علم جو نئون اوزار
مصنف: وِل ڊيُورنٽ (Will Durant)
(نوٽ: فرانسس بيڪن جو هي ڪتاب پھريائين لاطيني ٻوليءَ ۾ (Novum Organum) “نووم آرگينم” نالي سان 1620ع ۾ ڇپيو هو، جنھن کي بعد ۾ انگريزي ۾ ”دي نيو آرگينان“ (The New Organon)جي نالي سان ڇاپيو ويو. هن ڪتاب سائنسي تحقيق ۽ طريقہ ڪار جو رستو کوليو ۽ بنياد وڌو. ول ڊيورنٽ هن ڪتاب جو هيٺيون اختصار پيش ڪيو آهي.)
فرانسس بيڪن جي ڇتي تنقيد نگار مطابق هن جو پھريون ڪتاب ”نيو آرگينم“ (علم جو نئون اوزار 1620ع) سندس عظيم ترين تخليق هئي. هن کان اڳ منطق کي نئين سر جيارڻ ۽ استقراري استدلال (Inductive Reasoning) کي سھڻو ۽ قابلِ تسخير بڻائڻ ۾ بيڪن کان سواءِ ڪنھن ٻئي بني بشر ايتري جاکوڙ نہ ڪئي هوندي. جيڪڏهن ڪنھن کي منطق پڙهڻو آهي تہ ان کي شروعات بيڪن جي هن ڪتاب کان ڪرڻ گهرجي. ”انساني فلسفي جو هي حصو، جيڪو گهڻن ماڻھن جي پسنديده ذائقي وٽان نہ آهي، منطق کي هڪ باريڪ، پيچيدہ ۽ ڪنڊيدار ڄار وانگر پيش ڪري ٿو. پر جيڪڏهن اسان شين کي سندن حقيقي معنيٰ ۽ ملھہ مطابق تورڻ چاهيون تہ سائنس ئي اسان کي سڀني شين جون بھتر ساهميون عطا ڪري ٿي.“
بيڪن مطابق فلسفو ڪافي عرصي کان سُڪل ۽ بي ثمر بڻجي چڪو هو، ان کي زرخيز بڻائڻ لاءِ هڪ نئون طريقو جيڪو يوناني فلسفين وٽ موجود نہ هو گهربل هو. يونان جي فلسفين جي بدترين غلطي اها هئي تہ انھن نظرئي يا تصور جي اپٽار تي تہ تمام گهڻو وقت خرچ ڪيو پر ان جي بر عڪس مشاهدي کي اوترو ئي نظرانداز ڪيو. ياد رهي تہ سوچ يا تصور کي مشاهدي جو ساٿي هجڻ گهرجي نہ ڪي ان جو متبادل، بيڪن جو ڪتاب ”علم جو نئون اوزار“ جي ابتدا ما بعدالطبيعات علمن کي بُري طرح ڌونڌاڙي ۽ للڪاري ڇڏي ٿي. پاڻ چوي ٿو تہ انسان جيڪو فطرت جو ترجمان ۽ اڳواڻ آهي پنھنجي وت آهر اوترو ئي سمجهي ۽ عمل ڪري سگهي ٿو جيترو ان لاءِ سندس فطرت متعلق اڻ ڌريو مشاهدو رستا کولي ٿو. هو ان کان وڌيڪ نہ ڄاڻي ٿو نہ وري ڄاڻي سگهي ٿو. سقراط کان اڳ وارا فلاسافر هن معاملي ۾ سندس پونئرن کان بھتر هئا. مثال طور ڊيموڪرائيٽس حقيقت ۽ مشاهداتي ثبوتن کي تصوراتي نظرين تي ترجيح ڏيندو هو. ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالھہ نہ آهي تہ ارسطو کان وٺي (BC 399 کان 1620ع تائين) فلسفي ڪابہ ترقي نہ ڪئي ۽ جمود جو شڪار رهيو، ڇو تہ فلسفو ارسطو جي جوڙيل منطقي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل هو (سقراط جي منطق جو مثال: سڀ انسان فاني آهن؛ سقراط هڪ انسان آهي؛ انڪري سقراط فاني آهي). هن ڳالھہ کي فرانسس بيڪن هيئن پيش ڪري ٿو.”