علم جو سفر
يورال نوح هرارِي انساني علم جي تاريخ کي سوڙهو ڪري ڪجهہ فارمولن يا مساواتن ۾ بند ڪيو آهي. سندس چواڻِي تہ تاريخ جي وچئين دؤر يعني زرعي انقلاب واري دؤر ۾ علم جو خزانو مذهبي پاڪ ڪتاب هئا جن مان مذهبي عالم ۽ پادري انھن ۾ پيش ڪيل منطق وسيلي دنيا جھان جي هر مسئلي جو حل ڳوليندا هئا. مثال طور، جاب جي انجيل مقدس (38:13) ۾ چيل آهي تہ خدا ڌرتي جي ڪنارن تي پڻ دسترس ۽ قدرت رکي ٿو ۽ نافرمانن کي اتان ڌُوڻي ڪيرائي سگهي ٿو. هن آيت منجھان عيسائي پادري اهو مطلب وٺندا رهيا تہ ڌرتي سڌِي ۽ تراکڙي آهي. ان دؤر ۾ علم جو فارمولو هي رهيو هو:
علم= مقدس ڪتاب X منطق
ان کان پوءِ صنعتي ۽ سائنسي انقلاب دوران علم جي مٿئين فارمولي کي الوداع چيو ويو ۽ هر مسئلي کي حواسي مشاهدن ۽ حسابن جي علم سان پرکيو ويو ۽ جيڪا ڳالھہ ان نئين فارمولي وسيلي وقت بوقت صحيح ثابت ٿيندي رهي ان کي ڀروسي لائق ۽ صحيح علم سمجهيو ويو. هي دؤر سائنسي دؤر جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ هتي سائنسدان ۽ محقق سالن جا سال مشاهدن، تجربيگاهن ۽ تحقيقي ڪمن ۾ معروضي معلومات جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ مصروف رهندا هئا/آهن ۽ حسابن جي فارمولن وسيلي ڪنھن نہ ڪنھن نظرئي تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندا هئا/آهن. هن دؤر ۾ صنعتي انقلاب برپا ٿيو. هن دؤر ۾ فلڪيات، طبيعات، طب، ڪيميا ۽ ٻين ڪيترن ئي انيڪ شعبن ۾ تاريخي ۽ ناقابلِ يقين ايجادون ۽ دريافتون ڪيون ويون. ان ترقي جو اهم سبب مذهبي ڪتابن جي تشريح نہ پر صاف ذهن سان شين جي مشاهدن ۽ انھن تي تجربن وسيلي ڀروسي لائق نظرين تائين پھچڻ جي ڪوشش هئي. نتيجي ۾ ڏڪارن، وبائن ۽ جنگين کي، خدا جي ناراضگي نہ پر ڪجه معروضي ۽ ضابطي ۾ ايندڙ سببَ ۽ انھن سببن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حالتون سمجهيو وڃڻ لڳوهن دور جو فارمولو هي رهيو آهي:
علم = تجرباتي يا مشاهداتي معلومات X حساب
جديد دور يا هلندڙ دور ۾ انسانن مٿين ٻنھي نظرين کان بھتر (گهٽ ۾ گهٽ انساني زندگيءَ ۽مفادن لاءِ تہ بھتر ئي آھي ) نظريو يا تصور جوڙيو آهي جيڪو آهي ”انسان-پسنديت“. هن مطابق ڀروسي لائق علم جو ماخذ نہ تہ مذهبي ڪتاب آهن ۽ نہ وري معروضي سائنسي حقيقتون آهن، پر علم جو ماخذ انساني حسي محسوسات ۽ انھن متعلق انسانن جي حساسيت آهي. هن دور ۾ علم جو فارمولو هي آهي:
علم = محسوسات X حساسيت
