خيال- پسنديت يا تصوريت جو فلسفو
قديم يونان جي افلاطون جنھن کي سقراط جو شاگرد ۽ وات پڻ چيو ويندو آهي، کي ھن اولھہ جي خيال پرستي يا تصوريت جو باني سڏيو ويندو آهي. سندس خيال هو تہ مادي دنيا مطلق حقيقت يا سچائي نہ آهي پر ھڪ ڪوڙ آھي، ڌوڪو آھي ۽ فريب آھي، جڏھن تہ خيالات/تصورات جي دنيا ئي حقيقي دنيا ۽ مطلق سچائي آهي. سندس تصوراتي دنيا جنھن کي ھو حقيقي ۽ ابدي دنيا سمجهي ٿو، ۾ انصاف، خوبصورتي ۽ نيڪي جھڙيون سچائيون مادي ۽ جسماني دنيا کان آزاد ۽ ابدي طور تي ھميشہ کان موجود ھيون، آهن ۽ رھنديون. ٻئي پاسي سندس خيال ھو تہ مادي دنيا مسلسل تبديل ٿي رهي آهي ۽ زوال ۽ عدم استحڪام سندس اڻٽر خاميون آهن. افلاطون جو خيال هو تہ انسان پنھنجي ذهني سوچ جي ذريعي سچائي تائين پھچي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ عقل ۽ منطق انسان کي اصلي خيالي دنيا جي حقيقت تائين رسائي سگهن ٿا.
افلاطون جيتوڻيڪ پنھنجي استاد سقراط جي نظرئي جي تشريح ۽ تشھير ڪئي پر ھن انھن تصورن کي اڳتي وڌائي جامع شڪل پڻ ڏني. اڪثر محقق افلاطون ۽ سقراط جي خيالن، نظرين ۽ لکڻين کي ھڪ ڪري ليکيندا آھن ۽ گڏيل طور انھن کي افلاطون جو خيال پسنديت يا خيال پرستي وارو فلسفو چوندا آهن. خيال پرستي جي فلسفي سياست، اخلاق ۽ فلسفي تي گهرا اثر ڇڏيا آھن جيڪي ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ اڄ بہ موجود آھن. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان ”جهموريت“ (The Republic)، ”سمپوزيم/اجلاس“ (Symposium) ۽ ”قانون“ (The Laws) جو مختلف شعبن ۾ وڌيڪ چرچو ۽ حوالو ڏنو ويندو آهي. دي ريپبلڪ يا ”جمھوريت“ ۾ افلاطون دليل ڏئي ٿو تہ تعليم عام ڀلي يعني عوامي ڀلي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جو وسيلو آھي. عوام کي پاڻ تي ۽ ٻين تي حڪومت ڪرڻ جي قابل هئڻ گهرجي. جڏھن تہ سندس ڪتاب The Laws ۾ ھڪ اجنبي (يعني ھو پاڻ) ۽ ٻن مقامي ماڻھن جي وچ ۾ ھڪ تصوراتي ٻيٽ تي زندگي گذارڻ جي قانونن، اخلاقيات، تعليم، شادي، ملڪيت جي مالڪي ۽ عوام جي ڀلي لاءِ ۽ حڪومت جي ڪردار تي گرما گرم گفتگو ۽ بحث ٿيل آھي؛ سندس واضع مؤقف آھي تہ معاشري جا قانون منطق ۽ عقلي استدلال تي ٻڌل ھجڻ گهرجن نہ ڪي شخصي ترجيحن تي، انھن قانونن جو ديرينہ مقصد عوام جو ڀلو ئي ھجڻ گهرجي.
افلاطون پنھنجي سماج ۾ ماڻھن کي ٽن ٽولن ۾ ورھائڻ جي ڳالھہ ڪئي ھئي: فلاسافر بادشاھ ٽولو، ويڙھاڪ يا فوجي ٽولو ۽ ھنرمند ٽولو. ھن نظرئي کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ دنيا ۾ اعليٰ تعليم جي پھريون تعليمي اداري ”دي اڪيڊمي“ (The Academy) جو بنياد سن.BC387 ۾ رکيو. سندس تعليم ڇھن مرحلن تي مشتمل ھئي. جيڪو اميدوار پنجاھ سالن جي عمر تائين جي ڇھن مرحلن (پنج مرحلا اڪيڊمي ۾ ۽ آخري مرحلو وقت جي حڪمران سان گڏ ٽريننگ ڪندڙ جي حيثيت ۾) جي تعليم دوران حسابن، منطق ۽ فلسفي ۾ اعليٰ ترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ، اعليٰ اخلاق جو حامل ۽ ھر قسم جي ذاتي لالچ کان پاڪ ثابت ٿيندو تہ اھو فلاسافر بادشاھ يا حڪمران بڻجڻ جو اھل ھوندو؛ فقط اھڙو حڪمران ئي انصاف ۽ عقلمنديءَ سان حڪومت ڪري سگهندو. ساڳيءَ طرح سان ھن ويڙھاڪن توڙي ھنرمندن جي چونڊ ۽ تربيت لاءِ تعليمي مرحلا ٻڌايا ھئا. ويڙھاڪ يا فوجي ٽولي جيڪو بھادري ۽ وڙھڻ جي فن جي اوزارن ۽ اٽڪلن ۾ مھارت رکندڙ ھو، ان جي ذمي ملڪ جي حفاظت ھئي، جڏھن تہ ھنرمند ٽولي جي ذمي ضرورت جون شيون ٺاھڻ ۽ جسماني مزدوري واريون خدمتون فراهم ڪرڻ ھو.
