تاريخ، فلسفو ۽ سياست

دنيا جا مشھور فلسفا

هي ڪتاب هڪ ڏاهپ وارو ڪتاب آهي. جنھن ۾ ليکڪ منجهيل سُٽَ، سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پاران روزاني پنھنجي اخبار ۾فلسفي جي موضوع تي سيپٽمبر 2022 کان جولاءِ 2023 تائين ڇپيل ڪالم شامل آھن. ليکڪ، فلسفي جي ٻولي عام فھم ڪري آسانيءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن هر عام پڙهندڙ بہ فلسفي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي، سندس هي پورهيو قابل داد آهي. ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي صاحب، فسلفن جو بنياد، تاريخ، تعارف، تنقيد، تشريح، هاڪاري ناڪاري اثر ۽ نتيجا احسن نموني سمجهايا آهن. 

Title Cover of book دنيا جا مشھور فلسفا

ھٿراڌو ذھانت

تعارف:
مصنوعي ذهانت يا آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ڪمپيوٽر سائنس جي اھا شاخ ۽ علم آهي جنھن جو مقصد انساني ذھانت جي طرز تي اھڙيون ذهين مشينون، ربوٽ ۽ ڪمپوٽرائيڊ نظام ٺاهڻ آهي جيڪي انسانن وانگر پنھنجي طرفان صورتحال جو عقلي تجزيو ڪري عقلي ڪم ۽ عقلي فيصلا ڪري سگهن ۽ مختلف شعبن ۾ انسانن جي مدد ڪري سگهن. ٻين لفظن ۾ ھٿراڌو ذھانت مشين يا ڪمپيوٽر نظام طرفان انسان جي انھن ڪمن جن ۾ عقل يا ذھانت جو استعمال ٿيندو آھي، جي نقل ڪندڙ نظام آھي جيڪو اسان لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ تمام مددگار ثابت ٿي رھيو آھي. ھٿراڌو ذھانت جا نظام ڊيٽا جو تجزيو ڪري سگهن ٿا، ڏنل نمونن کي سڃاڻي سگهن ٿا، تجربن مان سکي سگهن ٿا، اھڙي معلومات جي بنياد تي فيصلا ڪري سگهن ٿا ۽ پنھنجو پاڻ کي بھتر ۽ اپڊيٽ پڻ ڪري سگهن ٿا. ھٿراڌو ذھانت گذريل ڪجهہ سالن ۾ صحت، اچ-وڃ، مواصلات، دفاع، ماليات، شماريات ۽ تفريح ۾ زبردست ترقي ڪئي آهي. خودڪار ڊرائيونگ ڪارن کان وٺي ذاتي مددگار (Virtual/Personal Assistants) وغيرہ ھٿراڌو ذھانت جا نتيجا ۽ ثمر آھن.
موجودہ وقت ۾ ايميزون جا ايليڪسا (Alexa) ۽ چيٽ جي-پي-ٽي (ChatGPT)، ايپل جو سري (Siri)، گوگل جو گوگل اسسٽنٽ (Google Assistant) ۽ مائيڪروسافٽ جو ڪورٽانا (Cortana) وغيرہ ھٿراڌو ذھانت تحت ڪم ڪندڙ اسان جا خيالي مددگار (Virtual Assistants) آھن جيڪي قدرتي/انساني ٻولي جي پروسيسنگ، مشيني سکيا ۽ آوازن يا ڳالهايل ٻولي کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندا آهن ۽ ان بنياد تي سمارٽ فونز، سمارٽ اسپيڪرز ۽ انٽرنيٽ سان جڙيل جديد اوزارن وسيلي اسان جي مدد ڪندا آھن. اھا مدد مختلف قسمن جي ٿي سگهي ٿي، جھڙوڪ: ٻڌايل ڪمن جي مخصوص وقت تي ياد-دھاني ڪرائڻ، ٻڌايل ماڻھو سان ڪال ملائڻ، پيغام پھچائڻ، گانا ۽ راڳ ٻڌائڻ، مذاق ۽ مزاح ٻڌائڻ، سوالن جا جواب ڏيڻ، ھدايتون ڏيڻ ۽ گهريلو سمارٽ اوزارن کي پري کان ڪنٽرول ڪرڻ وغيرہ.

