انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز (حصو ٻيون: آدم جي جنت مان نيڪالي جي سائنسي وضاحت)
پھرئين حصي ۾ اسان اھو سمجهياسين تہ اسان انسانن جي نفسياتي مونجهارن جھڙوڪ مفاد پرستي، ساڙ ۽ بغض، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ، تڪبر، بدلو وٺڻ ۽ اذيت پسند ھجڻ جا پيرا جبلت ۽ شعور جي تضاد جي ابتدا ڏانھن وڃن ٿا. اسان جا وارث ڀولڙا ڪڏھن بہ ظالم، حڪم ھلائيندڙ ۽ ويڙھاڪ وحشي نہ رھيا ھئا پر اسان کي ان جي ابتڙ پڙھايو ويندو رھيو آھي. اھي يقيناً بھشت جي باغ مثل زندگي گذاريندڙ ھئا يعني بلڪل بي-غرض، ٻين سان پيار ڪندڙ ۽ تعاون ڪندڙ ھئا. ان جو ثبوت اھو آھي تہ اووين ۽ لوبواء جھڙن انساني تاريخ تي تحقيق ڪندڙن موجودہ دور جي ڀولڙن جي بونوبو قسم ۾ اٿاھ پيار ۽ محبت سان گڏجي سڏجي رھڻ جي خاصيت کي سندن پنڊ پھڻ ٿيل نسلن جي تجزئي وسيلي پلايوسين دؤر (5.3 ملين سال يا 53 لک سال) کان بہ پراڻو ڄاڻايو آھي.
ھن حصي ۾ اسان اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين تہ اھا ڳالھہ اسان کي ڪتابن ۾ ڇو نہ پڙھائي وئي يا ڇو نہ ٻڌائي وئي؟ اسان جا وارث بونوبو ڀولڙا ڪھڙيءَ ريت پيار سان، ھڪ ٻئي سان تعاون سان ۽ پرامن نموني سان زندگي گذاريندا ھئا؟ ۽ ھن وقت جڏھن اسان ۾ مٿيان ناڪاري نفسياتي مونجهارا ۽ لاڙا پنھنجون پاڙون پختيون ڪري چڪا آھن، اھي ڪيئن ۽ ڪيتري عرصي ۾ ختم ٿيندا؟
پھرئين سوال تہ اھا ڳالھہ اسان کي ڪتابن ۾ ڇو نہ پڙھائي وئي يا ڇو نہ ٻڌائي وئي جي جواب ۾ پروفيسر جيريمي گرفٿ چوي ٿو تہ اھا ڳالھہ اسان انسانن کي ھزارين سال اڳ تمثيل طور ٻڌائي وئي هئي پر ان وقت اسان سمجهي نہ سگهيا ھئاسين! انجيل مقدس ۾ آيل حضرت آدم ۽ بيبي حوا بابت قصو جيڪو 1500 قبل مسيح سال ۾ حضرت موسيٰ (عليہ السلام) لکيو ھو، ۾ پڻ آڳاٽي ماڻھوءَ جي معصوم ھجڻ، بي-غرض ھجڻ، ھڪ ٻئي سان غير مشروط تعاون ڪرڻ ۽ پيار ڀرئي زندگي گذارڻ جھڙي ن صفتن جي تباھ ۽ ختم ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو ھو. پر ان جو شعور ۽ ادراڪ جديد سائنسي دؤر جي دريافتن ۽ ايجادن کان سواءِ ممڪن نہ ھو. انجيل مقدس جي قصي مطابق آدم ۽ حوا (ٻين لفظن ۾ اسان انسان) جڏھن مليل احڪامن (جينياتي خاصيتن) جي انحرافي ڪندي پنھنجي مرضي سان (ڪارٽيڪس ظاھر ٿيڻ يا شعور اچڻ تي) منع ڪيل ”علم جي وڻ“ مان ميوو پٽي کاڌو تڏھن اھي گناھ جا مرتڪب ٿيا. انھن کي سندن انحرافي يا آزاد ارادي يا شعوري عمل جي سزا ملي (يعني انھن ۾ ڪاوڙ، مفاد پرستي، بيگانيت، مقابلو ڪرڻ، ٻئي کي ماري مات ڏيڻ جا جذبا پيدا ٿيا). مطلب تہ ھن قصي جي سائنسي سمجهاڻي اھا آھي تہ انسان جڏھن جينياتي طرح مليل علم يا موروثي خاصيتن تحت جيسيتائين مقرر ۽ غير تبديل شده زندگي گذاريندڙ ھئا تيسيتائين انھن ۾ مٿيان ناڪاري نفسياتي لاڙا يا جذبا پيدا نہ ٿيا ھئا؛ پر جڏھن انھن ۾ ڪارٽيڪس جڙي ويو ۽ ان جي بدولت انھن شعوري طور پنھنجن آزاد ارادن ۽ آزاد فيصلن مطابق زندگي گذارڻ شروع ڪئي تہ جينياتي ۽ شعوري فيصلن ۾ تضاد يا ٽڪراءَ پيدا ٿيڻ ڪري انھن ۾ ھڪ بگڙيل نفسياتي صورتحال پيدا ٿي جنھن جي نتيجي ۾ انسانن ۾ مٿيان ناڪاري نفسياتي لاڙا ۽ جذبا پيدا ٿيا. پروفيسر گرفٿ جي بقول انجيل مقدس يا ان کان اڳ وارن ڪتابن ۾ مٿئين قصي کي تمثيلي انداز ۾ بيان ڪري ٻڌايو ويو ھو ۽ انھن ۾ حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي جنت منع ڪيل علم جي وڻ جو ميوو پٽي کائڻ جي سزا طور جنت مان نيڪالي جو قصو ٻڌايل آھي. جنت مان نيڪالي جو مطلب جينياتي لاڙن تحت مطمئن، بنا ساڙ حسد ۽ مقابلي جي پيار واري زندگي کسجڻ آھي.
