نو تعميريت فلسفو
نوتعميريت (Reconstructionism) هڪ تعليمي فلسفو ۽ نظريو آهي جيڪو تعليم ذريعي سماج کي تبديل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. ھن مطابق تعليم کي ترقي پسند سماجي سرگرمين، تنقيدي سوچ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جون صلاحيتن پيدا ڪرڻ ۽ انھن جي فروغ جي اوزار طور استعمال ڪرڻ سان سماج ۾ انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو. ھي نظريو سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ تعليم ذريعي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي اهميت تي زور ڏئي ٿو.
ابتدائي تاريخ:
آمريڪا ۾ 1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن دوران ان وقت جي سماجي، معاشي ۽ سياسي اٿل پٿل جي جواب ۾ ماڻھن ۾ پيدا ٿيل سماجي بحاليءَ جي جذبي هڪ ترقي پسند تحريڪ جو روپ ورتو، جنھن تعليم کي سماجي سڌاري لاءِ اوزار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان جو مقصد هڪ بھتر منصفاڻو ۽ برابري وارو سماج ٺاهڻ هو.
باني ۽ حامي:
نوتعميريت جو بنياد آمريڪا جي تعليمدان جارج ايس ڪائونٽس George S. Counts (1889-1974) رکيو، جيڪو ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ تعليم جو پروفيسر هو. سندس خيال هو تہ تعليم کي شاگردن جي سماجي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ھڪ ڪارائتي اوزار طور استعمال ڪرڻ گهرجي تہ جيئن اُھي سرگرمي ۽ تنقيدي تجزئي سان سماجي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عملي طور اڳتي اچي سگهن. نوتعميريت جي ٻين قابل ذڪر حامين ۾ ٿيوڊور بريميلڊ Theodore Brameld (1904-1987) شامل آهي جنھن نوتعميريت تعليمي نظرئي کي وڌيڪ جامع ۽ گهڻ پاسائون بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو تہ جيئن ان وسيلي سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلن جو احاطو پڻ ڪري سگهجي. انھن کان علاوه برازيل جي پاولو فريري Paulo Freire (1921-1997) تعليم ۾ تنقيدي سوچ ۽ سماجي عمل جي اهميت تي زور ڏنو.
فريري پنھنجي ڪتاب ”تعليم ۽ تدريس مظلومن لاءِ“ (Pedagogy of the Oppressed) ۾ روايتي تعليم کي فرسودہ قرار ڏنو ۽ ان کي ”تعليم جو بينڪاري تصور“ (Banking concept of education) ڪوٺيو. ھن تصور ھيٺ روايتي استاد شاگردن جي ذھنن کي خالي ۽ بيڪار سمجهي انھن ۾ علم ذخيرو پيا ڪندا آھن؛ ھن قسم جي تدريس ۽ سکيا ۾ شاگرد غير فعال، غير سرگرم، جاھل ۽ اڻڄاڻ سمجهيا ويندا آھن، جڏھن تہ استاد ئي سڀڪجهہ يعني ماھر ۽ سرگرم ھوندو آھي؛ ھتي استاد جو ڪم محض شاگردن تائين طئي ٿيل معلومات پھچائڻ ھوندو آھي جڏھن تہ شاگردن جو ڪم پيش ڪيل معلومات کي حق سچ سمجهي ان کي رٽڻ ۽ طوطي وانگر دھرائي ٻڌائڻ ھوندو آھي؛ ھن تصور ھيٺ شاگردن ۾ تنقيدي سوچ جي آبياري لاءِ ڪا بہ جڳھ نہ ھوندي آھي. ٻين لفظن ۾ بينڪاري واري سيڙپ ھيٺ سرمايو ٻين ماڻھن جو ھوندو آھي پر اپت ۽ منافعي جو ڳچ حصو بينڪ مالڪن يا سرمائيدارن وٽ پيو گڏ ٿيندو آھي ۽ اڪائونٽ ھولڊر (شاگرد) فقط انھن جا مھرا ھوندا آھن جيڪي اٽي ۾ لوڻ جيتري منافعي تي راضي رھندا آھن. ان ڪري تعليم جي بينڪاري جي تصور جي رد ۾ پائولو فريري مظلوم ۽ ڏتڙيل طبقن لاءِ ”گفتگو وارو طريقو“ (Dialogue Approach) پيش ڪيو. ان ۾ شاگرد ۽ استاد ٻئي باھمي سکيا جي عمل ۾ ھڪ جيترا سرگرم رھندا آھن ۽ ڪنھن سماجي مسئلي جي حل ڳولڻ لاءِ پنھنجا مشاھدا، محسوسات، تجربا، نقطہ نظر، تنقيدي ۽ تخليقي رايا ۽ تجزيا بنا ڪنھن ڊپ ڊاءُ ۽ رڪاوٽ جي ھڪ ٻئي سان ونڊيندا آھن؛ ان سان نہ فقط جهموري سوچ، رويا ۽ عمل پروان چڙھندا آھن پر ظالم، سرمائيدار ۽ سياسي طور طاقتور ڌرين جون عوام کي غلامي جي ڌٻڻ ۾ غرق ڪندڙ سازشون بي نقاب ٿينديون آھن ۽ غلام طبقي ۾ پنھنجن حقن لاءِ وڙھڻ ۽ جدوجهد جو جذبو پيدا ٿيندو آھي.
