فرائيڊ جو تحليل نفسي نظريو: مختصر تعارف
ھڪ انساني معاشرو جيتوڻيڪ ھزارن ۽ لکن فردن تي ٻڌل آھي پر آخري تجزئي ۾ ان جا سڀ فرد الڳ ٿلڳ وراثتي ۽ گهريلو ماحول جي اثرن جي پيداوار آھن. ھر ھڪ فرد انفرادي طور پنھنجي الڳ دنيا ۾ پلجي وڏو ٿيو آھي يعني ھن پنھنجي الڳ نفسياتي دنيا جوڙي رکي آھي ۽ ان متعلق پنھنجا الڳ تصور جوڙي رکيا آھن. ھڪ گهر يا خاندان کي معاشري جي بنيادي وحدت قرار ڏنو ويندو آھي ان ڪري سگمنڊ فرائيڊ مطابق ڪنھن بہ بالغ فرد جي سوچ، رويي ۽ ڪردار توڙي ان جي نفسياتي مونجهارن يا زخمن، خوفن، مجرمانہ خواھشن، جرم جي احساسن ۽ غير حل ٿيل نفسياتي تنازعن جا پيرا ننڍپڻ جي گهريلو زندگي جي تجربن ۽ آزارن ڏانھن وڃن ٿا جيڪي سندس لاشعور جوڙين ٿا. اسان جي دماغ جي لاشعور ۾ نہ رڳو انساني نسل جي ماضي بعيد (لکن سالن جي ارتقائي دور جا زندگي جي بقا وارا تجربا) ۽ ماضي قريب ( اسان جي ننڍپڻ) جا تجربا محفوظ ھوندا آھن پر ان ۾ اسان جي حال يعني موجودہ شعوري زندگي جا تجربا پڻ پنھنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيندا آھن. جيتوڻيڪ لفظ لاشعور غيرمتحرڪ محسوس ٿئي ٿو پر اھو غير محسوس ۽ اندروني طرح سان انساني شخصيت کي تمام گهڻو متاثر ڪندڙ ۽ جهنجهوڙيندڙ آھي. جيئن تہ لاشعوري محرڪ ۽ نقش ظاھري طرح سان دماغ ۾ دفن ٿيل ۽ نظر نہ ايندڙ ھوندا آھن ان ڪري سگمنڊ فرائيڊ تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ماڻھن جي نفسياتي مونجهارن ۽ پريشان ڪندڙ سوچن، روين ۽ عملن جو علاج پنھنجي خاص طريقي تحليل نفسي (Psycho-Analysis) يعني ھڪ نفسياتدان طرفان پيشہ ورانہ ڳالھہ ٻولھہ ۽ رھنمائي سان ڪرڻ شروع ڪيو. ياد رھي تہ ٿورو يا گهڻو ھر ماڻھو زندگيءَ جي ڪنھن نہ ڪنھن دور ۾ نفسياتي مونجهارن جو شڪار رھيو ھوندو آھي.
فرائيڊ نفسيات ۾ شعور(Conscious)، لاشعور (Unconscious) ۽ تحت الشعور (Sub-conscious) جھڙو تصور ڏنا جن مان لاشعور جو تصور تمام گهڻي اھميت رکي ٿو جنھن کان سواءِ تحليل نفسي توڙي اڄڪلھہ جي نفسيات جو ھر تصور ۽ ھر نظريو اڻپورو آهي (ھن مطابق انسان جو ذھن ٽن حصن تي ٻڌل آھي: لاشعوري حصو جيڪو ستل ۽ نامعلوم ھوندي بہ اسان جي سوچ، روين ۽ عمل کي ڪنٽرول ڪري ٿو؛ شعوري حصو جيڪو حواسي مشاھدي ۽ ان جي سمجهہ سان واسطو رکي ٿو؛ ۽ تحت الشعوري حصو جيڪو ماضي جي مشاھدن، تجربن ۽ واقعن کي ارادي ڪوشش سان شعور ۾ آڻي اسان کي ان جي ياد ڏياري ٿو). لاشعور ھڪ اھڙو خانو آهي جنھن ۾ اسان جون دٻيل شرمناڪ خواھشون ۽ انھن جون پيڙائون، اسان لاءِ تڪليف ده جذبا ۽ تڪليف ده تجربا، خوف ۽ خطرا، غير حل ٿيل نفسياتي ۽ جسماني تنازعا وغيرہ رڳو دفن ٿيل نہ آھن پر اھي اھڙي طرح محفوظ آھن جو اھي اسان جي سوچ، رويي ۽ شعوري زندگي کي تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا. فرائيڊ مطابق جسماني ۽ نفسياتي ضرورتون ۽ خواھشون دٻائڻ سان ختم يا گهٽ نہ ٿيون ٿين پر اھي لاشعور ۾ محفوظ ٿيڻ کان پوءِ اندروني ناڪاري قوتن ۾ تبديل ٿي اسان جي نفسياتي مونجهارن، تڪليف دہ روين ۽ عملن جي مختلف صورتن ۽ روپن ۾ ظاھر ٿين ٿيون. ھڪ تہ دٻيل لاشعوري سوچون، شرمناڪ خواھشون ۽ پيڙائون جيئن تہ اسان جي عام مشاھدي جي پھچ کان ٻاهر يعني دماغ ۾ اندر لڪل ھونديون آهن انڪري ئي انھن کي لاشعوري چئجي ٿو؛ ٻيو تہ اھي جيئن تہ اسان لاءِ اذيتناڪ ھونديون آھن ۽ انھن کي سنڀالڻ اسان جي وس ۾ نہ ھوندو آھي انڪري اسان انھن کي شعوري زندگي جو حصو ٿيڻ ئي نہ ڏيندا آھيون، نتيجي ۾ اھي لاشعوري طرح سان پنھنجي اظھار ۽ تسڪين جا ذريعا پيون ڳولينديون آھن ۽ اسان جي شخصيت کي ناڪاري طرح سان مسخ پيون ڪنديون آهن.
ڀائرن يا ڀيڻن جي وچ ۾ ماءُ پيءُ جي پيار جي حوالي سان ساڙ ۽ ريس، پٽن جو مائرن ڏانھن وڌيڪ لاڙو ۽ پيار، ڌيئرن جو پيئرن ڏانھن وڌيڪ لاڙو ۽ پيار، پٽن جو پيئرن سان ساڙ، ڌيئرن جو مائرن سان ساڙ، زندگي ۽ موت جون قوتون ۽ تحريڪون، ذاتي حفاظتي خول، دٻيل ۽ دٻايل خواھشن جون پيڙائون، خوابن جي تشريح، موت جو خوف، ننڍي عمر ۾ جنسي ھراسگي ۽ زيادتي جي واقعن ۽ متعلقه نفسياتي مونجهارن جي تجزئي ۽ علاج بابت فرائيڊ جو پيش ڪيل تحليل نفسي يا سائيڪو اينالسز اڄ بہ ھڪ سند جي حيثيت رکي ٿو. ھن مطابق اھي نفسياتي مونجهارا ۽ آزار متعلقه ماڻھو کي لاشعوري طرح سان مختلف روپن ۽ رستن سان ايستائين پيا تڙپائيندا ۽ لڇائيندا رھندا آھن جيسيتائين اھو ان قابل نہ ٿو بڻجي جو انھن جي پاڙ تائين پھچي انھن کي ڄاڻي ۽ سمجهي سگهي. اچو تہ فرائيڊ جي تحليل نفسي نظرئي مان ڪجهہ چونڊ مثال نظر مان ڪڍون.
ڪا ڇوڪري پنھنجي لاءِ ھڪ شرابي شخص کي زندگي جو جيون ساٿي چونڊي ايستائين پيار ڪري سگهي ٿي جيستائين ھو ھن کي ڌتڪاريندو رھندو، تڙپائيندو رھندو ۽ نظرانداز ڪندو رھندو ڇو تہ ننڍپڻ ۾ ھن جو پيءُ جيڪو ھن وقت ڀلي فوت ٿي چڪو ھجي شراب جي نشي جو عادي ھو ۽ ھن کي پيار نہ ڪندو ھو. ان ڇوڪري جو اھو رويو اصل ۾ لاشعوري طور ”ھن واري“ اھو پيار حاصل ڪرڻ جو نہ رڳو ھڪ اظھار ۽ ڪوشش آھي پر اھا يادگيري ورجائڻ جو ھڪ روپ پڻ آهي. پر جيڪڏھن ھن جو مڙس ڪنھن طرح سان نشو ڇڏي ٿو وڃي ۽ ھن کي پيار ڪرڻ شروع ڪري ٿو تہ ان صورت ۾ ھوءَ بجاءِ خوش ٿيڻ جي وڌيڪ اداس ٿي وڃي ٿي ۽ ان کي پيار ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿي. ان حالت ۾ ھڪ نفسياتدان جي رھنمائي ھيٺ اھڙو پتو پوڻ تي شروع ۾ ھوءَ ان حقيقت کان صاف انڪار پڻ ڪري سگهي ٿي ۽ سندس پيءُ ۽ مڙس جي سطحي تفاوتن جھڙوڪ وارن جو رنگ، قد-ڪاٺ وغيرہ تي اسرار ڪندي اھڙي ڳالھہ کي رد پڻ ڪري سگهي ٿي، پر اڳتي ھلي ھن تي اھا حقيقت شعوري طور واضع ٿيڻ کان پوءِ شيون بھتر ٿي وڃن ٿيون.
”مان ھڪ ناڪام شخص آھيان“، ”مان بھترين آھيان“، ”منھنجي حيثيت پنھنجي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ ھميشہ ٻيون نمبر واري آھي“، ”مان پيار جي قابل آھيان“، ”مان نفرت جي قابل آھيان“ ۽ ”مان ئي ھميشہ پنھنجي والدين جي وچ ۾ جهيڙن جو سبب رھيو/رھي آھيان“ جھڙو جملا توڙي ڀائرن ۽ ڀينرن جي وچ ۾ ساڙ يا والدين مان ھڪ جو پنھنجي اولاد سان ساڙ وغيرہ اصل ۾ متعلقه ماڻھو جي ننڍپڻ جي گهريلو زندگي ۾ جاري رھندڙ تنازعن ۽ تعلقات ۾ مونجهارن جي نشاندهي يا انھن جو اظھار آھن. مطلب تہ ٻارن جي ننڍپڻ دوران سندس لاشعور جڙندو آھي ۽ ان سان والدين ۽ گهر ڀاتين جي روين، پيار، ترجيح ۽ نفرت جي ڇاپ سندن آئندہ واري سموري زندگي ۾ رھندي آھي ۽ انھن جو رويو اھڙو جڙي ويندو آھي يعني جيڪڏھن ڪا کوٽ رھجي ويندي آھي تہ ان جي اظھار ۽ پورائئي لاءِ لاشعوري طرح سان اھي پيا واجهائيندا آھن. مثال طور جيڪڏھن والدين مان ڪو (والد يا والدہ) پنھنجي ڪنھن اولاد يعني ڌيءَ يا پٽ سان پيار ڪرڻ تي ان جا ناز نخرا کڻڻ تي ساڙ محسوس ڪري ٿو تہ لاشعوري طور اھو والد يا والدہ اصل ۾ سندس ننڍپڻ دوران پنھنجي ڀائرن يا ڀينرن ۾ نظرانداز ٿيڻ وارا لمحا ياد ڪري ان ڪڙي حقيقت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھوندو آھي.
فرائيڊ جو پيش ڪيل ايڊيپس ڪمپليڪس جيتوڻيڪ انساني نفسيات جو ھڪ متنازعه تصور رھيو آھي پر ھن وقت تائين ان کي سراسر ڪير بہ جهٽلائي نہ سگهيو آھي. ايڊيپس ڪمپليڪس ۾ ھڪ پاسي ٻارن جي مخالف جنس جي والدين سان جذباتي لڳاءُ جي لاڙن ۽ مونجهارن جي اپٽار ڪئي ويندي آھي تہ ٻئي پاسي ٻارن جي ساڳي جنس جي والدين سان پيار ۾ مقابلي ۽ فتح جي لاڙن ۽ مونجهارن جو اڀياس ڪيو ويندو آھي. اھڙا معاملا جيئن تہ بلڪل عام آھن ۽ ھر ٻار انھن منجھان گذري ٿو ان ڪري ھن ڪمپليڪس جي حيثيت ڄڻ تہ ٻارن جي نشونما ۾ ھڪ اھم مرحلي واري بڻجي ٿي. اھي معاملا جيڪڏھن ٻالڪپڻي ۾ خير خوبي سان نہ ٿا نبرن تہ لاشعوري طور تي وڏي ھوندي انيڪ نفسياتي مونجهارن جو روپ وٺي ظاھر ٿيندا آھن. اچو تہ عورتن ۽ مردن جي مثالن سان انھن مونجهارن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
