تاريخ، فلسفو ۽ سياست

دنيا جا مشھور فلسفا

هي ڪتاب هڪ ڏاهپ وارو ڪتاب آهي. جنھن ۾ ليکڪ منجهيل سُٽَ، سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پاران روزاني پنھنجي اخبار ۾فلسفي جي موضوع تي سيپٽمبر 2022 کان جولاءِ 2023 تائين ڇپيل ڪالم شامل آھن. ليکڪ، فلسفي جي ٻولي عام فھم ڪري آسانيءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن هر عام پڙهندڙ بہ فلسفي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي، سندس هي پورهيو قابل داد آهي. ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي صاحب، فسلفن جو بنياد، تاريخ، تعارف، تنقيد، تشريح، هاڪاري ناڪاري اثر ۽ نتيجا احسن نموني سمجهايا آهن. 

Title Cover of book دنيا جا مشھور فلسفا

غار جا گمراھه قيدي، پاڇا ۽ سچائي

اسان جي سنڌي قوم ھن ايڪيهين صدي ۾ رھندي بہ نہ رڳو نظرياتي ۽ سوچ جي لحاظ کان ڪيتريون ئي صديون پوئتي آھي پر عملي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ پڻ اوترو ئي پوئتي پيل آھي. سماجي زندگي جي ترقي جا توڙي ھڪ فلاحي رياست جا ڪجهہ عام پيمانا ھي آھن: ھر ماڻھوءَ کي چاھي اھو ڪھڙي بہ مذھب، رنگ ۽ نسل سان تعلق رکندو ھجي، کي زندہ رھڻ جا برابر حق ميسر ھجڻ؛ ھر شھري کي روزگار، صحت، تعليم ۽ تفريح جا مناسب ۽ برابر حق حاصل ھجن؛ ھر شھري کي مناسب رھائش، پيئڻ جو صاف پاڻي، کاڌخوراڪ، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جا انتظام وغيرہ ميسر ھجڻ؛ ھر شھري جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت جا انتظام ميسر ھجڻ؛ ھر شھري کي پنھنجن فطري صلاحيتن جي نشونما جا ڀرپور ۽ ھڪ جيترا موقعا ميسر ھجڻ؛ ھر شھري کي پنھنجي عقيدي مطابق عبادت ڪرڻ جي آزادي ميسر ھجڻ؛ ھر شھري کي تقرير ۽ تحرير جي آزادي ميسر ھجڻ؛ھر شھري کي ڪنھن ٻئي شھري يا اداري طرفان ارادي يا غير ارادي طور ڇيھي يا نقصان پھچائڻ جي صورت ۾ ھڪجهڙو ۽ غيرجانبدار انصاف ميسر ھجڻ؛ پائدار ترقي جو ھجڻ جيڪا ڪنھن بہ موجود فطري وسيلي جي تباھي جي قيمت تي نہ ھجڻ وغيرہ.
مٿيان حق، شيون، سھولتون ۽ نظام اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ يا تہ ھن دنيا ۽ زندگيءَ ۾ سھانا خواب رھيا آھن يا وري اھي مرڻ کان پوءِ واري ڪنھن خيالي جنت جا مزا محسوس ٿيندا آھن. پاڪستان جي قيام کان وٺي ھڪ طاقتور ٽولي وٽ اسان جي ملڪ جا ماڻھو ۽ وسيلا، خاص طور سنڌ، سنڌ جا ماڻھو ۽ سنڌ جا وسيلا، يرغمال رھندا آيا آھن. ان طاقتور ٽولي ھٿ وٺي اھڙو سماجي نظام ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي (ھينئر اھا ڪوشش ان ڌر کي پنھنجا گهربل نتيجا ڏئي رھي آھي) جنھن ۾ شعور ۽ معاشي ترقي پيدا ڪندڙ ادارن ۽ نظامن جي اھڙي ريت چيلھہ ڀڃي وڃي جو اھي ڪيترن ئي ڏھاڪن تائين پنھنجن پيرن تي بيھي نہ سگهن پر اھي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ فقط نالي ماتر ادارن طور ڪم ڪندا ھجن تہ جيئن عوام پيٽ گذر ۾ ڦاٿل رھي ۽ ٻي ڪنھن شي ۽ سھولت جو سوچي نہ سگهي ۽ فقط زندہ رھڻ کي ئي غنيمت سمجهي. ھن وڏي ڪم لاءِ طاقتور ٽولي کي ھر ضلعي، شھر ۽ ڳوٺ ۾ ھيٺين سطح تائين ڀروسي وارن فرمانبردارن جي ضرورت پوندي آھي جنھن لاءِ اھي ھڪ پاسي تہ وڪاميل پيرن، مرشدن، وڏيرن، سردارن منجھان ڪجهہ کي سندن ذاتي زندگي جي عيش عشرت جي سامان عيوض عوامي ۽ اجتماعي مفادن تان غير شعوري توڙي شعوري طور ھٿ کڻائيندا آھن ۽ اليڪشنن ۾ چونڊرائي پنھنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندا آھن، تہ وري ٻئي پاسي پنھنجن ھم خيال اشرافيہ يا سي ايس پي آفيسرن کي ساڳي ريت پنھنجي ڄار ۾ سوگهو ڪندا آھن، ۽ ڪجهہ اٽي ۾ لوڻ جيترن ايماندار آفيسرن کي وري انھن جي ايمانداري جي سزا طور ميدان عمل تان ھٽائي انھن کان ڪلارڪي وارو ڪم پيا وٺندا آھن. ان سڄي بدعنواني جي ڪري عوام ۾ شعور جي آبياري روڪي ويندي آھي ۽ انھن کي پنھنجن حقن کان اڻواقف رکيو ويندو آھي ايستائين جو اھي پيٽ گذر کي بہ حڪمران طبقي طرفان وڏو ٿورو سمجهڻ لڳن. اھڙي ريت انھن ڀوتارن ۽ سردارن طرفان پنجن سالن ۾ چونڊن واري وقت ۾ عوام جي تڏي تي ھلي اچڻ ۽ گذاري ويل وارثن ۽ مائٽن جي دعا گهرڻ کي ئي سندن ووٽ جو حقدار سمجهڻ جو ھٿ ٺوڪيو معيار ٺاھي انھن جي ٽيڪس جي اربين ۽ کربين روپين جي بجيٽن تي راتاھا ھڻڻ ۽ ان ۾ مسلسل خرد برد ڪرڻ جو سامان جوڙيو ويندو آھي.
سچائي ۽ حقيقت متعلق سقراط طرفان پيش ڪيل اونداھي غار جي قيدين جي خاڪي ۽ اسان جي ننڌڻڪي عوام جي حقيقي زندگي ۾ ڪافي ھڪجھڙائي نظر اچي ٿي. سقراط چوي ٿو تہ فرض ڪريو تہ ھڪ اونداھي غار ۾ ڪجهہ قيدي اھڙي ريت قيد آھن جو اھي ھڪ ھنڌ ويٺل آھن ۽ غار جي فقط ھڪ پاسي واري ڀت ڏانھن ڏسي سگهن ٿا ۽ اھي قيدي ٻاھرين دنيا جي سڀني شين کان اڻواقف آھن. غار جي منھن وٽ ھڪ ھموار رستو آھي جتان ڏينھن جي وقت نہ رڳو سج جي روشني اندر سڌي توڙي اڻ سڌي ايندي آھي. نتيجي ۾ ان غار جي منھن اڳيان گذرندڙ جانورن ۽ پکين جا پاڇا غار اندر قيد ٿيل قيدين جي سامھون واري ڀت تي ٺھندا آھن ۽ اھي قيدي انھن پاڇن کي ڏسي ڏسي انھن متعلق پنھنجن ذھنن ۾ ڪھاڻيون، تصور ۽ نظريا گهڙيندا آھن ۽ ڏينھن رات ھڪ ٻئي سان فقط پاڇن متعلق پيا بحث ڪندا آھن. پاڇن متعلق بحث ۾ اھي ھاڻي ماھر بڻجي چڪا ھوندا آھن ۽ اھي انھن پاڇن کي ئي حقيقت يا سچائي پيا سمجهندا آھن. ڪافي وقت کان پوءِ انھن قيدين منجھان ھڪ قيدي ڪنھن طرح سان پنھنجن زنجيرن کان آزاد ٿي ويندو آھي ۽ اھو غار جي منھن وٽ پھچي ويندو آھي ۽ سج کي ڏسندو آھي. پھريان تہ ھن جون اکيون سج (سچائي) ڏسڻ تي خيريون ٿي وينديون آھن پر ڪجهہ دير ۾ اھي سج ۽ شين جي پاڇن کي ڏسڻ جي قابل ٿي وينديون آھن. ھن کي حيرت لڳندي آھي جڏھن ڏسندو آھي تہ پاڇا تہ حقيقتون نہ آھن، ۽ نہ وري