ارسطو جي روشني استعمال ڪندي ارسطو کان اڳتي وڌڻ بلڪل ايئن آهن جيئن اهو سوچجي تہ ڪنھن طريقي سان اڌاري ورتل روشني اصل روشني کان وڌيڪ تيز بڻائجي.“ نتيجي ۾ ارسطو کان پوءِ ٻہ هزار سالن تائين فڪر، علم ۽ فلسفي ۾ جمود رهيو. هن جي فلسفي بدولت مٿين عرصي ۾ سندس ٺاهيل مشين سان فلسفي جي ڇانگ ۽ ڇنڊ ڇاڻ جاري رهي پر ڪو خاص نتيجو ملڻونہ هو انڪري فلسفي ڪا بہ ترقي نہ ڪئي؛ ان ڪري هينئر (بيڪن جي دور ۾) اهو ايترو ڪري پيو آهي جو ڪوبہ هاڻي ان کي عزت جي نگاھہ سان نہ ٿو ڏسي. ان ڪري هن وچ واري عرصي جا سڀ نظريا، حسابي ٿيورم ۽ دليل اڇلائي ۽ وساري ڇڏڻ گهرجن. هاڻي فلسفي کي نئين سر جيارڻ لاءِ اسان کي هڪ دفعو وري هڪ صاف ۽ شفاف ذهن سان شروعات ڪرڻي پوندي.
هن سلسلي ۾ پھريون ڏاڪو ذهن ۽ ذهانت جي صفائي ۽ ڇانگ آهي، يعني اسان کي هڪ دفعو وري هڪ ٻار بڻجڻو پوندو جنھن جو ذهن هر نظرئي ۽ تصور کان پاڪ هوندو آهي؛ جنھن جو ذهن ماضي توڙي حال جي هر ساڙ ۽ بغض کان پاڪ هوندو آهي. ان ڪري اسان کي پنھنجن ذهنن منجھان چار قسمن جي غلط تصورن کي ڪوري ڪڍڻو پوندو، بيڪن مطابق چار قسمن جي بتن کي ڪيرائڻو پوندو. هن مطابق هڪ بُتُ اها تصوير آهي جيڪا هڪ سچائي جي بدران انسانن طرفان گهڙِي وئي آهي. ان جو مطلب هي آهي تي هڪ حقيقي شيءَ لاءِ من گهڙت خيال هڪ بت آهي. دنيا جھان جون سڀ غلطيون ڪنھن نہ ڪنھن قسم جي بت سان واسطو رکن ٿيون. منطق جو پھريون ڏاڪو هنن غلطين جا ڪارڻ هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ آهي. ڪونڊيليڪ مطابق بيڪن کان وڌيڪ انساني ذهن جون غلطيون اڄ تائين ڪنھن بہ ڪون ڪڍيون آهن. بيڪن هنن غلطين کي چار بُتن هيٺ بحث ۾ آندو آهي.
1. قبيلي جا بُتَ (Idols of the Tribe):
انساني ذهن جي هن قسم جي غلطين کي انسان ذات جون عمومي غلطيون چئي سگهون ٿا. بيڪن مطابق ”قبيلي جا بت“ وارين غلطين مان مراد انسان بذاتِ خود هڪ قبيلي طور ٻين انسانن تي اثر اثرانداز ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾ هڪ انسان جا پيش ڪيل تصور ۽ نظريا انسانن تي اهڙي نموني اثر وجهن ثا جو اهي اڪثر ڪري انھن جي حمايت ڪندڙ ۽ حمايت ۾ دليل ڏيندڙ بڻجي ويندا آهن.