عورتن جي حوالي سان جيڪڏھن ڪا ڇوڪري ان مرد ڏانھن جنسي طرح ڇڪجندي ھجي يا ان سان شادي ڪرڻ چاھيندي ھجي جنھن جي اڳ ۾ ئي شادي ٿيل ھجي يا ان جا مختلف ڇوڪرين سان جنسي لاڳاپا اسطوار ھجن تہ ٿي سگهي ٿو تہ لاشعوري طور اھو سندس ننڍپڻ جي ايڊيپس ڪمپليڪس جي نہ نبرڻ جو اظھار ھجي. ٻين لفظن ۾ ننڍپڻ ۾ ھوءَ پنھنجي پيءُ جو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي ماءُ سان مقابلي واري حالت ۾ رھي ھئي پر ڪامياب نہ ٿي سگهي ھئي، نتيجي ۾ لاشعوري طور تي ھاڻي (ڀلي ھن جا والدين فوت ٿي چڪا ھجن) ھوءَ اھو مقابلو وري ورجائڻ چاھي ٿي. يقيناً ھوءَ ڪامياب ٿيڻ نہ ٿي چاھي پر فقط اھڙي مقابلي واري صورتحال ئي چاھي ٿي، يعني جيڪڏھن ھن جي شادي ان مرد سان ٿي وڃي ٿي ۽ اھو ٻي زال کي يا ٻين ڇوڪرين کي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ھن کي اپنائي ڇڏي ٿو تہ ان صورت ۾ ھوءَ ان سان پيار ڪرڻ بہ ڇڏي ڏئي ٿي! ٻئي پاسي جيڪڏھن ننڍپڻ ۾ اھا ڇوڪري پيءُ جي پيار حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ ماءُ کان مقابلي ۾ کٽيندي رھندي ھئي (يعني ھن جو پيءُ ھن جي ڪري سندس ماءٌ کي نظرانداز ڪندو ھو يا وري مارڪٽ ڪندو ھو...) يعني پنھنجي ماءُ کان پنھنجو پيءُ کسيندي رھندي ھئي. ھن صورت ۾ ھوءَ ھاڻي لاشعوري طور تي احساس جرم تحت پاڻ کي سزاوار سمجهي ٿي ۽ سزا طور پنھنجي موجودہ مڙس سان سرد مھري وارو رويو رکي ٿي ۽ جنسي بيزاري جو مظاھرو ڪري ٿي.
مردن جي حوالي سان جيڪڏھن ڪو ڇوڪرو ”سٺي ڇوڪري“ ۽ ”خراب ڇوڪري“ جي تصور ھيٺ فقط وقتي طور خراب ڇوڪرين سان جنسي لاڳاپا رکندو ھجي يعني ھڪ مان ڪم ڪڍي وري ٻي کي ڦاسائڻ جي چڪر ۾ رھندو ھجي تہ اھو پڻ ايڊيپس ڪمپليڪس جي ڇڪتاڻ مان ڪاميابي سان اڪري نہ سگهيو آھي. فرائيڊ مطابق ٿي سگهي ٿو اھو ڇوڪرو ننڍپڻ دوران ماءُ سان پيار جي ڊوڙ ۾ پنھنجي پيءُ سان مقابلي ۾ رھيو ھجي. نتيجي ۾ ھو ھاڻي احساس جرم ۾ مبتلا زندگي گذاري رھيو آھي. ھن جرم جي احساس جي ڪري ھو سزا طور ماءُ جي مثل ڪنھن سٺي ۽ وفادار ڇوڪري سان جنسي لاڳاپا نہ ٿو رکي پر جيڪي اڳ ۾ ئي خراب آھن انھن سان وقتي لاڳاپا رکي ٿو تہ جيئن اھي لاڳاپا وقتي تسڪين کان وڌيڪ گهرا (سندس ماءُ پيءُ جي وفادار ۽ ديرپا لاڳاپن جيان) ٿي مستقل پيار ۾ تبديل نہ ٿي وڃن، ڇو تہ خراب ڇوڪرين سان پيار تہ ڪري نہ ٿو سگهجي.
يقينن فرائيڊ پنھنجي وقت جو ھڪ مرد مجاھد ھو جنھن پنھنجي وقت جي دقيانوسي چرچ جي اثرن، ڏائڻين جي تصورن، بدي ۽ بدروحن جي تصورن کي اڇلائي ڦٽو ڪيو ۽ انساني سوچ، رويي ۽ عمل جي نفسياتي مونجهارن جو سائنسي طريقي سان تجزيو ڪري انھن جو جوڳو حل پيش ڪيو.
مددي ڪتاب:
1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London