دواميت جو فلسفو
باني ۽ حامي: دواميت جي تعليمي فلسفي کي بنيادي شڪل ڏيندڙ آمريڪي فيلسوف رابرٽ مينارڊ هچنس (Robert Maynard Hutchins 1899-1977) ھو جيڪو 1929 کان 1951 تائين شکاگو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر/صدر رهيو. هچنس سڀني شاگردن لاءِ هڪ بنيادي ۽ لازمي نصاب تي يقين رکندو هو. پاڻ اھو بنيادي ۽ لازمي نصاب هر تعليم يافتہ شخص لاءِ ضروري سمجهندو هو؛ ھن ۾ رياضي، سائنس، ادب، تاريخ ۽ فلسفي جا مضمون شامل ھئا. دواميت جي ٻين قابل ذڪر حمايت ڪندڙن ۾ مورٽيمر ايڊلر (Mortimer Adler, 1902-2001)، جان سيئرل (John Searle, 1932) ۽ جيڪ بارزون (Jacques Barzun, 1907-2012) شامل آهن.
تاريخ: دواميت جو فلسفو ويھين صدي جي شروعات ۾ ترقي پسند تعليمي تحريڪ (Progressive Education Movement) جي ردعمل جي طور تي اڀري نروار ٿيو ھو؛ ان ترقي پسند تحريڪ ٻار-مرڪز تعليم (Child-centered Education) ۽ مشاھداتي سکيا (Experiential Learning) تي زور ڏنو ۽ هڪ اڳ ۾ طئي ٿيل، مقرر ۽ غيرلچڪدار نصاب جي خيال کي رد ڪيو. هچنز ۽ ٻين دواميت-پسندن جو ترقي پسند تعليم بابت اھو اعتراض ھو تہ ان قسم جي تعليم شاگردن ۾ ضروري ۽ بنيادي علم جي منتقلي ۽ دانشورانہ لياقتن جي آبياري کي نظرانداز ڪندڙ ھئي. ھن جي ازالي ۽ ردعمل طور آمريڪا اندر تعليم جي شعبي ۾ 20ھين صديءَ جي وچ ڌاري دواميت جو ظھور ٿيو ۽ اتي جي تعليمي سوچ تي ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان اڄ بہ اثر انداز ٿي رهيو آهي.
اھم اصول ۽ خاصيتون: دواميت جو فلسفو شاگردن منجهه، چاھي اھي ڪھڙي بہ زماني ۽ ثقافت سان تعلق رکندڙ ھجن، ھيٺيون خاصيتون ۽ آفاقي اصول پيدا ڪرڻ ۽ انھن کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ لاءِ زور ڀري ٿو.
آفاقي سچائيون: دواميت-پسندن جو چوڻ آهي تہ انسان جي فطرت ۾ داخلي ۽ موروثي طور ڪجهہ آفاقي سچائيون ۽ اصول ودعيت ٿيل آھن جھڙوڪ فطرت ۽ ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ عقليت، سچائي جي تلاش، مشاھداتي استدلال، خود- احتسابي ۽ خود-اصلاحي جا علمي اوزار استعمال ڪرڻ. اھي آفاقي سچائيون، اصول يا اوزار ڪنھن مخصوص زماني، ثقافت ۽ تاريخي دور تائين محدود نہ آھن پر ھر ثقافت ۽ تاريخ جي ھر دؤر ۾ انھن جي اھميت ۽ اطلاق يڪسان آھي.
معروضيت: دواميت-پسند ھن ڳالھہ جا حامي آھن تہ ھن ڪائنات ۾ ھڪ معروضي سچائي (Objective Reality) موجود آھي جيڪا اسان جي انفرادي، موضوعي (Subjective) ۽ ثقافتي عقيدن ۽ قدرن کان الڳ ۽ آزاد وجود رکي ٿي. ھنن جو نظريو آھي تہ دنيا بابت ڪجهہ ڀروسي لائق سچائيون آفاقي آھن جن تائين اڻڌرئي مشاھدي، تنقيدي ڳولا ڦولا ۽ عقلي منطق وسيلي پھچي سگهجي ٿو.
