ اعليٰ حاصلات ھوندي بہ انڪساري ۽ خدمت تي يقين رکندا آهن ۽ غرور کي رد ڪندا آھن؛ اھي نہ رڳو انساني زندگي پر ٻي سڀ زندگي توڙي ماحوليات جي تحفظ جي عملي جاکوڙ تي يقين رکندا آهن؛ اھي انسانن جي ھڪ ٻئي تي انحصار، عالمي ڳوٺ جي تصور ۽ گهڻ ثقافتي قبوليت کي مڃيندڙ آھن؛ اھي پنھنجي انفرادي سوچن، روين ۽ عملن جي پوري ذميداري کڻندڙ آھن؛ ۽ اھي معاشري ۾ انفرادي توڙي اجتماعي فلاح جا خواھشمند آھن ۽ بيغرض خدمت تي يقين رکندڙ آھن.
يووال نوح ھراري پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ”ھومو ڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ“ (Homo Deus: A Brief History of Tomorrow) ۾ ھن نظرئي بابت سٺو بحث ڪيو آھي. ان مطابق انسان-پسنديت جو زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو آهي پر ان کي سمجهڻ لاءِ هتي زندگي جي پنجن اهم شعبن ۾ سندس اطلاق ۽ متعلقه ُسونھان اصول ٻڌائڻ ضروري آھي:
• انسان-پسنديت سياست: هڪ ووٽر ئي بھتر ڄاڻي ٿو.
• انسان-پسنديت معاشيات: هڪ گراهڪ ئي هميشه صحيح آهي.
• انسان-پسنديت جماليات: خوبصورتي ڏسڻ واري جي اک ۾ هوندي آهي.
• انسان-پسنديت اخلاقيات: جيڪڏهن ڪجهہ ڪرڻ ۾ توهان کي سٺو محسوس ٿئي ٿو تہ ڀلي ڪريو.
• انسان-پسنديت تعليم: پنھنجو پاڻ سوچيو.
ھراري چوي ٿو تہ انسان-پسنديت نظرئي يا مذهب جا ڪجهہ اُونداها پاسا پڻ آهن. مثال طور، هڪ پاسي انسان-پسنديت معيشت مطابق هڪ گراهڪ ئي هميشه صحيح هوندو آهي جي مطابق اسان جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ گوشت جي طلب ۽ رسد (گراهڪن طرفان طلب ۽ سيڙپڪارن طرفان رسد) تي انحصار ڪريون ٿا، تہ اچو تہ اهو پڻ ڏسون تہ ٻئي پاسي اهي سيڙپڪار ڇا ڪري رهيا آهن؟ انھن سيڙپڪارن اُپسالا ۾ بايو ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جانورن ۾ جينياتي هير-ڦير لاءِ پروفيسر ليف اينڊرسن جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. پروفيسر صاحب مختلف جانورن جھڙوڪ سُوئرن، ڪُڪڙين ۽ ڳائي مال تي جينياتي تجربا ڪري رهيو آهي تہ جيئن انھن مان تڪڙو ۽ وڌيڪ گوشت پيدا ڪري سگهجي يا وري تڪڙو ۽ وڌيڪ کير جو مقدار پيدا ڪري سگهجي. هن سان هڪ انٽرويو ۾ هڪ اخباري صحافي جڏهن بحث ڪندي سوال ڪيو تہ: پروفيسر صاحب ڇا اها هڪ حقيقت نہ آهي تہ جانورن توڙي پکين (يا ٻين جاندارن) جي جينياتي هير-ڦير انھن لاءِ تڪليف ۽ اذيت جو سبب بڻجي رهي آهي؟ ڇو تہ اڄڪلھہ اڳ ۾ ئي جينياتي تبديلين وسيلي ڳئون جو اهڙو نسل پيدا ڪيو ويو آهي جنھن منجھان ڄاول ڦرڙا ايترا تہ ڳرا ۽ ٿُلها ٿا پيدا ٿين جو اهي مشڪل سان ئي بيهي سگهن ٿا، ۽ ٻئي پاسي وري بھتر بڻايل ڪُڪڙيون پڻ ايتريون ڳريون ۽ ٿُلھيون بڻايون ويون آهن جو اهي بيھي بہ نہ ٿيون سگهن ۽ وڌيڪ وزن جي ڪري فقط ويٺيون ئي هونديون آهن. تہ ڇا انھن جانورن کي اهڙي تڪليف ۾ مبتلا ڪرڻ توهان جي نظر ۾ ٺيڪ آهي؟ ان تي پروفيسر صاحب پختو جواب ڏئي ٿو تہ ”هر شي آخرڪار هڪ گراهڪ تائين پھچي ٿي، ان ڪري سوال اهو آهي تہ هڪ گراهڪ گوشت لاءِ ڪيتري قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي...اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي تہ جينياتي تبديلين کان سواءِ رواجي يا فطري طريقن سان دنيا ۾ گوشت جي موجودہ طلب يا کپت کي مُنھن ڏيڻ ناممڪن آهي...جڏهن گراهڪ اسان کي سستي ۾ سستي گوشت لاءِ چون ٿا...تڏهن ئي اسان گراهڪن کي اهو مھيا ڪريون ٿا...گراهڪن کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي تہ انھن لاءِ ڪھڙي شي اهم آهي: قيمت يا ڪجهہ ٻيو.“ اهو ئي سبب آهي جو پروفيسر اينڊرسن مطمئن ضمير سان رات جو آرام وارِي ننڊ ڪري ٿو ۽ کيس کي توڙي گراهڪن کي احساسِ جرم محسوس ئي نہ ٿو ٿئي.
ڳالھہ جو ڳر اِھو آھي تہ اڄوڪي ترقي يافتہ دنيا خاص ڪري اولھہ جي ملڪن خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻھو صنعتي انقلاب کان پوءِ پنھنجي جوڙيل انسان-پسنديت جي نظرئي ۽ فلسفي تي يقين رکن ٿا؛ ھاڻي انھن کي زندگي گذارڻ ۽ ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ ڪنھن مذھبي ۽ اڻ ڏٺل خدا جي حڪمن جي ضرورت محسوس نہ ٿي ٿئي. انسان-پسنديت نظريو يا فلسفو انسانن جي انفرادي توڙي اجتمائي ترقي جو ضامن نظر اچي ٿو. جيئن تہ ھي نظريو سائنس وانگر ھر وقت ھر ڳالھہ تي تنقيد لاءِ کليل آھي انڪري ھن جا ڪمزور پاسا اڳتي ھلي بھتر بڻجي ويندا ۽ ھي نظريو انسانذات جي بنا ڪنھن مت-ڀيد جي خدمت ڪندو رھندو.
مددي ڪتاب :
1. https://thehumanist.com/magazine/september-october-2019/features/living-humanist-values-the-ten commitments/
2. https://en.wikipedia.org/wiki/Scientific_Revolution
3.https://en.wikipedia.org/wiki/Humanism#:~:text=Humanists%20tend%20to%20advocate%20for,with%20education%20and%20the%20state.
4.Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK