پازيٽوزم يا مثبتيت جو فلسفو
ھڪ پاسي مسلمان سائنسدانن جھڙوڪ جابر بن حيان، موسيٰ الخوارزمي، الڪندي، ابن سينا جھڙن عظيم ڏاھن جو طرز فڪر ۽ طرز عمل مثبتيت سان ٺھڪندڙ ھو تہ ٻئي پاسي وري مغربي سائنسدان جھڙوڪ ڪوپرنيڪس، گيليلو، رين ڊيڪارٽي، وليم گلبرٽ، پاسڪل، رابرٽ بوائل، آئزڪ نيوٽن، بينجمن فرينڪلن، لوائيزر، گريگر مينڊل، چارلس ڊارون، البرٽ آئينسٽائين، ميري ڪيوري ۽ سگمنڊ فرائيڊ وغيرہ ھن فلسفي جا پيروڪار ھئا. جيڪڏھن اسان ھن فلسفي جي پاڙ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪنداسين تہ مغربي فلسفين جھڙوڪ سقراط، افلاطون، ارسطو، جان لاڪ، فرانسس بيڪن، ڪارل مارڪس، ڪارل روجرس ۽ خاص طور تي اگسٽ ڪومٽ جي جفاڪشين کي نظرانداز نہ ٿو ڪري سگهجي.
اگسٽ ڪومٽ (1798-1857) جنھن دنيا کي ھڪ عظيم انسان-پسنديت جو نظريو/مذھب ڏنو، کي مثبتيت جو باني پڻ سڏيو ويندو آهي؛ ھن 1830ع کان1842ع تائين پنھنجي تحقيقي ڪم کي A General Way of Positivism نالي ڪتابي صورت 1848ع ۽ 1865ع ۾ فرانسيسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇپرايو جنھن ۾ ھن بحث ڪيو تہ فطري سائنسي علمن يعني فزڪس، ڪيمسٽري، بايولوجي وغيرہ جا قائدا قانون سماجي سائنسز تي پڻ معروضي طور لاڳو ڪري سگهجن ٿا ۽ انھن جي پيمائش ۽ تصديق پڻ ڪري سگهجي ٿي.
”اگسٽ ڪومٽ “ مطابق سچائي جي تلاش جي سفر ۾ ھڪ معاشرو ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙ ترتيبوار ٽن مرحلن مان گذرندو آھي: مذھبي، مابعد الطبيعي، ۽ مثبت. مذھبي مرحلي ۾ ماڻھو خدا ۽ ان سان واسطو رکندڙ شين ۽ احڪامن کي سچي عقيدي ۽ دل سان مڃيندا آھن ۽ فقط مذھب کي ئي سچائي ۽ روشن خيالي جو سرچشمو سمجهندا آھن؛ ھتي عقلي دليلن جي ڪا بہ اھميت نہ ھوندي آھي. ٻئين مرحلي مابعدالطبيعي ۾ انسانن جا حق عالمگير ھوندا آهن ۽ انھن جو ھر حال ۾ ۽ ھر جاءِ تي احترام ڪيو ويندو آھي؛ ھن سلسلي ۾ جهموريتن ۽ آمريتن جو عروج ۽ زوال انساني حقن جي پاسداري سان سلهاڙيل آھي. آخري مرحلو پازيٽو يا سائنسي سوچ ۽ عمل سان واسطو رکي ٿو؛ ھن مرحلي جو اھم ترين نقطو اهو آهي تہ انسانن جا انفرادي حق ٻئي ڪنھن بہ قانون، فرد يا حڪمران کان برتر آھن؛ مطلب تہ انسان جي انفرادي آزادي ۽ سندس آزاد فيصلا ئي اھم آھن.
