پوسٽ ماڊرنزم فلسفو
جيئن تہ پوسٽ ماڊرنزم کي هڪ پيچيدہ ۽ گهڻ رخي ثقافتي ۽ دانشورانہ تحريڪ سمجهڻ وڌيڪ صحيح آهي، ان ڪري ان کي ڪنھن ھڪ بانيءَ تائين محدود ڪرڻ اجائي ڳالھہ آھي. ھن سوچ، تحريڪ، نظرئي ۽ فلسفي جي ترقيءَ سان لاڳاپيل ڪجهہ اهم شخصيتن ۾ فريڊرڪ نيٽشي (1844-1900)، مارٽن هيڊيگر (1889-1976)، لڊوِگ وِٽگنسٽائين (1889-1951)، جيڪس ڊيريڊا (1930-2004)، جين فرانڪوئس ليوٽارڊ (1924-1998)، مائيڪل فوڪالٽ (1926-1984)، گليس ڊيليوز (1925-1995) ۽ جين باڊري لارڊ (1929-2007) شامل آهن.
پوسٽ ماڊرنزم صرف هڪ فلسفيانہ تحريڪ ناهي ۽ نہ ئي فقط پنھنجي شعبي تائين محدود آهي، ان ڪري ان جو اثر ٻين شعبن جھڙوڪ فن، فن تعمير، ادب، فلم ۽ ثقافتي اڀياس ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هتي پوسٽ ماڊرنزم کي چڱي ريت سمجهڻ لاءِ ان جون ڪجهہ اهم خاصيتون نظر مان ڪڍڻ ضروري آھن.
• شين ۽ نظرين جي باري ۾ شڪ: پوسٽ ماڊرنزم عظيم ۽ وسيع نظريات يا metanarratives کي رد ڪري ٿو جيڪي هر شيء جي وضاحت ڪرڻ جي دعوي ڪن ٿا. ان جي بدران، اهو انساني تجربن ۽ محسوسات جي تنوع ۽ مختلف نقطہ نظرن يا انھن جي ڪثرت تي زور ڏئي ٿو.
• مطلق سچائي جو رد: پوسٽ ماڊرنزم ان تصور کي چيلينج ڪري ٿو تہ دنيا ۾ هڪ ئي واحد ۽ معروضي سچائي آهي جنھن تائين فقط منطق، استدلال يا تجرباتي مشاهدي (سائنسي طرز عمل) ذريعي پھچي سگهجي ٿو. ان جي رد م ھي نظريو اهو دليل ڏئي ٿو تہ سماجي سچائي کي مختلف حالتن، واقعن ۽ تناظرن ۾ ٻولي ۽ گفتگو ذريعي تعمير ڪيو ويندو آهي ۽ تنھن ڪري سچائي ھميشہ موضوعي ھوندي آھي ۽ ڳالهائيندڙ جي تناظر ۽ نقطہ نظر تي منحصر ھوندي آھي.
• ثقافتي تناظر تي زور: پوسٽ ماڊرنزم نظريو اھو تسليم ڪري ٿو تہ مختلف ثقافتن جا پنھنجا الڳ قدر، عقيدا، روايتون، رويا ۽ عمل آهن جن کي اخلاقيات جي عالمي معيار سان قطئي طور پرکي نٿو سگهجي. اهو نقطہ نظر مختلف ثقافتن سان رواداري ۽ احترام جي بنيادي رويي ۽ عمل جي حمايت ڪري ٿو.
• جزئيات بيني ۽ طنز: پوسٽ ماڊرنزم نظريو جزيات ۽ انھن ۾ ٽڪراءَ، غير تسلسل ۽ گهڻائي يا گهڻ رخائي کي تسليم ڪندي وڏي پيماني تي ھڪ مربوط ۽ متسلسل موضوعي سچائي جو پڻ انڪار ڪري ٿو؛ ۽ ان نظريي ھيٺ غالب سياسي ۽ ثقافتي نقطہ نظر جي باريڪين، تضادن ۽ حدن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ اڪثر ڪري ذاتي سوچ ويچار، طنز، مزاح، ٽوڪ ۽ طعني جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
• ثقافت کي هٿي وٺرائڻ: پوسٽ ماڊرنزم روزمره جي مشھور لاڙن، ثقافتن ۽ جشنن ملهائڻ جي تائيد ڪري ٿو پر ڪنھن بہ غالب سياسي طبقي يا اشرافيہ جي مخصوص ثقافتي لاڙن ۽ قدرن کي رد ڪري ٿو. ان مقصد لاءِ دنيا جھان جي مختلف ثقافتن ۽ قدرن کي جديد ذرائع ابلاغ وسيلي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچائڻ ۽ مختلف ثقافتن سان سلهاڙيل ھنرمندن جي ھنرن ۽ تخليقڪارن جي فن پارن ۽ ڪتابن جي ترويج ۽ مشھوري سان گهڻ رخي ۽ گهڻ رنگي دنيا جي تشڪيل ھن نظرئي جو ھڪ اھم اھڃاڻ ۽ مقصد آهي.
• گهڻ شعبي لاڳاپو: پوسٽ ماڊرنزم مختلف شعبن ۽ موضوعن جي وچ ۾ ھٿراڌو حدبندي جي ڇڪيل ليڪن کي نہ ٿو مڃي. ان ڪري آرٽ يا فنون لطيفه، ادب، فلسفي ۽ ثقافت جي مختلف اڀياسن ۽ تجربن بابت تحقيق ۾ تعاون جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. ھي نظريو مختلف ثقافتي رجحانن کي سمجهڻ ۾ انھن جي اندروني حوالن ۽ واقعن جي اهميت تي زور ڏئي ٿو.
