’اڄ‘ ازل کان نئون آھي
ٻوليدانن ۽ ٻولي جي سکندڙن مطابق زمانا يا وقت ٽي ھوندا آھن: ماضي، حال ۽ مستقبل. پر اصل ۾ سڀ زمانا ھڪ ئي زمان يعني حال يا ”اڄ“ مان ئي ڦٽن ٿا. ماضي ڪجهہ بہ نہ آھي پر اسان جو گذري ويل ”حال“ آھي، ساڳيءَ طرح سان مستقبل پڻ ڪجهہ بہ نہ آھي پر اھو ”حال“ آھي جيڪو اڃا آيو نہ آھي. انسان جي انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ ۾ جيڪا اھميت ”اڄ“ کي حاصل آھي اھا ماضيءَ يا مستقبل جي حصي ۾ نہ اچي سگهي آھي. ھڪ انسان جو، ھڪ خاندان جو، ھڪ قبيلي جو ۽ ھڪ قوم جو اڄ ان جي ماضيءَ توڙي مستقبل تي اثرانداز ٿيندو آهي. ڪنھن فرد يا قوم جي جيڪڏھن ”اڄ“ اک پٽيل آهي تہ ان جو مستقبل پڻ بھتر ھوندو ۽ ان مستقبل ۾ وري سندس ماضي پڻ قابل ستائش ۽ سجاڳ ھوندو. اک پٽيل ھجڻ يا سڄاڳ ھجڻ جو مطلب يووال نوح ھراري جي پيش ڪيل ٽن سچائين جھڙوڪ معروضي (objective)، موضوعي (subjective) ۽ بين الافرادي (intersubjective) جي حوالي سان ٽن مختلف قسمن جو ٿي سگهي ٿو.
معروضي لحاظ کان اک پٽيل ھجڻ يا سجاڳ ھجڻ جو مطلب اهو آهي تہ سڀ کان پھريان ڪنھن فرد يا قوم جي انفرادي يا اجتماعي سجاڳي جا معيار مقرر ڪجن جھڙوڪ اھو فرد يا قوم ڪيتري روشن خيال، ترقي پسند ۽ معاشي طور مضبوط آھي وغيرہ. پوءِ دنيا انھن کي انھن معيارن ۽ پيمانن تي پرکي ۽ ثبوت گڏ ڪري. ھاڻي انھن ثبوتن جي بنياد تي جيڪڏهن دنيا چوي تہ اھو فرد يا اھا قوم سجاڳ آھي تہ اھا آھي معروضي سچائي. ان جي ابتڙ موضوعي سچائي لاءِ ٻين ماڻھن يا دنيا طرفان ڪا بہ چڪاس، راءِ ۽ ثبوت وغيرہ اھم نہ ھوندا آھن پر ان لاءِ اھو ڪافي سمجهيو ويندو آھي تہ اھو فرد يا قوم پاڻ کي سجاڳ سمجهي يا سمجهڻ جي دعوي ڪري. جڏھن تہ بين الافرادي سچائي مان مطلب اھو آھي تہ ٻيا ماڻھو يا دنيا جا ماڻھو اتفاق راءِ سان چون تہ اھو فرد يا اھا قوم سجاڳ آھي پر ان لاءِ ڪنھن معروضي چڪاس يا پرک جي ضرورت نہ ھوندي اھي. مطلب تہ بين الافرادي سچائي جوڙڻ لاءِ ڪنھن نہ ڪنھن عقيدي يا گڏيل مفادن تحت اھڙو عام رايو ۽ تعاون جوڙيو ويندو آھي.