اصول يا بنيادي خيال:
نوتعميريت تعليمي نظرئي جو مرڪزي نقطو اهو آهي تہ تعليم کي سماجي انقلاب، منصفاڻي سماج ۽ سماجي برابري پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اوزار طور استعمال ڪيو وڃي تہ جيئن معاشري مان بدعنواني ۽ ٻين سماجي روڳن جو خاتمو ڪري سگهجي. ھي نظريو تعليم جي ذريعي سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏئي ٿو ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي پيدا ڪرڻ لاءِ شاگردن منجهہ اھڙي سوچ ۽ عمل جو اتساھہ پيدا ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. ھي نظريو فرسودہ سماجي نظام جي پاڙ پٽڻ ۽ نئين انقلابي ۽ مثبت سوچ جو بنياد وجهڻ لاءِ تعليم وسيلي تنقيدي سوچ جي آبياري، مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت، ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ جذبي پيدا ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو.
ٻين شعبن تي اثر:
نوتعميريت ٻين ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿيو آھي، جن ۾ فلسفو، سماجيات، ۽ سياسيات شامل آهن. ھن نظرئي جو تنقيدي تدريس سان گهرو لاڳاپو رھيو آهي، جيڪو تعليم ۾ تنقيدي سوچ ۽ سماج جي سڌاري لاءِ اسان جي ھاڪاري ڪردار جي تعمير تي زور ڏئي ٿو. ھي نظريو سماجي ۽ معاشرتي بدعنواني، اڻبرابري ۽ ناانصافي جي ناسورن خلاف تنقيدي تعليم جي بدولت اجتمائي ھاڪاري سماجي تبديلي ۽ انقلاب جو خواهان آھي.
تنقيد:
ھن جي تنقيد نگارن جو چوڻ آھي تہ ھي نظريو سماجي سرگرمين ۽ فعاليت جو تہ پرچار ڪري ٿو پر عام تعليمي مھارتن ۽ تعليمي ڄاڻ جي اھميت کي نظرانداز ڪري ٿو. ٻيو تہ طاقتور ڌريون نوتعميريت جي آڙ ۾ پنھنجا سياسي ۽ سماجي مفاد پڻ حاصل ڪري سگهن ٿيون يا من پسند سوچ جي ترويج ڪري سگهن ٿيون. ان کان سواءِ ڪجهہ تنقيد نگارن جو اھو پڻ خيال آهي تہ ھي نظريو تعليم جي حوالي سان ھڪ صاف ۽ سڌو نقطہ نظر نہ ٿو رکي ان ڪري تعليم جي شعبي ۾ ھن کي عملي طور لاڳو ڪرڻ اگر ناممڪن ناهي تہ ڏکيو ضرور آھي!
نتيجو:
نوتعميريت ھڪ تعليمي نظريو آھي جيڪو تعليم کي سماج جي سڌارڻ يا سماجي انقلاب جي ھڪ اوزار طور استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو تہ جيئن ھڪ منصفاڻي ۽ برابري تي ٻڌل معاشري جي نئين سر تشڪيل ڪري سگهجي. اھو نظريو تنقيدي سوچ، سماجي مسئلن ۽ انھن جي عملي حل لاءِ نوجوانن، خاص ڪري شاگردن، منجهہ اھڙي تنقيدي شعور ۽ اڀياس جي گڻن جي آبياري جو خواهان آھي. جيتوڻيڪ نوتعميريت تي تنقيد ٿيندي رھي ٿي پر ھي نظريو نظرياتي توڙي عملي ميدان ۾ تعليم جي شعبي ۾ ھر دؤر ۾ اھم رھيو آھي ڇو تہ نظرياتي طور تي ھي ھاڪاري تبديلي ۽ انقلاب جو خواهان آھي پر طاقتور ڌريون تعليم جي اوزار کي استعمال ڪندي پنھنجا ناڪاري ذاتي توڙي گروھي مفاد حاصل ڪندا پيا اچن.
مددي ڪتاب:
1. Brameld, T. (1972). Education as power. Waveland Press.
2. Counts, G. S. (1932). Dare the schools build a new social order?. The John Day company.
3. Freire, P. (1970). Pedagogy of the oppressed. Continuum.
4. Klein, J. T. (2010). A taxonomy of interdisciplinary fields, systems, and applications. In Interdisciplinary education in the age of assessment (pp. 13-27). Jossey-Bass.
5. Kliebard, H. M. (1986). The struggle for the American curriculum, 1893-1958. Routledge & Kegan Paul.
6. Labaree, D. F. (2010). The making of an American educational catastrophe. Education Week, 29(16), 24-25.
7. Spring, J. (2012). American education. McGraw-Hill.
8. Tanner, D., & Tanner, L. N. (1980). Curriculum development: Theory into practice. Macmillan.