فيمينزم يا عورت-واد تنقيدي نظريو
دنيا ۾ اڪثر معاشرا يا سماجي نظام پدراڻي نظام تي ھلندڙ ۽ ان کي ھٿي ڏيندڙ آھن. پدراڻي نظام کي مردن جو غالب معاشرو بہ چيو ويندو آهي جنھن ۾ مردن طرفان شعوري توڙي غير شعوري طريقن سان عورتن کي نہ رڳو پاڻ کان گهٽ ۽ ادنيٰ سمجهيو ويندو آھي پر اھڙي پرورش کانپوءِ ايئن ثابت پڻ ڪيو ويندو آھي. فيمينزم نظريو پدراڻي نظام جي نہ رڳو اوڻاين جي نشاندھي ڪندو آھي پر سماج کي مجموعي لحاظ کان بھتر بڻائڻ لاءِ انھن اوڻاين جو حل پڻ پيش ڪندو آهي.
پدراڻو نظام مردن توڙي عورتن جا روايتي سماجي رويا ۽ ڪردار طئي ڪندو اھي. ان مطابق ھڪ مرد جي تربيت عقلمند، حقيقت پسند، مضبوط، محافظ ۽ پنھنجا فيصلا پاڻ ڪندڙ طور ڪئي ويندي آھي، جڏھن تہ ھڪ عورت جي وري مٿين صفتن جي ابتڙ يعني جذباتي، غيرحقيقت پسند، ڪمزور، پرورش ڪندڙ ۽ نماڻي يا اٻوجهہ طور پرورش ڪئي ويندي آھي. بيووئاير (Beauvoir) مطابق پدراڻي نظام ۾ ٻارن جي اھڙي پرورش ڪئي ويندي آھي جو ڇوڪرا ۽ مرد پاڻ کي خودمختيار ۽ ھر معاملي ۾ فيصلا ڪندڙ بڻجندا آھن، جڏھن تہ ڇوڪريون ۽ عورتون ڇوڪرن ۽ مردن تي انحصار ڪندڙ ۽ انھن جي فيصلن جون محتاج بڻجي وينديون آھن. مرد دنيا جھان جا ڪم ڪارڪندا آهن، دنيا جھان کي تبديل ڪندا آھن ۽ دنيا جھان کي معنيٰ ڏيندا آھن، ٻئي پاسي وري عورتن جو وجود الڳ حيثيت ۾ نہ پر فقط مردن جي نسبت سان ئي موجود ھوندو آھي. ٻين لفظن ۾ ھڪ عورت جو وجود پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ جيئرو جاڳندو، ھڪ سوچيندڙ سمجهندڙ ۽ ھڪ مرد جھڙو جذبا ۽ احساس رکندڙ فرد طور نہ پر ھڪ ڪمتر ۽ مردن جون ضرورتون پوريون ڪندڙ طور جوڙيو ويندو آهي جنھن جا ڪي بہ برابر حق نہ آھن. نتيجي ۾ ھڪ عورت جو وجود ھڪ ناقص فرد ۽ ھڪ 'ڌارئي مخلوق' طور بڻجي ويندو آھي.
