فرائيڊ جي تحليل نفسي ۾ خوابن جي تعبير
فرائيڊ مطابق اسان شعوري طور يا جاڳ دوران پنھنجي اڻيل حفاظتي خول اندر زندگي گذاريندا آھيون؛ يعني اسان روز مره جي زندگي ۾ پنھنجي چوڌاري حفاظتي ديوارون (حواسي ادراڪ يعني ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇھڻ جي تجربن مان بي ضرر ۽ چونڊ تجربا محسوس ڪرڻ؛ بي ضرر ۽ چونڊ يادگيريون دھرائڻ؛ ٿيل واقعي جو سري کان ئي انڪار ڪرڻ؛ تشويش پيدا ڪندڙ ماڻھن ۽ شين کان ٽھڻ يا ڀڄڻ؛ گهٽائڻ يا گهٽ خطرو محسوس ڪرڻ؛ ۽ پنھنجون غلطيون ۽ شرمناڪيون ٻين تي لاڳو ڪري پنھنجي بجاءِ انھن کي تنقيد جو نشانو بنائڻ) تعمير ڪري ڇڏيون آھن تہ جيئن دٻايل خواھشون، پيڙايون ۽ انھن سان لاڳاپيل ناڪاري طوفاني جذبا لاشعور ۾ ئي دفن ھجن ۽ اھي شعور ۾ ظاھر ٿي تڪليف ۽ تباھي جو باعث نہ بڻجي سگهن. پر جيئن تہ ننڊ ۾ اسان جو مڙھيل ۽ اڻيل حفاظتي خول ۽ بچاءُ جو نظام ايترو مؤثر نہ رھندو آھي ان ڪري لاشعور کي ايترو موقعو ضرور ملي ويندو آھي جو ان ۾ اسان جون دٻيل خواھشون ۽ پيڙائون خوابن جي صورت ۾ ظاھر ڪري سگهي. خوابن ۾ اسان جو مڙھيل حفاظتي نظام مڪمل ختم نہ ٿيندو آهي ان ڪري اھو ماڻھن ۽ شين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏي ٿو. خواب جي اصلي مواد جي اھا ٽوڙ مروڙ اصلي ماڻھن ۽ شين جي ٻين بي ضرر ماڻھن ۽ شين سان مٽاسٽا ڪرڻ، ھڪ ئي ماڻھو يا شيءِ جو ھڪ کان وڌيڪ ماڻھن ۽ شين لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ جاڳڻ کان پوءِ خواب کي شعوري يا غير شعوري طور تبديل ڪرڻ وسيلي ڪئي ويندي آھي. پر تنھن ھوندي بہ ڪو خوفناڪ ماڻھو يا ڪا خوفناڪ شيءِ خواب ۾ ڏسڻ جو مطلب اھو ضرور آھي تہ ڪو خوفناڪ ڪردار يا ڪا خوفناڪ شي خواب ڏسندڙ ماڻھو جي لاشعور ۾ ان کي پريشان ضرور ڪري رھي آھي. ان ڪري خواب جي تعبير ڪندڙ نفسياتدان فقط ھڪ خواب جي بنياد تي ڪو بہ فيصلو نہ ٿو ڪري سگهي پر اھو ان ماڻھو جي مڪمل ذاتي معلومات، ان جي ڏٺل مختلف خوابن جي معلومات ۽ ان ماحول ۾ ٻين ماڻھن جي خوابن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ئي ڪو درست اندازو يا تعبير ڪري سگهي ٿو. اچو تہ ھاڻي خوابن ۾ ڏٺل ڪجهہ واقعن جي مثالن سان وضاحت ٿا ڪريون.