انساني حواسن کي غلط طور تي شين جي معيارن سان جوڙيو ويندو آهي، جڏهن تہ اصل ۾ اسان جي حواسي تصورات جڙڻ ۾ حواسن ۽ تصوراتي ڪھاڻين جو هڪ جيترو عمل دخل آهي. ٻئي پاسي حواسي شيون ۽ تصورات ماڻھن سان وابسطه هوندا آهن نہ ڪِي پوري ڪائنات سان، ڇو تہ اسان شين ۽ تصورن کي پنھنجي تناظر ۾ ڏسندا آهيون، جڏهن تہ ڪائنات هڪ وسيع ڪينواس آهي جنھن تائين اسان جي پھچ نہ هوندي آهي. هن نقطي کي هيئن سمجهي سگهجي ٿو تہ انساني ذهن غير هموار آئينن مثل آهي جنھن کي شين جي عڪسن کي ٽوڙڻ ۽ مروڙڻ جي پنھنجي خاصيت هوندي آهي. ان ڪري اسان جا خيال ۽ نظريا اُهي بگڙيل تصويرون هونديون آهن جن جو حقيقت سان گهڻو تعلق نہ هوندو آهي. انساني سوچ ۽ سمجهہ فطري طور تي شين ۾ ترتيب ۽ توازن ڏسڻ چاهيندي آهي پوءِ ڀلي حقيقت ۾ اهو توازن هجي يا نہ هجي. مثال طور، هڪ ناقص تصور اهو بہ آهي تہ سڀ آسماني جسم مڪمل ۽ پُورن دائرن ۾ گهمندا آهن جڏهن تہ ايئن آهي ڪونہ،
بيڪن چوي ٿو: عام عقيدي يا ان جي تسڪين لاءِ جڏهن ڪنھن انسان طرفان هڪ جملو پيش ڪيو ويندو آهي تہ پوءِ اهو ان عقيدي سان لاڳاپيل هر ماڻھو کي مجبور ڪري ٿو تہ هُو ان جي حمايت يا تصديق لاءِ پنھنجي طرفان ڪجهہ چوي. پر اڪثر حالتن ۾ حقيقت ڪجهہ ٻِي هوندي آهي جيڪا هن اثر هيٺ نظر نہ ايندي آهي. يا اهو تصور (جملو يا سچائي) نہ مڃيندڙن کي ٿڏي ڇڏيندو آهي ۽ پاڻ سان مخالفت جي ڪري انھن کي پاڻ کان ڪٽي ڇڏيندو آهي، ۽ هن عمل ۾ اڪثر ڪري مخالفن سان تشدد ۽ تعصب وارا رويا شامل ٿي ويندا آهن. انھن سڀني ڳالھين باوجود شروع ۾ پيش ڪيل تصور يعني جملي ۽ پھرين نتيجي کي سندن پوئلڳن طرفان ڪڏهن بہ قربان نہ ڪيو ويندو آهي.... هن قسم جا سڀ وهم ايئن ئي پيدا ٿيندا آهن چاهي اهي فلقيات، خوابن، ساٺن سنوڻن يا وري مذهبن سان تعلق رکندا هجن. هنن وهمن ۾ پڪي عقيدي وارا فقط انھن واقعن جو مشاهدو ڪندا آهن جيڪي سچا ثابت ٿيندا آهن، پر جن واقعن (ڳالھين) ۾ اهي ناڪام ٿيندا آهن اهي عام طور تي نظرانداز ڪيا ويندا آهن.