پروفيسر گرفٿ چوي ٿو تہ :”مٿئين ڪھاڻي ۾ ھڪ عظيم غلطي آھي (يا ايئن کڻي چئجي تہ اسان انسانن ان کي سمجهڻ ۾ ھڪ عظيم غلطي ڪئي آھي). اھا عظيم غلطي اھا آھي تہ حضرت آدم ۽ بيبي حوا جينياتي لاڙن (مقرر لاڙن) مٿان نيوراني، مشاھداتي ۽ سببن ۽ نتيجن يا شعور واري زندگي کي چونڊڻ جي ڪري سزا جا حقدار نہ آھن پر اھي انعام جا حقدار آھن ۽ سڄي انسان ذات جا ھيرو آھن ڇو تہ سندن ھن عمل جي ڪري انسان سڀني مخلوقات تي غالب آيا ۽ دنيا ۾ سڀ انقلاب آيا ۽ مشاھداتي علمن جي ڪري اڄ انسان سڄي ڪائنات کي تسخير ڪرڻ جو خواب ڏسي رھيو آھي. “
ٻيو سوال تہ اسان جا وارث بونوبو ڀولڙا ڪھڙي ريت پيار سان ۽ ھڪ ٻئي سان تعاون سان رھندا ھئا بابت ليکڪ مختلف تاريخي ۽ مذھبي ڪتابن جا حوالا ڏئي چوي ٿو تہ تقريبن سڀني پراڻن مذھبن ۽ نظرين ۾ اھو تصور موجود آھي تہ انسان (شعور يا آزاد سوچ رکندڙ) پنھنجي پھرين وجود (مقرر جينياتي يا جانورن واري وجود) کان الڳ ٿيڻ بعد پنھنجو اڳ وارو علم ۽ معصوميت وڃائي چڪو آھي. جڏھن انسان پنھنجي پھرئين وجود سان ڳنڍيل ھو ان وقت ھو بھشت ۾ ھو؛ افلاطون مطابق سندس اھو دؤر ”سونھري دؤر“ ھو جنھن ۾ ڪو بہ جهڳڙو، ڪو بہ ساڙ نہ ھوندو ھو؛ ان وقت خدا پاڻ انسانن جو ڌنار يا چاريندڙ ھو؛ سندس نظرداري کان سواءِ ٻي ڪابہ حڪومت نہ ھئي ۽ نہ وري انسانن وٽ الڳ ۽ انفرادي جائداد، ٻار يا عورتون ھيون، مطلب تہ سڀ ڪجهہ گڏيل ھو؛ سڀ ماڻھو زمين منجھان ماضي جي يادن کان آزاد پيدا ٿيندا ھئا؛ زمين انھن کي بغير محنت جي وڻن ۽ ٻوٽن مان جهجهو ميوو ڏيندي ھئي؛ اھي بي لباس گهمندا ھئا؛ اھي گاھن جي نرم بسترن تي سمهندا ھئا؛ موسم مناسب ۽ پوري پني ٿڌي يا گرم ھوندي ھئي؛ مطلب تہ انسانن وٽ پيار ئي پيار ھو. ان مذھبي تصور مطابق ان ساڳي نيڪي، ساڳي معصوميت، ساڳيو وجود ۽ ساڳئي نعمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي پنھنجي اندر ۽ پنھنجي باطن ۾ جهاتي پائي پنھنجي اندر جي تنازعي کي حل ڪرڻو ھو.
آخري سوال تہ اسان انسانن ۾ مٿيان ناڪاري نفسياتي مونجهارا ڪيئن ۽ ڪيتري عرصي ۾ ختم ٿيندا بابت پروفيسر جيريمي گرفٿ جو خيال آھي تہ انھن ناڪاري نفسياتي لاڙن کي مذھبي طرح سزا ۽ سائنسي طرح حيوانن جي جبلتي ارتقائي نظرين سان غلط طور جوڙڻ کي ويھه لک سال ٿي چڪا آھن، ان ڪري اھڙي غلط مشروطيت کي صحيح ٿيڻ ۾ پڻ ڪجهہ ڏھاڪا تہ ضرور لڳندا. ٻيو تہ سائنس ۽ تحقيق سان لاڳاپيل طبقا اڃان تائين حيواني جبلتي ارتقاء سان لاڳاپيل آھن ۽ ان کي مڃيندڙ آھن. ان ڪري جيسيتائين اھي تسليم نہ ٿا ڪن تہ نفسياتي مونجهارا جھڙوڪ مفاد پرستي، ساڙ، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ، تڪبر، بدلو وٺڻ، اذيت پسند ٿيڻ وغيرہ اصل ۾ ارتقائي حيواني جبلتن (جينيات) ۽ شعور يا آزاد سوچ ۽ ارادي (ڪارٽيڪس يا نيوراني) جي تضاد يا ٽڪراءَ سبب پيدا ٿيل آھن تيسيتائين اھو مسئلو حل ڪون ٿيندو. پر جيئن تہ شعوري لاڙا اڪتسابي آھن انڪري انھن جي تبديلي توڙي انھن کان ڇوٽڪارو پڻ دير سوير مناسب سوچ ۽ سمجهہ سان ممڪن آھي.