ذھني نشونما: ھي فلسفو ٻارن ۽ شاگردن ۾ ذھانت، تنقيدي سوچ، غير جانبدار يا اڻ-ڌري جانچ ۽ ڳولا ڦولا، خود احتسابي ۽ خود اصلاحي جون آفاقي خاصيتون پيدا ڪرڻ ۽ انھن مطابق زندگي گذارڻ جو خواهان آھي.
انساني فطرت: فطرت طرفان ڪائنات ۽ زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ انسان کي منطق يا عقل، مشاھداتي استدلال، سچائي ۽ علم جي تلاش، زندگيءَ جي معني ۽ مقصد، نيڪي، ھمدردي، خود احتسابي ۽ خود اصلاحي جھڙيون صلاحيتون ڏنيون ويون آھن.
اخلاقيات: دواميت-پسند آفاقي اخلاقيات جي آبياري کي اھم سمجهندا آھن، انھن مطابق آفاقي اخلاقن ۾ انصاف، ايمانداري، ذميواري، اتحاد ۽ انساني احترام شامل آھن. اھي اعليٰ اخلاق ھر زماني ۽ ثقافت ۾ اھم آھن يعني آفاقي آھن.
بنيادي نصاب: دواميت-پسند ٻارن جي تعليم ۽ تدريس جي حوالي سان اھڙي بنيادي ۽ لازمي نصاب جي وڪالت ڪن ٿا جنھن ۾ انساني علمن جھڙوڪ تاريخ، ادب، فلسفو ۽ آرٽ؛ سائنسي علمن جھڙوڪ حساب ۽ جنرل سائنس جا مضمون شامل ھجڻ گهرجن تہ جيئن ٻارن/ شاگردن ۾ منطقي سوچ، گهڻ-رخي انساني مشاھدن ۽ تجربن بابت آگاھي، وسيع نظري ۽ آفاقي سوچ پيدا ٿي سگهي.
استاد-مرڪز تعليم: ھي تعليمي فلسفو استاد مرڪز تعليم (Teacher Centered Education) جو حامي آھي جتي ھڪ استاد کي علم ۽ دانش جو خزانو ۽ انھن آفاقي خاصيتن کي شاگردن ۾ منتقل ڪرڻ جو ذريعو تسليم ڪيو ويندو آهي.
عقل ۽ دانش جي آبياري: دواميت جو فلسفو ذھانت، تنقيدي سوچ ۽ علم براءِ علم جي حاصلات کي ترجيح ڏئي ٿو. ان کان سواءِ ھي فلسفو تعليم کي ھڪ منظم مڪتبہ فڪر بڻائڻ، عقلي يا منطقي استدلال ۽ ڳوڙھي غور ۽ فڪر جي فروغ لاءِ اتساھيندڙ آھي. دواميت-پسند ادب ۽ فلسفي جي حوالي سان افلاطون، ارسطو ۽ شيڪسپيئر جي شاھڪار ڪتابن سان گڏ انجيل مقدس يا مذھبي ڪتابن جي پڙھڻ ڪڙھڻ جا وڏا حامي آھن ڇو تہ انھن ۾ مختلف زمانن ۽ ماڻھن جي سياڻپ محفوظ ٿيل آھي.
زندگيءَ لاءِ تياري: ھي فلسفو شاگردن ۾ محض مخصوص ھنرن ۽ لياقتن جي نشونما لاءِ نہ پر مڪمل ۽ ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ جتن ڪرڻ لاءِ اتساھيندڙ آھي. ٻين لفظن ۾ ھي انسان جي ڀرپور ذھني، سماجي ۽ ذاتي زندگي گذارڻ لاءِ گهربل دانشمندانہ لياقتن جي نشونما جي حمايت ڪندڙ آھي.