فيمينزم يا عورت-واد نظريو دعوي۱ ڪري ٿو تہ پدراڻو نظام شعوري توڙي غير شعوري ھٿڪنڊن، حرامپائين ۽ ھٿ ٺوڪين روايتن ۽ قانونن وسيلي ھڪ ’سٺي مرد‘ ۽ ھڪ ’سٺي عورت‘ جا معيار مقرر ڪري کين انھن ڪالبن ۾ ڍاليندو آھي. ان روايتي ڪالب تحت ھڪ سٺو مرد گهر جي معاشي ذميواري قبول ڪندڙ، مصيبتن کي منھن ڏيندڙ، تڪليفن ۽ ايذائن کي بھادري سان سھندڙ، ڪنھن بہ حال ۾ ھار قبول نہ ڪندڙ ۽ ڪنھن بہ حال ۾ ڪڏھن بہ نہ روئندڙ شخص سمجهيو ويندو آھي. بيووئاير (Beauvoir) مطابق ”ھڪ عورت عورت طور پيدا ڪون ٿيندي آھي پر اھا بڻجي ويندي آھي“. اسان جي پدراڻي سماج ۾ ھڪ ’سٺي عورت‘ اھا آھي جيڪا وات ۾ زبان رکندڙ نہ ھجي يعني نماڻي، ھا ۾ ھا ملائيندڙ ۽ تمام گهٽ ڳالھائيندڙ ھجي، مردن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھائيندڙ نہ ھجي پر شرم ۽ حياء کان ڪنڌ ھيٺ جهڪائي ھلندڙ ھجي؛ چادر ۽ چار ديواري جو تقدس برقرار رکندڙ ھجي، ؛ شادي کان اڳ پنھنجي دوشيزائي کي يعني جنسي عضون کي جنسي عمل ۽ لذت کان محفوظ رکندڙ ھجي ۽ شادي کان پوءِ سڄي ڄمار مڙس کان سواءِ ٻين سڀني مردن کان پري رھندڙ ھجي؛ عام زندگيءَ ۾ غير محرم مردن کي ڏسڻ، انھن سان ڳالھائيندڙ ۽ سماجي رابطا نہ رکندڙ ھجي؛ صبح جو سوير سڀني مرد گهر ڀاتين کان اڳ ۾ اٿندڙ، سڄو ڏينھن گهر جو ڪم ڪندڙ (ٽي وقتي ماني ٽڪي، ٿانو ٻھاري، ڪپڙا لٽا ڌوئڻ وغيرہ) ۽ رات جو بنا چون چران مڙس کي جنسي لذت فراھم ڪندڙ ھجي... ھتي پدراڻي نظام جي ھن ٻہ اکيائي کي پڻ آساني سان نظرانداز ڪرڻ سيکاريو ويندو آھي تہ ھڪ مرد شادي کان اڳ يا شادي کان پوءِ پنھنجي جنسي عياشي لاءِ ڀلي ڪيترين عورتن سان ڪارو منھن ڪندو ھجي ۽ جنسي لاڳاپا رکندڙ ھجي پر ان عمل کي سندس مردانگيء سان جوڙو ويندو آھي؛ ٻئي پاسي اھو ئي زاني مرد پنھنجي گهر يا پاڙي جي ڪنھن ڇوڪري يا عورت تي ڪنھن غير مرد سان جنسي لاڳاپن رکڻ جو فقط شڪ پوڻ تي ان عورت کي ڪاري قرار ڏئي قتل پڻ ڪندو آھي ۽ ان قتل کي غيرت جي نالي تي جائز پڻ سمجهيو ويندو آهي...ان کان سواءِ مردن طرفان ٻئي کي ذليل ڪرڻ لاءِ ڪچين گارين ۾ انھن جي عورتن (ڀيڻ/ماءُ) جي جنسي عضون ۽ انھن جي تذليل جو سھارو ورتو ويندو آھي.
بيووئاير (Beauvoir) مطابق ”شادي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ سڄي عمر گڏ رھڻ جو ھڪ معاھدو آھي جنھن ۾ ھڪ عورت ھر روز ۲۴ ڪلاڪ بنا معاوضي مزدوري ڪرڻ جي حامي ڀريندي آھي.“ اھا وصف چاھي اولھہ جي ترقي يافتہ سماجن جي عورتن تي مڪمل طرح لاڳو نہ ٿيندي ھجي پر ننڍي کنڊ جي ھندوستان ۽ پاڪستان جي اڪثر عورتن تي ضرور پوري لھي ٿي. اولھہ جي ملڪن جھڙوڪ آمريڪا ۾ شادي شدہ يا شادي کان سواءِ گڏ رھندڙ مرد ۽ عورت ۾ جيتوڻيڪ معاشي طور ھر ھڪ خود ڪفيل ھوندو آھي پر پوءِ بہ گهر داريءَ جي ذميوارين ۽ ڪمن ۾ عورت جو حصو سٺ کان ستر سيڪڙو ھوندو آھي. اسان وٽ تہ چڪر ئي ٻيو آھي ڇو تہ سڄي عمر جي بنا معاوضي نوڪرياڻي بڻجڻ ۽ پنھنجو جسم ھڪ ئي مرد (مڙس) کي ارپڻ کان پوءِ بہ اڪثر مڙس توڙي ان جي خاندان جا ٻيا مرد (ڏير، سھرو، چاچا، ماما وغيرہ) زال سان کھرو رويو رکندا آھن ۽ مڙس پنھنجي زال کي ننڍي ڳالھہ (مثال طور ماني دير سان ڏيڻ وغيرہ) تي جسماني تشدد تي لھي ايندو آھي.اسان جي معاشري ۾ اھڙين خدمتگذار زالن جو بہ قدر نہ ٿو ڪيو وڃي، افسوس!
