خوشي
خوشيءَ جو تصور گهڻو تڻو معروضي (سائنسي ۽ سببن نتيجن تي ٻڌل ۽ ماپي سگهجندڙ) بدران موضوعي (ماڻھو جي ذاتي راءِ ۽ نظريو) سمجهيو ويندو آھي. جيتوڻيڪ ايئن آھي ڪو نہ پر اھو تصور مروج ضرور آھي. موضوعي تصور جي حمايت ۾ اڪثر ڪري اُھي دليل ڏنا ويندا آھن تہ: خوشي ڪنھن ھڪ شيءِ يا ڳالھہ تائين محدود نہ ٿي ٿي سگهي. ڪو ماڻھو ٽي وقت جي ماني کائڻ ۾ خوش ٿي ويندو آھي تہ ڪو وري ٽن سالن تائين جي خوراڪ ھوندي بہ اداس رھندو آھي؛ ڪو ماڻھو سال کان پوءِ ٻڪر عيد تي مليل ڳائي گوشت جو ھڪ ڪلوگرام پچائي پاڻ کائڻ توڙي ٻچن کي کارائڻ ۾ خوش ٿي ويندو آهي تہ ڪو سيٺ وري ھر ويلي تي کاڌي جي ميز تي ستن طعامن ھوندي بہ خوش نہ ھوندو آھي؛ ڪو ماڻھو ڏينھن جي سخت مزدوري ڪرڻ کان پوءِ ڇڳل کٽ تي سمهي بہ خوش ٿيندو آھي تہ ڪنھن کي وري عاليشان محل ۾ نرم بستري تي بہ آرام نہ ايندو آھي ۽ سڄي رات پاسا ورائيندي گذري ويندي اٿس؛ ڪو ماڻھو پنھنجي سڄي ڄمار ھڪ ئي پياري وني جي پيار ۾ مسرور رھندو آھي تہ ڪو وري روز نئين عورت جي جسم کي نوچيندي بہ قرار نہ پائيندو آهي؛ ڪو ماڻھو پنھنجي سادي زندگي ۽ دوستن جي ننڍي حلقي ۾ ئي مستي ۽ اوج تي پھتل ھوندو آھي تہ ڪو وري سون دوستن، ميخانن ۽ جامن مٿان جام اوتڻ تي بہ سرور کان محروم رھندو آھي؛ ڪو ماڻھو سڄي ڄمار پنھنجي ذات تي خرچ ڪري خوش ٿيندو آھي تہ ڪو وري پنھنجون خواھشون ۽ پنھنجي ذات کي فنا ڪري ٻين جي خواھشن کي پورو ڪرڻ ۽ ٻين جي خدمت کي نصب العين سمجهڻ ۾ بي پناھ خوش ٿيندو آھي.
خوشي جي منجهيل سٽ کي سلجهائڻ لاءِ پھريان اسان کي انساني ضرورتن کي سمجهڻو پوندو. ڪجهہ نفسياتدانن ضرورتن کي فقط ٻن قسمن: جسماني ضرورتون (کاڌو ۽ پيتو، ڪپڙو ۽ لٽو، رھائش ۽ گهر، شادي ۽ جنس، ننڊ ۽ آرام) ۽ نفسياتي ضرورتون (پيار، دوستي، ڪاميابي، مرتبو، عزت-نفس، شھرت) ۾ ورھايو آھي، پر ھن سلسلي ۾ ابراھام ميسلو جي ضرورتن جي درجي بندي (Abraham Maslow's Hierarchy of Needs) انھن کي پنجن درجن ۾ ورھائي ٿي. ھن مطابق پھرئين درجي ۾ جسماني يا بنيادي ضرورتون جھڙوڪ کاڌو، پاڻي، مناسب گرمي جو درجو يا رھائش ۽ آرام اچن ٿيون؛ ٻئين درجي ۾ تحفظ سان واسطو رکندڙ ضرورتون جھڙوڪ بينڪ بيلينس ۽ صحت جي بيما پاليسي وغيرہ اچي وڃن ٿيون؛ ٽئين درجي ۾ جنسي لاڳاپن، دوستي ۽ پيار جون ضرورتون اچي وڃن ٿيون؛ چوٿين درجي ۾ عزت نفس سان واسطو رکندڙ ضرورتون جھڙوڪ معاشري ۾ عزت، نيڪ نامي ۽ ڪاميابي اچي وڃن ٿيون؛ آخري درجي ۾ پنھنجي فطري ۽ تخليقي صلاحيتن جي ڀرپور اظھار ۽ معاشري جي ترقي ۾ پنھنجي خدمتن جو حصو وجهڻ جون ضرورتون اچي وڃن ٿيون. بعد ۾ ھنن ضرورتن جي بنيادي تصور تہ جيسيتائين ھيٺئين درجي جون ضرورتون پوريون نہ ٿيون ٿين تيسيتائين اھو ماڻھو مٿئين درجي جي ضرورتن لاءِ ڪون پتوڙيندو تي ۽ جنسي ضرورتن کي پھرئين بجاءِ ٽئين نمبر تي رکڻ جا اعتراض واريا ويا، ان کان سواءِ ضرورتن جي احرام جي چوٽيءَ تي ھڪ نئين اعليٰ ترين ضرورت مادي دنيا جي ضرورتن کان اڳتي نڪري وڃڻ (روحاني) جي ضرورت جو اضافو ڪيو ويو.