ماضي، حال ۽ مستقبل منجھان فقط حال يا ”اڄ“ ئي نئون ۽ زندگيءَ سان ڀرپور آھي باقي ٻئي مئل، بيجان ۽ ان تي ڀاڙيندڙ آھن. ”اڄ“ جو تجزيو جيڪڏھن نامياتي زندگيءَ جھڙوڪ انساني، حيواني ۽ نباتاتي جاندارن ۾ ڪيو وڃي يا وري غير نامياتي زندگيءَ جي نمونن جھڙوڪ ائٽمن، ماليڪيولن، ڍنڍن، دريائن، ڌرتي، چنڊ، تارن، سورج منڊلن، ڪھڪشائن وغيرہ جي حوالي سان ڪيو وڃي تہ ڪائنات جو ھر لقاءُ ھر لمحي نئون ۽ نئين زندگيءَ سان ڀرپور ملندو. مثال طور اسان کي ميڊيڪل سائنس اھو ٻڌائي ٿي تہ اسان جي جسمن ۾ جيوگهرڙن يعني خلياتي سطح تي ھر وقت ۽ ھر لمحي ميٽابولزم يا تعمير ۽ تخريب جا عمل ٿيندا رھندا آھن. نتيجي۾ ھر لمحي چمڙيءَ، رت، ماس ۽ ھڏي جا ھزارين جيوگهرڙا فنا ٿيندا آهن تہ وري اوترا ئي نوان جيوگهرڙا انھن جي جاءِ وٺندا آھن ۽ اھو ڪم ڪرڻ شروع ٿي ويندا آھن. ان ڪري ھر ڏينھن، ھر ڪلاڪ، ھر منٽ ۽ ھر سيڪنڊ ۾ اسان پاڻ ھڪ نئين ماڻھوءَ يا نئين انسان طور جنم وٺندا رھندا آھيون ۽ نئين زندگي پيا ماڻيندا ھوندا آھيون.
مذھبي حوالي سان پڻ اسان کي اھو ٻڌايو ويندو آهي تہ ننڊ موت جو ھڪ روپ آھي، ان ڪري صبح جو ننڊ مان اٿڻ جو مطلب اھو آھي تہ اسان کي ھڪ نئين ڏينھن لاءِ ھڪ نئون جسم ۽ نئين زندگي نصيب ٿي آهي جنھن لاءِ اسان کي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. ان کان سواءِ اسان کي خدا طرفان رزق (زندگي کي روان دوان رکڻ لاءِ ھر ننڍي توڙي وڏي شي ۽ نعمت جھڙوڪ ڪشش ثقل، آڪسيجن، پاڻي، کاڌو ۽ ان وسيلي ملندڙ ۹۲ قدرتي عنصر جھڙوڪ سوڊيم، پوٽيشيم، لوھ، جست، ٽامو، چاندي، سون، ڪيلشيم، نائيٽروجن، فاسفورس وغيرہ) ميسر ھجڻ تي ان جو شڪرگذار رھڻ گهرجي.
غير نامياتي مادي جھڙوڪ ائٽمن ۽ ماليڪيولن توڙي ڌرتي، چنڊ، سج ۽ تارن وغيرہ جي حوالي سان پڻ ”اڄ“ اوترو ئي نئون آھي. ”اڄ“ اصل ۾ ڌرتي تي گذرندڙ وقت کي ظاھر ڪندڙ ۽ ان جي پيمائش ڪندڙ اوزار آھي. ان جو نئون ھجڻ ھيئن بيان ڪري سگهجي ٿو: اسان ڌرتي تي رونما ٿيندڙ لقائن کي وقت جي وٿي ۾ سندن ابتدا ۽ انتھا جي ٺيڪ پيمائش پنھنجي واچ يا گهڙيال جي وقت سان ڪندا آھيون. گهڙيال جو اھو وقت اصل ۾ نسبتي آھي جيڪو زمين جي پنھنجي مدار ۽ سج جي چوڌاري گردش سان نسبت رکي ٿو. سائنس اسان کي ٻڌائي ٿي تہ اسان جي ڌرتي اسان جي سورج منڊل جي اٺن ڀاتين (گرھن) مان ٽيون نمبر ڀاتي آهي جنھن کي پنھنجو ھڪ قدرتي چنڊ (اپگره يا ٻچو) پڻ آھي. چنڊ پنھنجي ماءُ جي يعني اسان جي ڌرتيءَ جي چوڌاري پيار مان لامارا ڏيندو رھي ٿو يا گردش ڪري ٿو؛ ڌرتي وري چنڊ کي ساڻ وٺي سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي؛ سج وري ڌرتيءَ سميت پنھنجن اٺن ڀاتين ۽ انھن جي ٻچڙن (چنڊن) کي ساڻ ڪري اسان جي کير-ڌارا ڪهڪشان جي چوڌاري گردش ڪري ٿي؛ کير-ڌارا ڪھڪشان ۽ اھڙيون ڪجهہ ٻيون ڪھڪشائون وري پنھنجن ڪٽنبن کي ساڻ ڪري ھڪ بليڪ ھول جي چوڌاري گردش ڪن ٿيون. ڪائنات ۾ ڪھڪشائون ۽ بليڪ ھول ھزارين نہ پر اربين ۽ کربين آھن. انڪري ”اڄ“ يا اڄوڪو ڏينھن، ڪلاڪ، منٽ ۽ سيڪنڊ جو لقاءُ ڌرتي ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ بلڪل نئون ۽ انوکو آھي جيڪو ساڳي صورت ۾ وري ڪڏھن بہ نروار نہ ٿي سگهندو.
وقت ڪائنات جي تناظر ۾ نسبتي آھي. ان جو مطلب اهو آهي تہ ڌرتيءَ تي وقت ان کي گردش جي حساب سان مخصوص رفتار ۾ ھلندڙ آھي جڏھن تہ ڪنھن ٻئي سياري تي مختلف رفتار سان ھلندڙ آھي. ٻين لفظن ۾ تہ وقت ڪٿي منڊي ماڪوڙي مثل چرندڙ آھي تہ ڪٿي وري روشنيءَ جي رفتار سان ڌوڪيندڙ آھي. وقت جي شروعات اصل ۾ ڪنھن سياري يا آسماني جسم جي ٺھڻ ۽ ھلڻ سان واسطو رکي ٿي. انساني تاريخ جيئن تہ ڌرتيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا جي لحاظ کان تمام گهڻو مختصر ۽ تمام گهڻو ويجهي آھي ان ڪري ڌرتي تي وقت جي نسبت پڻ ويجھڙائي ۾ ظاھر ٿيندڙ ھڪ لقاءُ يا تاريخي واقعي يعني حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي پيدائش سان لاڳاپيل آھي. ٻين لفظن ۾ ان واقعي بدولت قبل از مسيح ۽ بعد از مسيح سالن جي شروعات ٿي. ساڳي ريت ڌرتي جي گولي کي ماپڻ لاءِ پڻ فرضي ليڪ خط استوا ۽ بين الاقوامي تاريخ جي ليڪ وسيلي زمين جي بيھڪ ۽ زمين تي ڏينھن ۽ رات جي شروع ٿيڻ ۽ انھن جو وقت ماپڻ جي شروعات ٿي (ياد رھي تہ ڌرتي تي ھڪ ئي وقت ۾ ڏينھن ۽ رات توڙي سيارو ۽ اونھارو موجود ھوندو آھي).
مطلب تہ ھڪ فرد توڙي ھڪ قوم لاءِ ”اڄ“ ھڪ نعمت اھي، ھڪ موقعو آهي ۽ ھڪ نئين زندگي آھي. ان ڪري جنھن فرد يا قوم ”اڄ“ اک نہ پٽي تہ ان نہ رڳو پنھنجي ”اڄ“ کي برباد ڪيو پر ان پنھنجي ماضي ۽ مستقبل کي پڻ برباد ڪيو. ھن مقابلي جي دؤر ۾ اسان لاءِ اھو ضروري آھي تہ اسان پنھنجن انفرادي توڙي اجتماعي لاڙن جي پيش نظر سائنس ۽ آرٽ جي نون علمن حاصل ڪرڻ ۾ سچي دل سان جنبي وڃون. ان ۾ ئي اسان جي بقا ۽ ترقي آھي.