عورت-واد نظريي جا حامي چون ٿا تہ عورت کي اشتھارن ۽ فلمن ۾ ھڪ چٽپٽي مصالحي طور مختلف صنعتي پيداورن جي وڪري لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪو پڻ ھڪ غلط عمل آهي. فلمن، ڊرامن ۽ اشتھارن ۾ عورت جي جسم کي ھڪ مرد جي حوس ڀرئي نظر جي حساب سان ڏيکاريو وڃي ٿو. ساڳي ريت نين دوائن جي تياري دوران ھڪ مرد جي تجربن ۽ مشاھدن کي ڪائناتي سمجهي ان دوا جي وڌيڪ مقدار واپرائڻ (اوور ڊوز) وغيرہ جي نقصانن جا عورتن تي ڪھڙا اثر ٿين ٿا جو اڀياس نہ ڪيو ويندو آھي جنھنڪري ڪجه عورتون دوا واپرائڻ بعد ان جي ضمني خراب اثرن ۾ مبتلا ٿي وينديون آھن.
ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا دنيا ۾ ڪنھن وقت يا ڪٿي اھڙيون ڪي ثقافتون گذريون آھن يا موجود آھن جن ۾ مرد ۽ عورت کي برابر حق حاصل ھجن؛ عورتن کي پڻ سندن ڪمن ۽ خدمتن مطابق عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو ھجي، ۽ انھن کي بہ سوچيندڙ سمجهندڙ ۽ ھڪجهڙا جذبا ۽ احساس رکندڙ فردن طور ڏٺو ويندو ھجي؟ ان جو جواب پڻ ھاڪار ۾ آھي. انڊونيشيا جي ’جيرائي‘۽ نيو گني جي ’ونيٽيناء‘ٻيٽن جا ماڻھو عورتن سان ھڪ جھڙي عزت ۽ احترام سان پيش ايندا آهن ۽ اتان جي مردن توڙي عورتن کي سندن ڪمن، صلاحيتن، خدمتن ۽ سياڻپ جي لحاظ کان ٺھڪندڙ ۽ ھڪ جھڙي پذيرائي ڪئي ويندي آھي.
ڳالھہ جو ڳر اھو آھي تہ فيمينزم يا عورت-واد تنقيدي نظريو پدري نظام ھيٺ مردن طرفان عورتن جي جسماني، نفسياتي، جذباتي توڙي سياسي ۽ ثقافتي استحصال جي نشاندھي ۽ انھن جو حل پيش ڪري ٿو. اسان مردن کي گهرجي تہ عورتن کي پاڻ کان ڪمتر ۽ ادنيٰ نہ سمجهون؛ انھن کي زر خريد غلام نہ سمجهون؛ انھن کي فقط جنسي تسڪين جو ذريعو ۽ ڪم ڪار ڪرڻ جون نوڪراڻيون نہ سمجهون؛ انھن کي ھڪ جيئرو جاڳندو، سوچيندڙ سمجهندڙ، ھڪجهڙا جذبا ۽ احساس رکندڙ سمجهون؛ ۽ انھن جي ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ انھن جي منصفانہ ۽ ٺھڪندڙ پذيرائي ڪريون.
مددي ڪتاب:
1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York- London