ڪنھن مسئلي يا سوال بابت جيڪڏهن اسان شروع ۾ ئي پنھنجو فيصلو يا ارادو مقدم رکون ۽ پوءِ تجربا ان جي پيروي ڪندا هجن تہ پوءِ اهو ارادو ۽ اهو خيال گهڻو ممڪن آهي تہ سچ ثابت ٿي وڃي. اهڙي ريت اسان پنھنجن فيصلن ۽ تصورن جا قيدي ٿي ويندا آهيون. مختصر لفظن ۾ انساني شعور ۽ سمجهہ خشڪ روشني مثل نہ آهي پر ان سان سڀني حالتن ۾ اسان جي مرضي ۽ اسان جا جذبا ڪنھن نہ ڪنھن نموني سلاڙهيل هوندا آهن. سائنسي طريقہ ڪار بہ هن مسئلي کان آجو نہ آهي پر وري بہ تصديق لاءِ ٻين ماڻھن لاءِ کليل رهي ٿو. جيڪڏهن انسان وٽ سچائي ميسر هجي ها تہ اهو ان تي تڪڙو ئي يقين ڪري ها، ڇا ايئن نہ آهي؟
هن جاءِ تي بيڪن هڪ سونهري صلاح پيش ڪري ٿو: ”عمومي طور فطرت جي هر هڪ شاگرد کي هي اصول اپنائڻ گهرجي تہ هن جو ذهن جن خيالن ۽ نظرين سان لاڳاپيل آهي اهي سڀ وقتي طور ڪَٽي ڪوري پاسي تي رکِي ڇڏڻ گهرجن. ان سان اهو شاگرد جيڪو بہ سوال يا مسئلو حل ڪرڻ وڃي رهيو آهي ان تي اصل سبب ۽ نتيجا واضع ٿي ويندا.“ اسان جي پنھنجي سوچ ۽ سمجهہ کي مشاهدي جي بنياد تي ثابت ٿيندڙ شين ۽ نظرين کي ڇڏي آسمان تي اڏامڻ نہ گهرجي ۽ ڪو بہ عام اصول يا قانون تڪڙو جوڙڻ جي ڪوشش نہ ڪرڻ گهرجي پر ان کي مشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي ثابت ٿيندڙ ڳالھہ يا نظرئي تائين محدود رهڻ گهرجي. هن جاءِ تي خيال جي اڏام ذهانت جي دشمن آهي. جڏهن تہ ان کي مشاهدن جي آڌار تي عارضي تصور (مفروضي) جوڙڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي جنھن کي اسان جا تجربا اڳتي هلي رد يا قبول ڪري سگهن.
2. غار جا بُتَ (Idols of the Cave):
بيڪن مطابق هن قسم جي بُتن هيٺ اهي انساني غلطيون اچن ٿيون جيڪي هر انسان لاءِ انفرادي يا ذاتي طور سندس سمجهہ ۽ شعور ۾ موجود رڪاوٽ يعني غار يا کاهِي جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. انسان جي اها غار يا کاهِي فطرت جي حقيقي روشني ۽ سچائيءَ کي ٽوڙي مروڙي ۽ بي رنگ بڻائي ڇڏي ٿي. اها ڪوتاهي هر انسان جي جينياتي جوڙجڪ، ذهانت، ماحولياتي اثرن ۽ سندس وقتي رجحانن جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. مثال طور ڪجهہ انسان فطري طور تجزيو ڪندڙ هوندا آهن ۽ شين ۾ فرق ڏسڻ جي صلاحيت رکندا آهن، جڏهن تہ ٻيا وري فطري طور هڪجھڙائيون ڏسندڙ ۽ شين کي ڳنڍيندڙ هوندا آهن. ان ڪري هڪ پاسي اسان وٽ دنيا ۾ سائنسدان ۽ مصور هوندا آهن تہ ٻئي پاسي وري شاعر ۽ فلسفي هوندا آهن. ساڳي ريت ڪجهہ جملا ۽ پھاڪا قديم ۽ پراڻين شين ۽ ريتن رسمن جي ساراھہ ڪندڙ هوندا آهن جڏهن تہ ڪجهہ وري اسان کي نئين دنيا ڏيکاريندڙ هوندا آهن. دنيا ۾ چند ماڻھو اهڙا هوندا آهن جيڪي هنن ٻن انتهائن جي وچ وارو رستو وٺڻ جي قابل هوندا آهن. اهي ماڻھو قديم تهذيبن جي بيڪار ۽ نقصانڪار ريتن، روايتن ۽ تصورن کي رد ڪندي انھن جي خوبصورت ۽ فائديمند ريتن رسمن، روايتن ۽ تصورن کي تسليم ڪندي پنھنجين زندگين کي آسان بڻائيندا آهن. اها هڪ حقيقت آهي تہ سچائي ڪنھن جي ميراث نہ آهي، جيڪو وهي سو لھي.