ھن فلسفي مطابق صحتمند جسم، اخلاقي ۽ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ ۽ انھن کي پروان چاڙھڻ تعليم جا اھم مقصد ھئا جيڪي جسماني تعليم (جيمناسٽڪس)، موسيقي، رياضي، منطق ۽ فلسفي پڙھائڻ سان حاصل ڪري پيا سگهجن. ھي نظريو ٻڌائي ٿو تہ انسان ٻن جزن جو مرڪب آھي: جسم ۽ روح؛ جسم تغير پزير، عارضي ۽ فاني آھي جڏھن تہ روح غير تغير پذير، دائمي ۽ غير فاني آھي؛ ان ڪري روح کي جسم جي مٿان فوقيت حاصل آھي. سقراط جو خيال ھو تہ انساني روح سندس پيدائش کان اول جي حقيقت آھي، جسم تہ فقط ھڪ ڪالب يا کوکو آھي جنھن ۾ روح وقتي طور رھندو آھي. جسم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ روح کي ھر حقيقت، علم، سياڻپ ۽ نيڪي جي پروڙ ھئي پر جسم جي ڍانچي ۾ قيد ٿيڻ تي ان کان اھو سڀ ڌنڌلو ٿي ۽ وسري ويو آھي، ۽ روح کي وري پنھنجي اصلي جاءِ تي موٽڻو ضرور آھي. ھن فلسفي مطابق جسم جي پرورش جيمناسٽڪس يا جسماني ورزشن ۽ مشقتن وسيلي ممڪن آھي، جڏھن تہ روح جي نشونما وري موسيقي وسيلي ڪري سگهجي ٿي.
ھي فلسفو ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿيندو رھيو آھي جھڙوڪ فلسفو، ادب ۽ آرٽ. اڄ بہ فلسفي ۾ جڏھن سچائي، علم ۽ اخلاقيات جي ڳالھہ ٿيندي تہ ھن فلسفي جا حوالا لازم ۽ ملزوم آھن؛ ادب ۽ آرٽ ۾ خوبصورتي جي تصور ۽ تخليقي ۽ تنقيدي خيالن جي ڳالھہ ٿيندي تہ خيال پسندن ۽ خيال پرستن جو ذڪر ضرور ٿيندو. اڄڪلھ جا تشريحيت (Interpretivism) ۽ پوسٽ ماڊرنزم (Postmoderism) فلسفا پڻ ماڻھن طرفان شين ۽ لقائن کي موضوعي (Subjective) طور ڏسڻ ۽ معني ڏيڻ کي اھم سمجهن ٿا. دنيا جا اڪثر مذھبي تصور ھن فلسفي جي سڌريل يا بگڙيل شڪل ئي آھن.
خيال پرستن، خاص ڪري سقراط ۽ افلاطون، جو بنيادي نقطو ھن عقيدي تي مبني ھو تہ مادي دنيا ھر وقت تغير پذير آھي، عارضي آھي ۽ فاني آھي ان ڪري اھا بذات خود حقيقت يا سچائي نہ آهي پر ھڪ ٻي/ابدي دنيا جو پاڇو، پرتو يا بگڙيل عڪس آھي يعني اسان پنھنجن چوڌاري جيڪو مادو ڏسون ٿا اھو ھڪ خواب ۽ خيال آھي. ٻين لفظن ۾ ٽڪر ٽڪريون، ڍنڍون ڍورا، درياءَ سمنڊ، برف برسات، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، ڀاڄيون ميوا، جانور مڇيون وغيرہ بذات خود حقيقتون نہ آھن پر ھڪ ٻي ابدي دنيا جي شين جا پاڇا يا عڪس آھن. مطلب تہ خيال پرستن حواسي معلومات جو ھڪ نہ ٻي ريت انڪار ئي پئي ڪيو آھي. ھن معاملي ۾ خيال پرستي ۽ سندس حامي مات کائي ويا ۽ وڏي ۾ وڏو غلطان ڪري ويا جنھن ڪري ھنن تي ڇتي تنقيد ٿيندي رھندي آھي.
مٿئين بحث جو لب لباب اھو وڃي بيھي ٿو تہ خيال پسنديت يا تصوريت جو فلسفو قديم ترين فلسفو ۽ نظريو آھي جيڪو سچائي تائين پھچڻ يا ان جي جوڙڻ ۾ آزاد ۽ تنقيدي خيالن ۽ شعور جي اھميت جو اقرار ڪري ٿو. ھي فلسفو تاريخ ۾ ھن وقت تائين اھم رھيو آھي. سقراط، افلاطون، برڪلي، ڪانٽ ۽ ھيگل جھڙو فلسفي ھن جا حامي رھيا آھن. مذھبي دنيا ۾ روح، ابدي ۽ دائمي دنيا، ابدي سچائي ۽ لافانيت جھڙو تصور ھن فسلفي جي پيداوار آھن. ھن فلسفي جو مادي دنيا کان انڪار سندس وڏي ۾ وڏي غلطي ھئي جنھن ڪري ھن تي اڄ تائين ڇتي تنقيد ٿيندي رھي ٿي.
مددي ڪتاب:
1.Berkeley, George. A Treatise Concerning the Principles of Human Knowledge. Hackett Publishing, 1982.
2.Descartes, René. Meditations on First Philosophy. Hackett Publishing, 1993.
3. Hegel, G.W.F. Phenomenology of Spirit. Oxford University Press, 1977.
4. Kant, Immanuel. Critique of Pure Reason. Penguin Classics, 2007.
5. Smith, Nicholas. "Idealism" Stanford Encyclopedia of Philosophy. Accessed 25 March 2023.
6. https://plato.stanford.edu/