هتي محسوسات (Experiences) سائنسي تجربن (Experiments) طور يعني معروضي نہ ٿا سمجهيا وڃن، پر محسوسات جو مطلب آهي تہ ڪنھن بہ شي يا تصور متعلق اسان پاڻ داخلي طور يا موضوعي طور تي ڇا ٿا سمجهون ۽ محسوس ڪريون. محسوسات جا ٽي اهم جزا آهن: ٻاهرئين حِسي يا حواسي معلومات، ان شيءَ متعلق اسان جا داخلي جذبات، ۽ ان شيءِ يا تصور متعلق اسان جا خيالات ۽ رويا. ڪنھن خاص لمحي دوران منھنجن پنھنجن محسوسات ۾ اهو سڀ ڪجهہ شامل هجي ٿو جيڪو آئون محسوس ڪريان ٿو (گرمي، لطف، ڳڻتي وغيرہ)، هر اهو جذبو جيڪو منھنجي اندر ۾ پيدا ٿئي ٿو (پيار، ڊپ، ڪاوڙ وغيرہ) ۽ سڀ اهي خيال جيڪي منھنجي ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا. ان کان پوءِ حساسيت مان مراد ٻہ شيون آهن: پھرين تہ آئون پنھنجن محسوسات، جذبات ۽ خيالات تي توجه ڏيان ۽ ٻِي ڳالھہ تہ آئون پنھنجن انھن محسوسات، جذبات ۽ خيالات کي ڪيئن ٿو سمجھان يا معنيٰ ڏيان. حسي محسوسات ۽ حساسيت جو پاڻ ۾ سڌو تعلق آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم واري حيثيت پڻ رکن ٿا. حسي محسوسات ماڻھوءَ ۾ حساسيت پيدا ڪن ٿا ۽ ساڳي ريت وري جيڪڏهن مون ۾ ڪنھن شي يا تصور لاءِ حساسيت نہ آهي تہ آئون ان بابت ڪجه بہ محسوس نہ ٿو ڪري سگهان. اهو ئي سب آهي تہ انسان-پسنديت اصل ۾ اسان جي اندرئين ۽ داخلي تبديليءَ جو نظام آهي جيڪو اسان کي پنھنجن محسوسات ۽ حساسيت وسيلي اڻڄاڻائي ۽ جهالت کان روشن خيالي طرف وٺي وڃي ٿو. ان جو وڏي ۾ وڏو مقصد اسان جي علم کي ذهني، جذباتي ۽ جسماني محسوسات جي بيشمار ڌارائن وسيلي دنيا جي شين ۽ تصورن بابت شعوري سگهه عطا ڪرڻ آهي. چيني فلسفي ۾ پڻ يِن ۽ يينگ ٻہ قوتون آهن. يينگ اسان کي طاقت مھيا ڪري ٿي ۽ يِن اسان کي ان طاقت جي معنيٰ ۽ اخلاقي قدرن بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، يعني اهي قوتون سائنس ۽ جذبات کي ظاهر ڪن ٿيون. هر سائنسي دريافت ۽ ايجاد کي اسان پنھنجن اخلاقي قدرن ۽ جذبن سان پرکيندا آهيون.
هن جديد مذهب ”انسان-پسنديت“ جي علمي فارمولي وسيلي ئي انسانذات ڌرتيءَ تان جنگين، ڏڪارن ۽ وبائن کي مُنھن توڙي مات ڏئي سگهيو آهي. انسان-پسنديت وسيلي ئي اڄ جي انسان هن وسيع دنيا کي هڪ ”عالمي ڳوٺ“ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ مختلف مذهبن ۽ تھذيبن کي هڪ جيتري اهميت ڏئي سگهيو آهي. اڄ جو انسان عالمي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ مذهبي ڪتابن جي احڪامات ڏانھن رجوع نہ ٿو ڪري پر عالمي ادارن ۾ سندن نمائندن وسيلي سندن جذبات ۽ احساسات جي نمائندگي لاءِ ڪوشش ڪري ٿو تہ جيئن انھن جا جذبات، خيالات ۽ احساسات پڻ محسوس ڪيا وڃن. هن مذهب نہ رڳو سڀني روايتي مذهبن جي فرق کي ختم ڪيو آهي پر نسل جي بنياد تي قوميتن جي فرق کي پڻ ختم ڪيو آهي يا ختم ڪرڻ ڏانھن وڌي رهيو آهي.