غار ۾ يقين جي حد تائين سئو سيڪڙو نام نھاد سچيون سمجهيل حقيقتون ڪي اصل حقيقتن ۽ شين سان ڪو ٿورو بہ سچو تعلق رکندڙ ھيون! غار وارين سچائين ۽ ٻاھرين دنيا جي سچائين ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو آھي. آزاد ٿيل قيدي ٻاھرين دنيا جي ماڻھن، شين، تصورن ۽ نظرين سکڻ ۾ غرق ٿي ويندو آھي. جڏھن ھن کي ٻاھرين دنيا جي سڀني معروضي سچائين جو پتو پئجي ويندو آھي تہ اھو پنھنجن قيدي دوستن کي حقيقتون ٻڌائڻ، سمجهائڻ ۽ انھن کي آزاد ڪرائڻ پنھنجو فرض سمجهندو آھي ۽ انھن ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪندو آھي. غار ۾ پھچڻ کان پوءِ جڏھن ھو انھن کي پاڇن بابت ٻڌائيندو آھي تہ پاڇا حقيقتون نہ آھن پر اھي ڪجهہ شين ۽ جانورن جا عڪس آھن. ان تي ھن جا دوست ھن سان اختلاف رکندي وڙھي پوندا آھن ۽ چوندا آھن تہ ھو ھاڻي پاڇن سمجهڻ جي سگهه وڃائي چڪو آهي ۽ بھتر آھي تہ ھو ھاڻي پاڇن متعلق بحث ۾ حصو نہ وٺي. اھي قيدي ھن کي خبردار ڪندا آھن تہ جيڪڏھن سندن پاڇن بابت ڄاڻ کي ھن رد ڪيو ۽ غلط چيو تہ ھو ھن کي قتل ڪري ڇڏيندا. ھن غار جو تمثيلي مطلب اھو بيھي ٿو تہ ھن دنيا ۾ اسان سڀ ماڻھو ڪنھن نہ ڪنھن حساب سان اڻڄاڻائي ۽ جهالت جي غار جا قيدي آھيون. تنقيدي بحث مباحثو غار کان ٻاھر ويندڙ ٿلھو يا رستو آھي. زنجيرن کي زنجيرون سمجهڻ شعور ۽ تعليم جو آغاز آھي جيڪا اسان ۾ انھن کي ٽوڙڻ جي ھمت پيدا ڪري ٿي. قيدين جو سندن پاڇن واري ڄاڻ کي چھٽيل ھجڻ اسان جي ذھنن ۾ پيدا ڪيل يا ٿيل ڪوڙا تصور ۽ نظريا آھن جن لاءِ اسان مخالف نظرئي واري کي صفحه ھستي تان مٽائڻ جي حد تائين پڻ وڃي سگهون ٿا. غار مان نڪرندڙ ۽ واپس ايندڙ شخص ھڪ فيلسوف يا اھو روشن خيال اڳواڻ آھي جيڪو پنھنجي جان جي پرواھ نہ ڪندي بہ جهالت ۾ ڦاٿل ساٿين کي ڪڍڻ لاءِ پر آسائش زندگي مٿان تڪليف واري انقلاب کي ترجيح ڏئي ٿو. اسان جي سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال مٿئين غار واري تمثيل سان ٺھڪيل آھي پر فرق ايترو آھي جو اسان جا سياستدان ۽ اشرافيہ فقط پاڻ تڪليفن واري زندگي کان تہ نڪري آيا آھن ۽ سچائي جي سج جي روشني ۾ دنيا جھان جا علم حاصل ڪري پنھنجن زندگين کي جنت نظير بڻائڻ کان پوءِ جهالت جي انڌيري غار ۾ ڦاٿل پنھنجي غريب عوام کي ڪڍڻ لاءِ واپس تہ نہ ٿا اچن پر ٻئي ڪنھن کي بہ ان واپسي جي رستي تي ھلندو ڏسي ان کي صفحه ھستي تان ئي ھٽائي ڇڏين ٿا. سچ چوندا آھن تہ جيستائين ھڪ قوم پنھنجي مدد پاڻ تحت نہ پتوڙيندي تيسيتائين خدا بہ ان قوم جي مدد نہ ڪندو آھي.
موجودہ قيادت کان بغاوت، حقيقي ۽ ذھنن کي کوليندڙ تعليم، تنقيدي سوچ، صحتمند بحث مباحثا، گهڻ رخا مطالعا، ۽ باشعور ۽ سڄاڻ ماڻھن جي ٽولي ۾ شموليت اسان جي قوم کي جهالت جي غار مان ڪڍڻ جا وسيلا آھن.


1.https://epaper.pahenjiakhbar.com/epaper/edition/604/pahenjiakhbar/page/4