فرائيڊ مطابق جيڪڏھن ڪنھن کي خواب ۾ اھو نظر اچي تہ ھن سان سندس اسڪول جي استاد جنسي زيادتي ڪئي آھي يا اھڙي ڪوشش ڪري رھيو آھي تہ اھو ان ڳالھہ ڏانھن اشارو ٿي سگهي ٿو تہ خواب ڏسندڙ سان سندس ويجهو عزيز جھڙوڪ والد، چاچو، مامو، سؤٽ، ماسات وغيرھ مان ڪو ماڻھو جنسي زيادتي ڪري چڪو آهي يا اھڙي ڪوشش ڪري رھيو آھي يا وري اھڙي ڪم لاءِ زباني توڙي اشارن ۾ چئي رھيو آھي. جيڪڏھن خواب ڏسندڙ اھو ڏسي ٿو تہ ھو ھڪ خوفناڪ رڇ سان وڙھي رھيو آھي تہ ھن صورت ۾ ٿي سگهي ٿو تہ سندس لاشعور اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي تہ ان ماڻھو سان ڪنھن طاقتور ڌر جھڙوڪ سندس گهر ۾ والد يا آفيس ۾ باس/آفيسر سان ڪو نفسياتي تنازعو ھلي رھيو آھي. جيڪڏھن ڪو ماڻھو خواب ۾ اھو ڏسي ٿو تہ سندس ڀيڻ ھڪ مئل ٻار کي جنم ڏنو آھي تہ ان جو مطلب اھو ٿي سگهي ٿو تہ ھن پاڻ ھڪ مئل ٻار کي جنم ڏنو آھي(جيڪڏھن پاڻ عورت آھي) يا وري ھن جي ازدواجي زندگي ناڪام ٿي چڪي آھي يا وري ھو پاڻ پنھنجي پيشہ ورانہ زندگيءَ ۾ ناڪام ٿي چڪو/چڪي آھي يا وري پاڻ ھڪ شاھڪار فن پاري جي تخليق ۾ ناڪام ٿي چڪو/چڪي آهي يا وري ھو/ھوءَ پاڻ کي تنھا، بي يارو مددگار ۽ مايوس محسوس ڪري رھيو/رھي آھي؛ مطلب تہ خواب ۾ ٻار ڏسڻ جو تعلق ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان اسان جي مجروح جذبن سان سلهاڙيل ھوندو آھي.
لاشعور ۾ دٻيل جنسي خواھش جي حوالي سان فرائيڊ خوابن جي مردانہ ۽ زنانہ تصورن بابت پڻ تفصيل سان بحث ڪيو آھي. ھن مطابق خواب ۾ ٽاور، راڪيٽ، بندوق، تير، تلوار يا اھڙين ٻين شين ۽ اوزارن جو تعلق ڪنھن نہ ڪنھن طرح سان مردانہ جنسي عضون ۽ تصورن سان لاڳاپيل آھي. مطلب تہ ھر اھا شيءِ جيڪا اُڀي يا سڌي بيٺل ھجي يا وري ڪا شيءِ تيزي سان ڪٿان نڪرندي ڏٺي وڃي جھڙوڪ بندوق يا ڪمان مان گولي يا تير جو ڇٽڻ وغيرہ تہ اھا پڻ مردانہ جنسي تصور جي نمائندگي آھي. مثال طور خواب ۾ جيڪڏھن ھڪ فرد ھيئن ڏسي تہ ھڪ ماڻھو کيس تي بندوق تاڻيو بيٺو آهي يا وري ھو پاڻ ڪنھن دوست تي بندوق تاڻيو بيٺو آھي تہ امڪاني طور ان جو مطلب اھو آھي تہ ھن جي جنسيت ٻئي ماڻھو طرفان نشاني تي آھي يا وري ھو پاڻ ان دوست يا ڪنھن ٻئي دوست جي جنسي ھراسگي جو شڪار آھي؛ يا اُھو ماڻھو ھن سان جنسي تشدد جو ارادو رکي ٿو يا ھن سان اھڙو ساڙ رکي ٿو يا وري ھو پاڻ ان دوست يا ٻئي دوست سان جنسي تشدد جو ارادو رکي ٿو يا اھڙو ساڙ رکي ٿو؛ يا وري ھن جي پنھنجي يا سندس دوست جي انفراديت ۽ شناخت نشاني تي آھي. ساڳيءَ ريت خواب ۾ غارون، اونداھا ڪمرا، ڀتين ۾ بند باغيچا، ڪوپ يا کاڌي جا ٿانو، فيڊر يا بوتلون، کير، فروٽ وغيرہ وري زنانہ جنسي تصورن جي نمائندگي ڪندڙ شيون آهن. عورت جي حوالي سان ٿڃ يا ڇاتيءَ سان لاڳاپيل تصور وري پرورش ۽ جذباتي لڳاءُ جي تصورن سان لاڳاپيل آھي. مثال طور جيڪڏھن ڪا عورت خواب ۾ اھو ڏسي تہ ھوءَ ھڪ ننڍي کير جي فيڊر يا بوتل سان ڪيترن ئي ٻليءَ جي بکايل ٻچڙن کي کير پياري رھي آھي تہ ان جو مطلب اھو آھي تہ ھن جا ٻار يا ھن جو مڙس يا آفيس ۾ سندس باس ھن کان تمام گهڻيون توقعات لڳايو ويٺا آھن يا گهڻو ڪم وٺي رھيا آھن يا وري ھوءَ پاڻ تي ٻين جي سار سنڀال لاءِ پنھنجي طرفان تمام گهڻو دٻاءُ وجهي رھي آھي. اھڙي طرح سان خواب ۾ ڪو ماڻھو ڏسي ٿو تہ پاڻ بکايل آھي ۽ کاڌو ڳولي رھيو آھي تہ ان جو مطلب اھو آھي تہ ھو لاشعوري طور پيار يا جذباتي آسودگي چاھي ٿو.