پازيٽوزم يا مثبتيت جي فلسفي مطابق سچائي انسان جي موضوعي (Subjective) ذھن جي اندر نہ پر ٻاھرين دنيا ۾ معروضي (Objective) طور موجود ھوندي آھي جنھن کي حواسي مشاھدن ۽ معلومات جي بنياد تي نہ رڳو دريافت ڪيو ويندو آھي پر ان کي ساڳين حالتن ۽ شرطن ھيٺ ڪو بہ پرکي يا تصديق ڪري سگهي ٿو. اڳتي هلي پازيٽوزم جي حواسي معلومات جي محدود تصور کي منطقي استدلال ۽ حسابي مساواتن جي مدد سان ثابت ڪرڻ تائين وسيع بنايو ويو جنھن کي (Logical Positivism) يا منطقي مثبتيت چيو ويو. ھن فلسفي جون اھي ٻئي شاخون سچائي تائين پھچڻ جي ٻين وسيلن جھڙوڪ مذھب، مابعدالطبيعات، وجدان ۽ داخلي تصورات وغيرہ کي رد ڪن ٿيون يا وري انھن کي بي معني سمجهن ٿيون. مثبتيت ۾ مقداري تحقيق (Quantitative Research) ئي سچائي تائين پھچڻ جو واحد گس ۽ ذريعو آھي.
پازيٽوزم يا مثبتيت داخلي ۽ خارجي منطق ۽ استدلال (Inductive and Deductive reasoning) تي ھڪ جيترو انحصار ڪندڙ آھي. ھن جا عام اصول ھي آھن:
• حقيقي معلومات فقط حواسي يا مشاھدي ۾ ايندڙ لقائن يا شين تي مشتمل ٿي سگهي ٿي.
• ھن فلسفي ۽ نظرئي جو مقصد لقائن ۽ شين بابت اھڙا مفروضا ٺاھڻ آھي جن جي مقداري پيمائش، چڪاس ۽ وضاحت ڪري سگهجي.
• ھن ۾ حقيقتن کي ڳولي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي تہ جيئن لاڳاپيل سائنسي قائدي تائين پھچي سگهجي.
• کوجنا يا دريافت مڪمل معروضي ھجڻ گهرجي ۽ ان ۾ محقق جا ذاتي لاڙا، جذبا ۽ خيال ڪنھن بہ صورت ۾ شامل نہ ھجڻ گهرجن.
• سائنسي حقيقن ۽ ماڻھن جي سماجي عام راين/اعتقادن ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو آھي ڇاڪاڻ تہ عام راين ۽ عقيدن جي پيمائش ۽ چڪاس معروضي طور ممڪن نہ آهي (Bryman, Alan, p.13).
ويھين صدي جي وچ کان پوءِ ھن فلسفي تي اعتراض وارڻ شروع ڪيا ويا ۽ 1960ع جي ڏھاڪي دوران مثبتيت جي مقابلي ۾ رد-مثبتيت (Antipositivism) فلسفو اچي ويو (ھن موضوع تي ٻئي مقالي ۾ تفصيل سان لکبو).
مٿئين بحث جو تت اھو ٿو بيھي تہ پازيٽوزم يا مثبتيت جي فلسفي وسيلي سائنسي علمن وانگر سماجي علمن جي سماجي لقائن ۽ شين کي سمجهڻ ۽ تبديل ڪرڻ لاءِ حواسي مشاھدن، داخلي توڙي خارجي منطقن، شمارياتي پيمائشن ۽ تجزين وسيلي لاڳاپيل معروضي حقيقتن تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اسان جي دنيا ۾ ٻيڙي کان آبدوز تائين؛ ڦيٿي کان بليٽ ٽرين تائين؛ قلم کان ٿري-ڊي پرنٽر تائين؛ ڪلڪيوٽر کان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تائين؛ ھوائي جهاز کان مريخ کي تسخير ڪندڙ خلائي شٽل تائين؛ پينسيلين کان حياتي بچائيندڙ دوائن ۽ بيمارين کان بچاءُ جي حفاظتي ٽڪن تائين سڀ ايجادون، دريافتون ۽ اخترائون سائنس ۽ پازيٽوزم جا ثمرات آھن.
مددي ڪتاب:
1.Bryman, Alan (2008). Social science methods (3rd Ed). Oxford University Press, UK.
2.Harari, Yuval Noah (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK
3.Marczyk, Geoffrey R., DeMatteo, David & Festinger, David (1964). Essentials of research design. John Wiley & Sons, Inc., Hobkon, New Jersey..
4.https://en.wikipedia.org/wiki/Positivism#:~:text=Positivism%20is%20an%20empiricist%20philosophical,and%20logic%20from%20sensory%20experience.