ھاڻي اچو تہ جسماني ۽ نفسياتي ضرورتن کي سمجهڻ کان پوءِ انھن جو خوشيءَ سان تعلق ڪھڙو آھي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون. خوشيءَ جا پيرا لکين سال اڳ واري ارتقائي دور ڏانھن وڃن ٿا جڏھن انسان توڙي ٻيا جانور پنھنجي نسل جي بقا لاءِ بھترين صلاحيتن جي فطري چونڊ واري قائدي تحت پنھنجن جسمن اندر پيچيدہ ھارموني نظام (دماغ ۾ موجود نيوران ڪجهہ ھارمونز يا رطوبتون خارج ڪندا آھن تہ ڪجهہ ھارمونز وري جسم ۾ موجود بنا نالي وارن غدود منجهاڻ خارج ٿيندا آھن) ۽ پنھنجن دماغن اندر مختلف جذبن کي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ھئا. ھڪ پاسي ھارموني نظام جسم ۾ مخصوص ضرورتن جي محسوس ٿيڻ تي مخصوص رطوبتون يا ھارمون خارج ڪري ٿو جيڪي اسان (توڙي جانورن) ۾ بک، اڃ، جنس، گرمي يا ٿڌ جو جبلتي احساس پيدا ڪن ٿيون ۽ انھن جي تسڪين ٿيڻ تي پڻ ان نظام تحت مخصوص رطوبتون خارج ٿي اسان ۾ سٺو يا خوشي محسوس ڪرڻ جو احساس پيدا ڪن ٿيون. ٻئي پاسي وري مٿين ضرورتن جي تسڪين لاءِ انفرادي ڪاميابي يا ناڪامي جي تعين لاءِ زميني حقيقتن، دشمنن جي تعداد ۽ حملن، پنھنجي طاقتن ۽ صلاحيتن، متعلقه پراڻن تجربن وغيرہ جي تصورن ۽ يادن بابت دماغ جي اربين نيورانس جي فائرنگ جو حساب ڪتاب اسان (توڙي جانورن) جي دماغ ۾ مخصوص جذبا پيدا ڪري ٿو. سٺو-خراب، پيار ڪاوڙ، مقابلو-فرار وغيرہ جا جذبا اصل ۾ اسان انسانن (توڙي جانورن) جي دماغن ۾ ڪنھن رويي يا عمل جي قابل عمل يا ناقابل عمل ھجڻ، فائديمند يا نقصانڪار ھجڻ، ڪامياب يا ناڪام ٿيڻ جي امڪانن بابت اربن جي تعداد ۾ نيورانن جي فائرنگ جي حساب ڪتاب جا نتيجا آھن. مطلب تہ جسم ۾ گهربل شي جي کوٽ مھل توڙي پورائي ٿيڻ مھل ھارموني نظام مخصوص ھارمون يا رطوبت دماغ يا جسم ۾ خارج ڪري ٿو جنھن جي نتيجي ۾ اسان ۾ مخصوص خواھش پيدا ٿئي ٿي تہ وري ان جي تسڪين دوران اسان کي مخصوص خوشي ۽ اطمينان محسوس ٿئي ٿو.