هراري مطابق تاريخ جو رخ هميشه نئين سوچ رکندڙ، جديد خيالن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ايجاد ڪندڙ ماڻھن جي ننڍي ٽولي ئي موڙيو آهي ۽ تاريخ بہ اهڙن ماڻھن کي ئي ياد رکندي آهي. اوڻيهين صدي جي وچ ڌاري جڏهن ڪارل مارڪس ۽ لينن دنيا جي نين ٽيڪنالاجين ۽ انھن سان لاڳاپيل نين مسئلن تي غور ڪيو ۽ انھن جو حل اشتراڪيت وسيلي يعني ٽيڪنالاجي کي معيشت ۽ ان جي ورڇ سان جوڙي پيش ڪيو تہ اشتراڪيت جو انقلاب برپا ٿي ويو ۽ انھن مذهبي ڪھاڻين کان بيزاري جو اعلان ڪيو. پر اڄ اشتراڪي ملڪ روس کان اهو سبق وسري ويو آهي ان ڪري هلندڙ سليڪان انقلاب واري دور ۾ ترقي يافتہ دنيا سان ڪلهو ڪلھي سان ملائي نہ پيو هلي. نتيجي ۾ اهو وري پوئتي ڌڪجي رهيو آهي. تاريخ اوڻيھين صدي جي مارڪس، اينجل ۽ لينن کي تہ ياد رکي ٿي پر مذهبي ڪھاڻين لاءِ پتوڙيندڙ سوڊان جي مھدي، چين جي پايس نائون هانگ زيڪانگ ۽ انڊيا جي ديانندا سَرسوتي کي ياد نہ ٿي ڪري. ايندڙ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلابن جي سنگم واري دور ۾ چين ملڪ نظرياتي طور سان تمام للڪاريندڙ نظر ٿو اچي ڇو تہ هڪ پاسي اهو آزاد خيالي جي ڪافي تصورن سان هم آهنگ آهي تہ ٻئي پاسي وري اتي نہ تہ حقيقي جهموريت آهي نہ ئي وري آزاد مارڪيٽ ئي آهي.
ان ڪري جڏهن ايندڙ وقت ۾ حڪمران طبقو فاني منجھان لافاني بڻجي ويندو ۽ اهو انسانن جي جسم، دماغ ۽ سوچ تي قابض ٿي ويندو تہ اُتي جي جابر حڪمران وٽ اختيار ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جا انيڪ رستا ميسر هوندا. ٻئي پاسي هراري مطابق اسلامي دنيا اڃان تائين لڪير جي فقير آهي. مسلمان ترقي جي جهاز جو لنگر تہ بڻجي سگهن ٿا پر جهاز جو پٽوار (ان جي طرف تبديل ڪرڻ جي پَٽِي) نہ ٿا بڻجي سگهن. صنعتي انقلاب توڙي هلندڙ سليڪان انقلاب (ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فون جو انقلاب) دوران ترقي جي ريل گاڏي ۾ مختلف ملڪ پنھنجن وسيلن ۽ حالتن تحت تاريخ جي مختلف وقتن تي سوار ٿي ترقي جي راھ تي گامزن ٿي پئي سگهيا. پر مستقبل جي ايندڙ انفوٽيڪ ۽ بايو ٽيڪ انقلابن جي سنگم دوران جڏهن جاکوڙيندڙ دنيا جو سائنسدان ۽ حڪمران طبقو خدائي طاقتون حاصل ڪري پاڻ کي لافاني بڻائي چڪو هوندو ان وقت اسان جھڙن سُست ۽ لڪير جي فقير مسلمان مذهبي ماڻھن وٽ ان ترقي جي ڇُٽل ريل گاڏي ۾ چڙهڻ ناممڪن بڻجي چڪو هوندو، ڇو تہ ان وقت اسان جو جسم، دماغ توڙي ان جي سوچ تي پھرا لڳي چڪا هوندا ۽ اسان وٽ “بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو” بڻجڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نہ رهندو! ان ايندڙ وقت ۽ انقلاب دوران علم جو فارمولو ڪجه هن ريت جڙندو:
عوام جو علم = لافاني سپر انسانن جي مرضي X عام يا بيڪار انسانن جي بقا جا مطالبا
اهو چئي سگهجي ٿو تہ زرعي دؤر ۾ علم جا ماخذ پاڪ ڪتابن جي تشريح ۽ منطق جي معلومات رهيا؛ صنعتي دؤر ۾ علم جا ماخذ مشاهداتي يا سائنسي ڄاڻ ۽ حسابن جي علم ۾ مھارت رهيا؛ هلندڙ سليڪان (ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ) دؤر ۾ علم جا ماخذ انساني محسوسات ۽ سندن حساسيت آهن؛ ۽ ايندڙ دؤر يعني انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلابن جي سنگم واري دؤر ۾ عوامي علم جا ماخذ لافافي سپر انسانن جي مرضي ۽ اسان جھڙن بيڪار انسانن جي بقا جا مطالبا رهندا.
مددي ڪتاب:
1.Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House.