3. بازار جا بُتَ (Idols of the Marketplace):
بيڪن مطابق هن قسم جي بُتن ۾ ٻوليءَ سان لاڳاپيل انساني غلطيون اچن ٿيون. دنيا جو ڪار ونھوار ۽ واپار ٻوليءَ جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. هر علائقي جي پنھنجي پنھنجي ٻولي هوندي آهي. ان ٻولي ۾ لفظ اسان جا ٺاهيل نہ هوندا آهن پر ٻين ماڻھن طرفان ڪجهہ خيالن جي نمائندگي لاءِ اهي مڙهيل هوندا آهن. اهي لفظ (يا ٻولي ) اسان کي حقيقت ۽ سچائي تائين پھچڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب بہ بڻبا آهن. جھڙي ريت هڪ ٻِي ٻولي ڳالهائيندڙ کي هڪ بازار مان پنھنجي مقصد جي غير موجود شي کي خريد ڪرڻ لاءِ تمام گهڻِي ڏکيائي پيش ايندي آهي، اهڙي ريت هر ٻوليءَ جي بناوت، گرامر ۽ شاهوڪاري جي سطح ان جي ڳالهائيندڙن لاءِ شين، تصورن ۽ نظرين کي سمجهڻ يا ٻين لفظن ۾ سچائي تائين پھچڻ ۾ آساني يا رڪاوٽ پيدا ڪندي آهي. فلسفين جي خيالن جي اُڏام لامحدود ۽ لامڪان طرف هوندي آهي جڏهن تہ ٻوليدان وري گرامر جي بناوتن ۽ فعل جي صورتن کان اڳتي چڙهي نہ سگهندا آهن ۽ تصوراتي دنيا جون اوڻايون انھن جي تنقيد جو موضوع نہ هونديون آهن. ان ڪري فلسفي جا تصور هڪ ٻولي ۾ صحيح طرح سان ٺھڪيل نہ هوندي بہ صحيح سمجهيا ويندا آهن. مثال طور فلاسافر چوندا آهن تہ هر شي جو ٺاهيندڙ آهي پر خدا پنھنجو پاڻ ٺھيو آهي. ڇا اهڙي قسم جا جملا ٻوليءَ جي بناوت مطابق ۽ سببن ۽ نتيجن مطابق صحيح نموني ٺھڪي بيهن ٿا؟ هر سالم ذهن ۽ ايماندار ذهنيت وارو ماڻھو ڄاڻي ٿو تہ ڪو بہ سبب بنا سبب جي پيدا نہ ٿو ٿئي. شايد فلسفي جي عظيم ترين معراج اهو جملو ٿي سگهي ٿو تہ ”اسان ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪريون.“
4. ٿيئـٽر جا بُتَ (Idols of the Theater):
بيڪن مطابق هي اهي انساني غلطيون آهن جيڪي مختلف وقتن تي مختلف فلسفين طرفان سندن نظرين ۽ سندن مشاهدن جي قانونن جي صورت ۾ اسان جي ذهنن تائين پھتيون آهن. هنن کي ٿيئٽر جا بت ان ڪري چيو وڃي ٿو جو اهي نظريا غير حقيقي ۽ نمائشي انداز ۾ اسان جي ذهنن ۽ سوچن جي پردي يا ٿيئٽر ٿي ڏيکاريا ويندا آهن. فلسفي جي اسٽيج تي اهي ڊراما شاعرن جي تصوراتي ڪھاڻين وانگر هوندا آهن جيڪي اسان جي پسند مطابق مختصر ۽ سھڻي صورت ۾ هونديون آهن؛ جڏهن تہ تاريخي حقيقت ۾ سچائي ايئن نہ هوندي آهي. افلاطون جي دنيا اُها ئي آهي جيڪا افلاطون طرفان ٺاهي وئي هئي نہ ڪِي اصلي دنيا (هن مطابق دنيا اسان جي ذهن کان ٻاهر وجود نہ ٿي رکي؛ مادي دنيا ۾ فقط اهي شيون حقيقتون آهن جيڪي اسان جي ذهني تصورات ۾ وجود رکي سگهن ٿيون.)