ھاڻي اچو تہ اھو ڏسون تہ ھڪ شيءِ ھڪ ماڻھوءَ لاءِ خوشيءَ جو باعث ڇو بڻجي ٿي جڏھن تہ ٻئي ماڻھوءَ لاءِ ڇو نہ ٿي بڻجي؟ يووال نوح ھراري پنھنجي ڪتاب (Homo Deus: A Brief History of Tomorrow) ۾ چوي ٿو تہ انساني خوشي معروضي (جسم ۾ يا پاڻ وٽ ڪنھن شي جي کوٽ) ۽ موضوعي (ذاتي توقعات) کوٽ ۽ تسڪين جي معيارن تي ھڪ جيترو انحصار ڪري ٿي. پاڻ مثال ڏئي ٿو تہ اڄ جي عام انسان کي پنھنجي عام زندگيءَ ۾ پراڻي وقت جي بادشاھن کان بہ وڌيڪ بھتر آسائشون ميسر آھن پر پوءِ بہ ھو خوش نہ آھي ڇو تہ سندس خواھشون ۽ توقعات ماضي جي دور مطابق نہ پر موجودہ ترقي يافتہ دور جي حساب سان ۽ پاڻ کان مٿئين طبقي مطابق آھن جيڪي عام حالتن ۾ پوريون ٿيڻ ناممڪن آھن. اھو ئي سبب آھي جو ھو گهر، بجلي، گئس، ڪار، تعليم، زال، ٻار ۽ صحت ھوندي بہ خوش نہ آھي ڇو تہ ھن کي گهر نہ پر بنگلو گهرجي، ھو بجلي ۽ گئس جو سھولتون نظرانداز ڪري آء فون طلب ڪري ٿو، ھو ھڪ زال نہ پر لاتعداد عورتن سان لاڳاپا چاھي ٿو، ھو فقط ٻار نہ پر پنھنجن ٻارن لاءِ دنيا جھان جون سھولتون چاھي ٿو، ھو صحت نہ پر ديرپا سرور ۽ اوج چاھي ٿو. نتيجي ۾ پاڻ ھوندي بہ اڻ-ھوندي جي عذاب ۾ مبتلا رھي ٿو. ان ڪري پاڻ کان گهٽ ۽ ھيٺ ڏسڻ بھتر آھي.
آخري حصي ۾ اچو تہ اھو پڻ ڏسون تہ ڪھڙا ھارمون ڪھڙيون رطوبتون پيدا ڪري اسان کي ڪھڙي قسم جي خوشيءَ سان سرشار ڪن ٿا؟ سائنسي معلومات مطابق ھن وقت تائين پنجاھ کان وڌيڪ ھارمونز لڌا ويا آھن جيڪي اسان جي جسم ۾ مختلف ڪم ڪندا آھن. ھتي خوشي، سرور ۽ چڱ ڀلائي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اسان ڪجه اھم ھارمونز بابت ڄاڻ ڏينداسين.
ڊوپيمائين: ھن کي خوشي ۽ چڱڀلائي جو ھارمون پڻ چئبو آهي. دماغ جا نيورانس ھي ھارمون خارج ڪندا آھن. جيڪو عمل يا تجربو توھان کي خوشگوار گذري پڪ سمجهي وڃو تہ جسم ۾ ڊوپيمائين جو چڱو خاصو مقدار ٺھي چڪو آھي. توھان جي يا توھان جي ڪم جي تعريف ٿئي، پيار ٿي وڃي، کاڌو کائجي، جنسي عمل ڪجي، خريداري ڪجي، پسنديدہ ڪم ڪجي يا گانو ٻڌجي تہ ھي ھارمون جسم ۾ ٺھندو ۽ توھان کي خوشيءَ جو احساس ڏياريندو.