ھتي پڙھندڙ اھو نہ سمجهن تہ ھي فلسفو سائنس جي دريافتن، ايجادن ۽ اخترائن جي سراسر نفي ٿو ڪري پر ھن جا حامي اھو ضرور چون ٿا تہ سائنس، خاص طور سماجي سائنسي لقائن، ۾ مڪمل معروضييت (Objectivity) ناممڪن آھي. ٻيو تہ ڪائنات کي سمجهڻ جي حوالي سان فقط سائنسي نظريو ئي قابلِ قبول نہ آهي پر ٻيا طريقا جھڙوڪ ذاتي ڪشف ۽ روحانيت وغيرہ پڻ اھميت رکن ٿا. انکان سواءِ انھن جو اھو بہ مؤقف آھي تہ سائنس انسان کي فقط ترقي جا رستا نہ ڏيکاريا آهن پر ان جو غلط استعمال دنيا کي تباھي ڏانھن پڻ وٺي وڃي رھيو آھي. انڪري دنيا توڙي ڪائنات جي تصور ۽ تصوير کي بھتر طور سمجهڻ لاءِ ھڪ کان وڌيڪ طريقا ۽ رخ موجود آهن. ھن تنقيدي نظرئي جا حامي چون ٿا تہ غالب سياسي ۽ ثقافتي طبقا ٻوليءَ ۽ ذرائع ابلاغ کي پنھنجو ھٿيار بڻائي پنھنجا بيانيہ ڦھلائي رھيا آھن.
مجموعي طور تي، پوسٽ ماڊرنزم سماجي شين ۽ لقائن جي مستحڪم معنائن ۽ قدرن جي روايتي تصور کي للڪاري ٿو، ۽ ثقافتي شڪلين، لقائن ۽ گفتگوئن تي گهڻ رخي ذاتي ۽ تنقيدي نظر وجهڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو.
مددي ڪتاب:
1. https://media-studies.com/postmodernism/
2. https://simplicable.com/society/postmodernism
3. https://www.britannica.com/topic/postmodernism-philosophy
4. https://www.allaboutphilosophy.org/characteristics-of-postmodernism-faq.htm
(فيس بوڪ تي مٿئين فلسفي جي پوسٽ تي حجت سنڌي جي راءِ جي بنياد تي منھنجو حمايتي رايو)
سائين حجت سنڌي توهان بلڪل صحيح ٿا چئو. منھنجو ذاتي تصور پڻ اھو آھي تہ معروضيت يا سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل اسان کي ارتقاء ۽ ماديت جي باھمي تضادن ۽ انھن جي سماجي اطلاق يعني مارڪسزم جي نظرياتي ۽ عملي طور صحيح ھجڻ جو ڏس ڏين ٿا. پر جيئن تہ انسان رڳو حقيقت-پسند نہ آھي ۽ ان جي سماجي زندگي عقليت تي انحصار نہ ٿي ڪري پر ھو ڪھاڻين ۽ افسانن کي گهڻو پسند ڪندو آھي (توڙي جو اھا روش صحيح نہ آھي)، انڪري مختلف ثقافتن ۽ علائقن ۾ انسانن ۾ نظرياتي توڙي عملي سطحن تي ڪيترا ئي انڌا ۽ گمراھ ڪندڙ عقيدا، تصور، روايتون ۽ اخلاق مروج رھيا ھئا، آھن ۽ رھندا. جيئن تہ ڪو بہ فلسفو يا نظريو ھر ڪنھن ماڻھو لاءِ يا ماڻھن جي ھر طبقي لاءِ سئو سيڪڙو صحيح توڙي سئو سيڪڙو غلط نہ ھوندو آھي؛ ان ۾ ماضيءَ جون خوبيون ۽ مستقبل جون خاميون ھر وقت پوشيده ۽ ڪارفرما ھونديون آھن جيڪي ان کي معروضي حالتن ھيٺ مخصوص عرصي تائين يا تہ برقرار رکنديون آھن يا وري ٽوڙي ڦوڙي ھڪ نئين فلسفي ۽ نظرئي جي راھ ھموار ڪنديون آھن. ھن سلسلي ۾ پوسٽ ماڊرنزم فلسفو ھيٺ گهٽ ۾ گهٽ مروج انساني سماج ۾ (جتي اسان جي نظرياتي ۽ عملي زندگي کي متاثر ڪندڙ سچائي ھڪ نہ پر ھراري مطابق ٽي آھن: معروضي، موضوعي ۽ بين الافرادي... توڙي جو آخري ٻن سچائين کي صحيح ڪوٺي نہ ٿو سگهجي پر اھي انساني سماج جي عمارت جي جوڙجڪ جو حصو ضرور آھن ۽ گهڻين ڳالھين ۾ انھن جو انسان منجه باھمي تعاون پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ۽ اھم ڪردار آھي) ماڻھن جي ناقص موضوعي، ثقافتي توڙي نظرياتي تضادن کي تسليم ڪندي انھن جي اپٽار ڪرڻ جو درس ڏيندو آھي. باقي اھو فلسفو توھان جي ڳالھ وانگر ناقص موضوعي ۽ ثقافتي نظرين کي ھڪ سچائي طور پيش ڪري معروضي حقيقتن ۽ سچائين کان طوطا چشمي کي فروغ ڏئي ٿو.