اسان هن قسم جي غلط نظرئن کي ساٿي بڻائي سچائي ڏانھن ڪڏهن بہ گهڻو اڳتي وڌي نہ ٿا سگهون. ان ڪري اسان کي سوچ، سمجهہ ۽ استدلال جا نوان طريقا گهربل آهن. ويسٽ انڊيز جا ڳُوڙها علائقا ڪڏهن بہ دريافت نہ ٿين ها جيڪڏهن انسان ذات قطب نما (Compass) ايجاد نہ ڪري ها. ان ۾ حيرت جي ڳالھہ ناهي تہ جڏهن سائنس جي دنيا کان اسان ناواقف هئاسين تہ ان وقت اسان جو معاشرو مختلف هنرن ۽ فنن کان بہ ناواقف هو. يقينن اها هڪ بدبختي آهي تہ هن وقت مادِي دنيا جيتوڻيڪ اسان لاءِ هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي پر پوءِ بہ اسان جي ذهني ۽ تصوراتي دنيا پراڻين دريافتن ۽ تصورن ۾ قيد آهي.
اصل ۾ اسان جا موجودہ مسئلا پراڻن نظرين ۽ عقيدن ۽ انھن مان حاصل ٿيندڙ ناقص سچائين جي ڪري آهن ڇاڪاڻ تہ اسان ڪنھن نظرئي يا عقيدي تحت هڪ تصور کي مڪمل طرح سان سچو ۽ شڪ شبهي کان پاڪ سمجهندي ۽ ان کي بنياد بڻائيندي سچائي جي تلاش جي شروعات ڪريون ٿا، پر ڪڏهن بہ ان بنيادي تصور کي تجربن ۽ مشاهدن جي ڪسوٽي تي نہ ٿا پرکيون. ان ڪري هڪ ماڻھو جڏهن هڪ ڪامل سچائي سان شروعات ڪندو تہ يقينن اڳتي هلي هن جي جاکوڙ شڪن شبهن تي ختم ٿيندي. ٻئي پاسي جيڪڏهن هڪ انسان شڪن ۽ شبهن سان شروعات ڪندو ۽ انھن کي مشاهدن ۽ تجربن جي ڪسوٽي تي پرکيندو تہ اڳتي هلي گهڻو امڪان آهي تہ ان جي جدوجهد هڪ پائدار سچائي تي ختم ٿيندي (پر سدائين ايئن نہ ٿو ٿئي). جديد فلسفي جي جوانيءَ ۾ ڊيڪارٽي (Descartes) جو هي نوٽ آزادي جي اعلان وانگر آهي؛ پاڻ چوي ٿو تہ سچائي جي ڳولا ۾ اسان جي ذهن ۾ ماضي ۽ حال جا موجود سڀ خيال ۽ تصور اسان کي پاسيرا ڪري ڦٽا ڪرڻا پوندا.
فرانسس بيڪن سائنسي طريقہ ڪار کي کولي سمجهائي ٿو جنھن ۾ هڪ عام ۽ سادو تجربو اتفاقي يا حادثاتي طور لڪل سچائي کي سامھون آڻي ٿو. سائنسي طريقہ ڪار جيڪڏهن پراڻن خيالن ۽ تصورن کان پاڪ آهي تہ ڳُوڙهو مشاهدو ميڻ بتي جي روشني وانگر اسانجي رهنمائي ڪري ٿو (اسان نوان مفروضا ٺاهيون ٿا ۽ انھن کي تجربن جي ڪسوٽي تي پرکيون ٿا)، پوءِ انھيءَ روشني وسيلي اسان اڳتي جو رستو ڏسون ٿا (يعني تجربن کي هڪ خاص رخ ۾ ترتيب ڏيون ٿا). جڏهن تجربا ترتيب ۽ خبرداري سان ۽ غلطي کان پاڪ ڪجن ٿا تہ اسان انھن جي ڳُوڙهي تجزين وسيلي فطرت جي سچائين جا نوان نمونا، پھاڪا ۽ نظريا جوڙيون ٿا جيڪي وري اسان کي نون مشاهدن ۽ تجربن ڏانھن راغب ڪن ٿا. ان ڪري اسان کي واپس فطرت ڏانھن رجوع ڪرڻ گهرجي نہ ڪِي ڪتابن، روايتن، ادارن ۽ فردن ڏانھن. اسان کي فطرت کي جوابده بڻائڻو پوندو تہ جيئن اها سڀني ثبوتن سان ظاهر ٿئي، پوءِ ڀلي ثبوت ان جي خلاف ئي ڇو نہ هجن. ان سان ئي اسان فطرت کي پنھنجن مقصدن لاءِ تسخير ڪري سگهنداسين. هن مقصد لاءِ اسان کي دنيا جي حقيقي ۽ فطري تاريخ کي سهيڙڻ لاءِ سڀ سائنسي ثبوت گڏ ڪرڻا آهن ۽ اهو ڪم يورپ جي سڀني سائنسدانن کي ملي جلي ڪرڻو آهي. مطلب تہ سائنسي يعني استقرائي استدلال کان سواءِ ڪو چارو ڪونھي.
