مارڪسزم تنقيدي نظريو
مارڪسزم نظرئي ھيٺ روس ۽ چين ۾ ڪميونسٽ پارٽين پنھنجن ملڪن ۾ طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي ھڪ ئي طبقي ۾ سڀني پيداواري ۽ مادي وسيلن جي منصفانہ ورڇ يا ڪميونزم جو نعرو ھنيو (جيڪو ڪنھن بہ دور ۽ سماج لاءِ غير فطري ۽ ناممڪن آھي). انھن ملڪن ۾ سرمائيدارانہ نظام خلاف ملڪي سطح تائين ڀرپور تحريڪون ھليون جن اتان جي حڪومتي نظامن ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ ڪار وھنوار جون سڀ شيون يعني مادي وسيلن جي پيدائش ۽ ورڇ کي ھڪجهڙو ۽ يقيني بنائڻ لاءِ خانگي شعبن کي ختم ڪري سوشلزم، يعني ھر معاملو ۽ ھر کاتو سرڪار يا حڪومت وٽ ھجي، جو بنياد وڌو (پر پوءِ بہ نہ رڳو طبقاتي نظام يعني حڪمران، ادارا ۽ انھن جا سربراھ توڙي رعايا، ملازم ۽ مزدور موجود رھيا پر انھن ملڪن ۾ حڪمران ٽولن يعني روس جي لينن ۽ چين جي مائوزي تنگ پنھنجن مفادن تحت مارڪسزم جي آڙ ۾ پنھنجي شخصي حڪمراني کي مسلسل طول ڏئي ليننزم ۽ مائوازم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو). ڊسمبر ۱۹۹۱ ۾ متحدہ روس (يونين آف سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ ۱۹۲۲-۱۹۹۱) کان سندس پندرھن سوشلسٽ رياستن جي ٽٽي الڳ ٿيڻ کان پوءِ عام طرح سان اھو چيو ويندو آهي تہ ماڪسزم نظريو عوامي انقلاب آڻڻ ۾ مڪمل طرح سان ناڪام ٿي چڪو آھي پر حقيقت ۾ اھو اڃا تائين توڙي ايندڙ ھر دور جي مادي حالتن ۽ تاريخ کي سمجهڻ جو ھڪ اھم نظريو ۽ فلسفو آھي ۽ رھندو. ايسيتائين جو ان نظرئي تحت روس جي سوشلسٽ رياستن جي ٽٽڻ جو سندن مادي وسيلن جي غير منصفانہ ورڇ تحت تنقيدي جائزو پڻ وٺي سگهجي ٿو.
بدقسمتيءَ سان طبقاتي نظام ۾ مزدور، محروم ۽ مظلوم طبقو پاڻ تي ٿيندڙ ظلمن ۽ ناجائزين جي باري ۾ اڻڄاڻ ھوندو آھي ۽ سڀني کان آخر ۾ سجاڳ ٿيندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو عام عوام يا ووٽر، مزدور، ھاري ۽ ننڍا ملازم اڪثر ڪري مذھب، ثقافت، حب الوطني، قبيلي، قوم ۽ جنس جي انيڪ ڄارن ۾ ٻہ - ٽنگا ڦاٿل ھوندا آهن. ان ڪري اھي اڪثر ڪري پنھنجي ھيٺئين سماجي طبقي کان ٻاھر نڪري نہ سگهندا آھن. ڪارل مارڪس مذھب کي ”ماڻھن يا عوام لاءِ آفيم“ سڏيو آھي. جيئن نشي ۾ وقتي طرح اسان تي سرور ۽ اوج واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي ۽ اسان دنيا جي معروضي ۽ عقلي اڻوڻدڙ سچائين جھڙوڪ سور، تڪليف، مظلوميت وغيرہ کان آجا ٿي ويندا آھيون، تيئن ھڪ سچو مذھبي پيروڪار پڻ پنھنجي دنياوي تڪليفن ۽ اڻھوند واري حال ۾ بہ مذھب ۽ خدا جي رضا تي راضي رھي ٿو ۽ انھن تڪليفن جو ثمر مرڻ کان پوءِ جنت ۾ حاصل ڪرڻ چاھي ٿو! مطلب تہ حڪمران ۽ ظالم طبقو غريبن ۾ اھڙي قسم جو نظرياتي آفيم وڪڻي ھڪ پاسي انھن تي پنھنجو تسلط جاري رکندو آھي تہ ٻئي پاسي انھن جي محنت مان ڪمايل معاشي ۽ پيداواري وسيلن جي ھڪ وڏي حصي کي مال غنيمت سمجهي پنھنجي زندگيءَ ۽ دنيا کي ئي جنت بڻايو ويٺو ھوندو آھي.