خواب ۾ پاڻي ڏسڻ جو مطلب پڻ حقيقي زندگيءَ وانگر پيچيدہ آھي ڇو تہ ڪڏھن اھو آرام ۽ راحت بخشيندڙ آھي، ڪڏھن اھو اندازي کان وڌيڪ گهرو آھي، ڪڏھن اھو ٻوڙيندڙ آھي تہ وري ڪڏهن ٺاريندڙ آھي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو خواب ۾ پاڻي ڏسي ٿو تہ ان جو امڪاني مطلب اھو ٿي سگهي ٿو تہ لاشعور ۾ اھو سندس جنسي خواھش جي اٿل پٿل جو اھڃاڻ ھجي يا وري سندس دٻايل جذبن جي لڇ پڇ ھجي. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو پاڻ کي پاڻي جي لھرن ۾ لڙهندي ڏسي ٿو تہ اھو پڻ ڪن دٻايل يا دٻيل جذبن ۾ طوفان ۽ ڀونچال جي عڪاسي آھي. ان کان علاوہ پاڻيءَ ۾ اندر ٻڏڻ يا ترڻ وري ماءُ جي پيٽ ۾ ھجڻ واري يادگيري يا ماءُ سان جذباتي لڳاءُ کي ظاھر ڪندڙ آھي. باقي خواب ۾ مختلف عمارتون جھڙوڪ اسڪول، چرچ/مسجد، ڪم واري آفيس وغيرہ ڏسڻ متعلقه ماڻھو جو انھن ادارن سان پيشہ ورانہ لاڳاپو يا متعلقه قائدن قانونن سان تعلق کي ظاھر ڪري ٿو. ھڪ ڳالھہ طئي آھي تہ بار بار ڏٺا ويندڙ ڏکارا، ڀوائتا ۽ تڪليف وارا خواب اسان جي لاشعور طرفان زندگي ۾ حل طلب ۽ جاري رھندڙ جذباتي مونجهارن ۽ دٻيل خواھشن جي نشاندهي ڪندڙ ھوندا آھن. جيڪڏھن خواب حد کان وڌيڪ ڏکارو يا ڀوائتو ٿي ويندو آھي تہ اسان ننڊ مان جاڳي پوندا آھيون؛ جيڪڏھن جاڳندي بہ اسان اوچتو خوف ۾ وٺجي ٿا وڃون تہ ان جو مطلب اھو آھي تہ اسان جي لاشعور جون حفاظتي ديوارون ٽٽي چڪيون آھن؛ پر جيڪڏھن جاڳ ۾ بہ اسان جو خوف عارضي نہ پر مستقل رھي ٿو تہ ان جو مطلب اھو آھي تہ اسان جي نفسياتي حالت ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آھي ۽ اسان کي مناسب طبي ۽ نفسياتي مدد جي ضرورت آھي.
ڳالھہ جو ڳر اھو آھي تہ سگمنڊ فرائيڊ مطابق جاڳ ۾ اسان جي لاشعور ۾ دٻيل خواھشن، آزارن ۽ جذباتي مونجهارن جي شعور ۾ ظاھر ٿيڻ جا امڪان اسان جي حفاظتي ديوارن جي ڪري نہ ھجڻ برابر ھوندا آھن پر ننڊ ۾ اھي لاشعور مان شعور ۾ ٽوڙيل مروڙيل خوابن جي صورت ۾ ظاھر ٿيندا آھن. خواب ۾ نظر ايندڙ ۽ پريشان ڪندڙ انساني ڪردار اسان جي زندگي ۾ حقيقي ڪردار ئي ھوندا آھن پر انھن جا روپ ۽ نالا خوابن جي ٽوڙڦوڙ جي ڪري تبديل ٿيل ھوندا آھن. دٻيل جنسي خواھشون ۽ زيادتيون ۽ تشدد خوابن ۾ ٽاورن، بندوقن، تيرن تلوارن، گولي يا تير ڇٽڻ، غارن، اونداھن ڪمرن، پيالن، ڪوپن ۽ کاڌي جي ٿانون وغيرہ جي روپ ۾ ظاھر ٿينديون آھن. ان کان سواءِ خواب ۾ پاڻي ڏسڻ، ان ۾ ترڻ يا اندر ٻڏڻ وغيرہ جون پڻ انيڪ معنائون ٿي سگهن ٿيون.
مددي ڪتاب:
1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London.