انفراديت: ھي فلسفو انفرادي سطح تي فرد جي اخلاقي، ذھني ۽ اخلاقي نشونما سان گڏ خود-اصلاحي ۽ خود-احتسابي وسيلي زندگي کي ڀرپور ۽ با مقصد بڻائڻ تي زور ڀري ٿو.
ٻين شعبن تي اثر: دواميت جي فلسفي تعليم سان گڏ ٻين ڪيترن ئي شعبن کي متاثر ڪيو آهي. ڪائناتي سچائين جي کوج، ذھانت ۽ تنقيدي سوچ جو پڙلاءُ اسان کي فلسفي جي شاخن جھڙوڪ مابعدالطبعيات (Metaphysics)، علم تائين رسائي (Epistemology) ۽ اخلاقيات (Ethics) جي شعبن ۾ واضع نموني ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. دواميت-پسند لازمي نصاب کي اعلي تعليم يعني يونيورسٽي جي سطح تي وڏي پذيرائي ملي آھي، جنھن جو مثال لبرل آرٽس جي تعليم ۽ تدريس آھي.
تنقيد: دواميت جي فلسفي تي ڪيترن ئي حوالن کان تنقيد ٿيندي رهي آهي. ڪجهہ تنقيد نگارن جو چوڻ آهي تہ ھي فلسفو تجريدي ۽ نظرياتي علم کي عام زندگي جي عملي صلاحيتن ۽ ھنرن تي ترجيح ڏئي ٿو جنھن سان ماڻھو حقيقيي دنيا کان ڪٽجي وڃي ٿو. ٻين جو وري چوڻ آهي تہ ھن فلسفي تحت هڪ مقرر، غير لچڪدار ۽ اڳ ۾ طئي ڪيل ۽ جوڙيل نصاب شاگردن جي انفرادي پسمنظرن، انفرادي اختلافن، صلاحيتن ۽ مفادن کي نظرانداز ڪري ٿو. جڏھن تہ ڪجهہ وري اھو اعتراض وارين ٿا تہ ھي فلسفو روايتي طرز تي معاشري جي مٿئين ۽ حڪمران طبقي جي مفادن وٽان آھي ۽ پورھيت ۽ مزدور طبقي جي ماڻھن کي آڇڻ لاءِ ھن وٽ ڪجهہ بہ نہ آھي.
نتيجو: رابرٽ مينارڊ هچنس پاران قائم ڪيل دواميت (Perennialism) جو تعليمي فلسفو اڳواٽ طئي ٿيل غير لچڪدار ۽ مخصوص مضمونن تي مشتمل ھڪ بنيادي ۽ لازمي نصاب جو حامي آھي جيڪو ڪائناتي سچائين، ذھانت ۽ تنقيدي سوچ کي فروغ ڏيندڙ آھي. سندس حامين جي دعويٰ آھي تہ اھو فلسفو ھر زماني، تاريخ ۽ ثقافت لاء ھڪ جيتري اھميت رکندڙ آهي. ڪڙي تنقيد جي باوجود دواميت جي فلسفي تعليم ۽ نصاب سازي تي پنھنجا گهرا اثر ڇڏيا آھن. جيتوڻيڪ ھي فلسفو تعليم جي سڀني مسئلن جو حل پيش نہ ٿو ڪري سگهي پر پوءِ بہ تنقيدي سوچ ۽ ذھانت جي فروغ وارن لاڙن جي ڪري اڄ بہ فطرت ۽ تعليم جي مقصد بابت بحث-مباحثن ۾ دواميت جو فلسفو اھم حيثيت رکي ٿو.
مددي ڪتاب :
1.Adler, M. J. (1982). The Paideia Proposal: An Educational Manifesto. Macmillan.
2.Barzun, J. (2000). Teacher in America. University Of Chicago Press.
3.Hutchins, R. M. (1936). The Great Conversation: The Substance of a Liberal Education. Encyclopædia Britannica.
4.Searle, J. R. (2004). Minds, Brains, and Science: The 1984, Reith Lectures.