ساڳئي طرح سان مارڪسزم ھر ٻئي نظرئي کي استحصالي نظرئي طور ڏسندو آھي. مثال طور مارڪسزم حب الوطني کي پڻ ھڪ استحصالي نظرئي جي حيثيت سان ڏسي ٿو. ان مطابق ھڪ ملڪ جا معاشي طور غريب ماڻھو (فوجي) ٻئي ملڪ جي غريب ماڻھن سان جنگيون ڪندا آهن ۽ انھن ۾ مرندا ۽ ماريندا آھن. جڏھن تہ ٻنھي ملڪن جا شاھوڪار ماڻھو جنگي-معيشت جي انيڪ فائدن جو مزو وٺندا آھن. جيئن تہ حب الوطني تحت ھڪ ملڪ جا غريب ماڻھو پاڻ کي ھڪ وڏي قوم جون خاصيتون رکندڙ ھڪ جز سمجهندا آھن پر ٻي قوم کان ھروڀرو الڳ، منفرد ۽ بھتر سمجهندا آھن. نتيجي ۾ اھي انھن سان نفرت ڪرڻ لڳندا آھن ۽ ڪنھن بہ صورت ۾ انھن سان متحد نہ ٿي سگهندا آھن. اچو تہ ھڪ ٻيو مثال پڻ وٺون. آمريڪي زندگي جو خواب يا آمريڪي طرز عمل پڻ ھڪ نظريو آهي جنھن ۾ نوجوانن جي اڪثريت پنھنجو سڀ سرمايو اعليٰ رتبي، ڪاروبار يا پيشي تي لڳائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي چاھي ان ۾ سڀ سرمايو ٻڏي وڃڻ يا ڪيتري ئي جاني نقصان جو خطرو ڇو نہ ھجي. ان کان سواءِ اتان جا نوجوان سرمائيدارانہ مارڪيٽ جي اثرن ھيٺ ھڪ طرف انفراديت يعني ”مان“ ۽ ”منھنجو“ جي خوبصورت ڄارن ۽ گراھڪي يا ڪنزيومرزم اثرن ھيٺ پنھنجي دل جي آواز کي ورنائيندي ڪريڊٽ ڪارڊن وسيلي پنھنجي بجيٽ ۽ بچت کان وڌيڪ خرچ ڪندا آھن. نتيجي ۾ انھن کي فقط خوشفھمي ئي پلئه پوندي آھي جڏھن تہ ھڪ پاسي سرمائيدار انھن غريب نوجوانن جي خرچ ڪيل ڳرين رقمن مان نفعي ۽ وياج جا ٻٽا فائدا لٽيندا آھن، تہ ٻئي پاسي غربت جي چڪي ۾ پيسجندڙ نوجوانن جي اڪثريت جي حڪومتي سطح تي سھائتا جي سوچ وچ تي ڪٿي گم ٿي ويندي آھي.
اسان پنھنجي معاشري ۾ فوج، سياست، اشرافيہ، تعليم، شو-بز يا ٻئي ڪنھن بہ عوامي خدمت جي نظام يا کاتي جو مارڪسزم تحت جائزو وٺنداسين تہ اسان کي ڀلي ڀت نظر ايندو تہ تحفظ، عوامي ڀلائي ۽ خدمت جي آڙ ۾ انھن شعبن جو مٿيون طبقو پنھنجي ذاتي ڀلائي ۽ تحفظ حاصل ڪيو ويٺو آھي؛ عوام يا متعلق ھيٺيون طبقو جيئي توڙي مري پر ان سان انھن جو ڪو تعلق ناھي؛ ايسيتائين جو اھي اھڙو ماحول جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آھن جو معاشي ۽ مادي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ غيرمنصفانہ ورڇ بابت ھيٺين طبقي جي مظلوم اڪثريت بيخبر رھندي پئي اچي.
مٿئين بحث جو لب لباب اھو آھي تہ مارڪسزم تنقيدي نظريو ڪنھن معاشري ۾ موجود طبقن جو معاشي لحاظ کان سرمائيدار يا ظالم ۽ مزدور يا مظلوم طبقن طور ڇيد ڪري انھن جي وچ ۾ ٿيندڙ ترقي يا استحصال جو تنقيدي جائزو وٺندو آھي. جيسيتائين اسان جي سماج ۾ موجود طبقن ۾ مٿئين استحصالي طبقي پاران ھيٺئين مظلوم طبقي تي معاشي ۽ مادي وسيلن جي لحاظ کان استحصال ٿيندو رھندو تيسيتائين مارڪسزم جو تنقيدي نظريو معاشري ۽ ادب ۾ اھميت جو حامل رھندو.
مددي ڪتاب :
1. Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London
2. https://www.britannica.com/event/the-collapse-of-the-Soviet-Union