سيروٽونن: ھن کي پڻ خوشيءَ جو ھارمون چئبو آهي. دماغ ۾ موجود نيورانس ھي ھارمون خارج ڪندا آھن. ھي ڊپريشن ۽ تشويش کي ختم ڪندو آھي. جسماني ورزش، راند روند، پنڌ، نين جاين ڏانھن سير تفريح، دوستن ۽ مٽن مائٽن ڏانھن وڃڻ ۽ انھن سان وقت گذارڻ دوران ھي ھارمون خارج ٿيندو آھي.
اينڊورفنس: ھن کي سور ختم ڪندڙ آفيم وارو ھارمون چئبو آهي ۽ ھي دماغ ۾ موجود پچوٽري غدود توڙي دماغ جي ھائيپو ٿيليمس حصي مان خارج ٿيندو آھي. ھي پڻ ورزش، ڊوڙڻ، تيز پنڌ ڪرڻ، ترڻ، نچڻ، موسيقي ٻڌڻ، جبل تي چڙھڻ، جنسي عمل، مالش، کائڻ پيڻ وغيرہ دوران خارج ٿيندو آھي ۽ چڱ-ڀلائي ۽ خوشي جو احساس پيدا ڪندو آھي.
آڪسيٽوسن: ھن کي پيار ۽ سماجي تعلقات جوڙڻ وارو ھارمون چئبو آهي ۽ ھي دماغ ۾ موجود ھائيپو ٿيليمس حصي مان سڌو سنئون يا پچوٽري غدود وسيلي خارج ٿيندو آھي. ھڪ ماءُ ۾ ٻار ڄڻڻ کان پوءِ کير پيارڻ ۽ ٻارن جي پرورش ڪرڻ دوران ھي ھارمون تمام گهڻي مقدار ۾ خارج ٿيندو آھي؛ جڏھن تہ ھي پنھنجي جيون ساٿي کي پيار ڀرئي نظر سان ڏسڻ، سندس ھٿ پڪڙڻ، جسم ڇھڻ، ڀاڪر پائڻ، چمي ڏيڻ، مالش ڪرڻ ۽ جنسي عمل ڪرڻ سان خارج ٿئي ٿو.
ڳالھہ جو ڳر اھو آھي تہ مادي سھولتن ۽ توقعات ۾ توازن ئي ڪامياب ۽ خوش زندگيءَ جي ضمانت آهي. ٻيو تہ پاڻ کان گهٽ خوشنصيب ماڻھن کي نظر ۾ رکڻ کپي تہ جيئن پاڻ کي ميسر سھولتن ۽ خوشين جو احساس ٿي سگهي. ان کان سواءِ پنھنجي جيون ساٿي سان پيار ڀرئي ۽ ويجهي زندگي گذارجي؛ پنھنجن ٻارن کي پيار ڪجي، انھن سان راند ڪجي ۽ انھن جي خوشين ۾ خوش ٿجي؛ باقائدگي سان اڌ ڪلاڪ روزانو ورزش ڪجي يا تيز پنڌ ڪجي يا اھڙي قسم جي راند ڪجي؛ ڪو جانور يا پکي پالجي ۽ ان جو خيال رکجي؛ مٽن مائٽن، ويجهي ۽ پري جي دوستن ڏانھن وقتن فوقتن وڃبو رھجي، انھن کي پاڻ وٽ گهرائجي ۽ انھن سان وقت گهارجي؛ موسيقي سان شغل رکجي؛ مراقبو ڪجي؛ دوستن احبابن سان سير سفر ڪجن؛ مزاحيہ ڊراما ۽ پسنديدہ فلمون ڏسجن؛ جسم ۽ مٿي جي مالش ڪرائجي؛ ھر رات ست کان اٺ ڪلاڪ روزانو ڀرپور ننڊ ڪجي؛ پسنديدہ ۽ مختلف کاڌا کائجن ۽ مشروب پيئجن؛ پسنديدہ ڪم کي پنھنجو پيشو بڻائجي؛ پنھنجن دوستن، مٽن مائٽن ۽ مستحق ماڻھن جي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪجي وغيرہ. انھن ڪمن سان يقينن اسان کي خوشي محسوس ٿيندي.
مددي ڪتاب :
1. Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK
2. https://www.henryford.com/blog/2021/05/how-to-boost-feel-good-hormones-naturally
3. https://my.clevelandclinic.org/health/body/23040-endorphins