استقرائي ۽ مشاهداتي استدلال جو اهو مطلب هرگز نہ آهي تہ معلومات کي فقط انگن اکرن يا ڳڻپ ۾ ظاهر ڪجي. اهو ڪنھن ڪم جو نہ رهندو ۽ ان سان سائنس کي ڪابہ هٿي نہ ملندي. ان جو مثال بلڪل ايئن آهي جيئن هڪ سڄي ۽ هر طرف کُليل ملڪ ۾ ڪو شڪارِي شڪار لاءِ هڪ پکِيءَ جو شڪار ڪندو هجي جيڪو سراسر ناممڪن آهي. پکيءَ جي شڪار لاءِ اسان کي پنھنجي مشاهدي جي زمين (معلومات يا مفروضي) کي سوڙهو ڪرڻو پوندو تہ جيئن اسان پنھنجو مقصد ماڻي سگهون. مشاهداتي استدلال لاءِ اهو ضروري آهي تہ اسان شين ۽ معلومات جِي درجي بندي جو هنر ڄاڻندا هجون. درجي بندي اسان کي لاڳاپيل مفروضا ٺاهڻ ۽ انھن کي تجربن وسيلي پرکڻ ۾ مدد ڪندي. هن پرک وسيلي اسان مرحلي وار ٻيا سڀ مفروضا رد ڪري سگهنداسين ۽ آخر ۾ بچندڙ مفروضو تحقيقي سوال جي ٻن لازم ۽ ملزوم خاصيتن کي ثابت ڪندڙ هوندو. هي مفروضو اصل ۾ ٻن اهڙين خاصيتن کي ڏيکاريندڙ هوندو جيڪي هڪ ئي وقت وڌنديون ۽ گهٽجنديون آهن. ٻين لفظن ۾ تجربي دوران هڪ خاصيت کي وڌائڻ سان اوترو ئي ٻِي خاصيت وڌي ٿي. يعني اهو مفروضو سبب ۽ نتيجو ڏيکاريندڙ هوندو آهي. فرانسس بيڪن هن سلسلي ۾ هڪ تحقيقي سوال تہ “گرمي ڇا آهي؟” استقرائي استدلال ۽ سائنسي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان لاءِ هن ڳوڙهي مشاهدي ۽ کليل ذهن سان ڪيترين ئي خاصيتن بابت ويچاريو جيڪي وڌائڻ سان گرمي پڻ وڌي سگهي پئي. پراڻن تصورن کي پاسي تي رکندي نت نون خيالن ۽ خاصيتن جي اڀياس لاءِ هن ڪيترائي انيڪ تجربا ڪيا. “وڌيڪ يا گهٽ واري جدول” (Table of more or less) وسيلي تجربن جي ڊگهي تجزئي کان پوءِ هن گرمي ۽ حرڪت جي وچ ۾ سڌو تعلق معلوم ڪيو ۽ اهو تصور يا نظريو پيش ڪيو تہ گرمي حرڪت جو هڪ قسم آهي. سائنس جي دنيا ۾ اڄ بہ اهو تصور صحيح سمجهيو ويندو آهي.
هن قسم جي معلومات ۽ انگن اکرن جي تجزئي کي بيڪن تحقيقي مسئلي سان لاڳاپيل لقاءُ جي تصوراتي شڪل قرار ڏئي ٿو. اهو تصور ڪنھن سوال يا مسئلي جو لڪل راز يا ڳَرُ آهي. هن جو تجربن جي آڌار تي ثابت ٿيندڙ تصور (نظريو) سقراط جي شين بابت تصور سان ملي جلي ٿو ڇو تہ مادِي شين بابت ٻنھي جا تصور تجريدي يا تصوراتي خيال (Form) تي ٻڌل آهن پر اهم فرق اهوآهي تہ ان تصور تائين بيڪن مشاهدن ۽ تجربن جي ڪسوٽي وسيلي پھچڻ چاهي پيو، جڏهن تہ سقراط وري فقط سوالن جوابن يعني ذهني ۽ منطقي استدلال ذريعي ان تائين پھچڻ چاهيو پئي. جڏهن اسان تصور يا خيال بابت بحث ڪريون ٿا تہ ان جو مطلب اهو آهي تہ اسان انھن قائدن ۽ قانونن بابت غور فڪر ڪريون ٿا جيڪي ڪنھن فطري لقاءُ ۾ سندس مخصوص شڪل ۽ حالت ۾ ڪارفرما آهن. ان ڪري گرمي ۽ روشني جا تصور اصل ۾ گرمي ۽ روشني جا قائدا ئي آهن.
ڪائنات ۽ فطرت ۾ شيون انفرادي يا اڪيلي سر موجود آهن جيڪي پنھنجن انفرادي قائدن ۽ قانونن تحت پنھنجو وجود برقرار رکنديون پيون اچن. انھن انفرادي قائدن ۽ قانونن جو اڀياس، دريافت ۽ اطلاق ئي دنيا ۾ اسان جي نظرياتي ۽ عملي ترقي جو ضامن آهي. نظريو ۽ عمل هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن ۽ هڪ کان سواءِ ٻيو ناقص ۽ بيڪار آهي. اهو علم جيڪو اسان کي عمل ۽ ڪاميابي ڏانھن نہ ٿو وٺي وڃي اهو بي روح ۽ بيڪار آهي ۽ انسان ذات لاءِ ڪنھن ڪم جو ڪونھي. اسان شين جا تصور (نظريا ۽ قانون) فقط علمي سطح تي حاصل ڪرڻ نہ چاهيندا آهيون پر اهي ان ڪري ڄاڻڻ چاهيندا آهيون تہ جيئن اسان پنھنجِي مرضي مطابق شين ۽ فطرت کي استعمال ڪري سگهون. ان لاءِ اسان جو حسابن جي شعبي ۾ ڀڙ ٿيڻ ضروري آهي ڇو تہ جيئن انگن اکرن جي تجزئي وسيلي اسان ٻين شعبن تائين رسائي حاصل ڪري سگهون. اسان کي نفسيات ان ڪري پڙهڻ گهرجي تہ جيئن انساني معاشري جي جهنگ ۾ پنهجا لڪ لانگهاوا ۽ رستا ڳولي سگهون.
جڏهن سائنس ان قابل ٿي ويندي جو اها شين جا حقيقي تصور يعني قائدا قانون دريافت ڪري وٺندِي تہ پوءِ هي سڄي دنيا انسان ذات لاءِ هڪ خام مال وانگر ميسر هوندي جنھن منجھان انسان پنھنجي مرضي ۽ پنھنجي ذهن سان هر اها شيءَ ٺاهي سگهندو جيڪا هُو چاهيندو.
(نوٽ: هي مضمون ترجمو ڪيو ويو آهي )
مددي ڪتاب:
1. Durant, W. (2006). The New Organon. In The Story of Philosophy. Pocket Books, Simon & Schuster Inc. New York. Pp. 164-172.