تاريخي پسمنظر:
اھڙي مشين ٺاهڻ جيڪا انسانن وانگر سوچي ۽ سکي سگهي جي خيال جون پاڙون قديم يوناني افسانن ڏانھن وڃن ٿيون، پر ھٿراڌو ذھانت جو موجودہ تصور 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ڪمپيوٽر پروگرامن جي ترقي سان شروع ٿيو، جنھن تحت ڪمپيوٽرائزڊ مشينن طرفان ماڻھن سان ساديون رانديون جھڙوڪ چيڪرز ۽ شطرنج کيڏايون ويون. ”مصنوعي ذهانت“ جو اصطلاح پھريون ڀيرو 1956 ۾ ڊارٽموت ڪاليج جي هڪ ڪمپيوٽر سائنسدان جان ميڪ ڪارٿي (John McCarthy) ٺاھيو ۽ استعمال ڪيو ان ڪري ھن کي ان جو باني پڻ چيو ويندو آھي. سندس اھم ڪارنامو LISP ڪمپيوٽر پروگرامنگ يا ڪمپيوٽر ٻولي جي تخليق آهي جيڪا اڄ بہ ھٿرادو ذھانت جي شعبي ۽ ان بابت تحقيق ۾ استعمال ٿئي ٿي. ھٿرادو ذھانت جي شروعاتي دؤر جي ٻين اھم محققن ۽ دانشورن ۾ مارون منسڪي (Marvin Minsky) ھربرٽ سائيمن (Herbert Simon) ۽ آيلن نيويل (Allen Newell) شامل آھن.
1960ع کان 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ھٿراڌو ذھانت جي تحقيقي دانشورن ڊيٽا بيس ۾ محفوظ ڪيل قائدن ۽ معلومات جي بنياد تي اھڙيون ڪمپيوٽرائزڊ مشينون ٺاهيون جيڪي انھن جي پروگرامن ۾ محفوظ ڪيل محدود فيصلن مطابق خارجي محرڪ جي بنياد تحت فيصلن جي چونڊ ڪري سگهن. اھي ڪمپيوٽرائزڊ مشينون ۽ نظام سامھون واري ڌر جي عمل ۽ پنھنجي ردعمل مان يعني تجربي مان سکڻ يا نئين حالتن کي منھن ڏيڻ جي صلاحيتن کان محروم ھئا. 1970ع ۽ 1980ع جي ڏھاڪن ۾ ھن شعبي جي ترقي ۾ سستي ڇانيل رھي. ان کان پوءِ مشين لرننگ (مشيني سکيا) جو دور آيو جنھن ۾ مشينن محفوظ ٿيل ڊيٽا، پنھنجي سکڻ وارن الگورٿمز، انسان طرفان داخلي احڪامن/ عملن جي تجربي ۽ ٻوليءَ جي پروسيسنگ وسيلي پاڻ کي بھتر بنايو. اھڙي ريت ڪمپيوٽر ويزن ۽ روبوٽڪس جا شعبا وجود ۾ آيا. ويھين صدي ۾ ھٿرادو ذھانت جو شعبو سست رفتاري سان ترقي ڪندو رھيو.
ھلندڙ ايڪيھين صدي ۾ ھن شعبي جي ترقي بي مثال رھي آھي ڇو تہ ڊيٽا بيس ۾ معلومات جي بي انتھا اضافي، ڪمپيوٽر پروسيسنگ ۾ بي انتھا ترقي ۽ ڪمپيوٽر طرفان انسان جي ٻولي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ ان کي سمجهڻ ۽ سکڻ توڙي پاڻ کي خودڪار نظام تحت بھتر ۽ نئون سنئون بڻائڻ جي طريقن ھن شعبي ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آھي.

ھٿرادو ذھانت جا اھم حصا يا تصور:
ھٿرادو ذھانت جي ڪيترن ئي تصورن مان ڪجهہ اھم تصورن بابت مختصر ترين احوال پيش ڪجي ٿو.
مشين لرننگ: هي هٿرادو ذهانت جو اھو قسم آهي جنھن ۾ مختلف ۽ تفصيلي الگورٿمز جي مڙھڻ يا پروگرامنگ وسيلي مشينن کان مخصوص ۽ دھرايا ويندڙ عقلي ۽ باريڪ ڪم ڪرايا ويندا آھن. ھن ۾ مشين فقط مخصوص پروگرام ٿيل ڪم ڪندي آھي باقي اھا وڌل يا پاڻ ۾ موجود ڊيٽا مان پنھنجي طور ڪجهہ بہ نہ ٿي ڪري سگهي يا نئين شي پاڻ مرادو سکي نہ ٿي سگهي. ھن قسم جون مشينون مڙھيل الگورٿمز تحت زراعت، صحت ۽ صنعت ۾ شين جي مختلف نمونن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ان بابت اڳڪٿيون ڪرڻ، فيصلا ڪرڻ ۽ رپورٽون ٺاھڻ لاءِ استعمال ٿينديون آھن.

قدرتي ٻولي جي پروسيسنگ (NLP): نيچرل لينگويج پروسيسنگ مشينن جو ڪم انساني ٻولي کي سمجهڻ ۽ ان جي وضاحت ڪرڻ آھي. ھي ذھين مشينون مختلف ايپليڪيشنس ۾ استعمال ٿينديون آهن جھڙوڪ خيالي مددگار يا ورچوئل اسسٽنٽ، انساني گفتگو يا لکت سمجهندڙ چيٽ-بوٽس، ٻولي سمجهندڙ نظام يا اسپيچ ريڪگنيشن سسٽم وغيرہ. ھن سلسلي ۾ ايليڪسا، چيٽ جي-پي-ٽي، سري، گوگل اسسٽنٽ ۽ ڪورٽانا وغيرہ اسان جا خيالي مددگار يا ورچوئل اسسٽنٽ آھن؛ ميا Mya ھڪ چيٽ-بوٽ ايپليڪيشن آھي جيڪا قدرتي ٻولي سمجهڻ جي صلاحيت کي استعمال ڪندي محدود نوڪرين لاءِ آيل لکن جي تعداد ۾ درخواستن جي ڇنڊڇاڻ ڪري موزون اميدوارن جي شارٽ-لسٽنگ جھڙو مشڪل ڪم آساني سان ۽ ڦٽاڦٽ ڪندي آھي؛ ۽ ٻولي سمجهندڙ نظام يا اسپيچ رڪگنيشن سافٽويئر ايپليڪيشن ڳالهايل لفظن کي لکت ۾ تبديل ڪندي آھي، يا وري ان جي ابتڙ پڻ ڪم ڪري سگهي ٿي جيڪا خاص ماڻھن لاءِ تمام مددگار آھي؛ ان کان سواءِ ھن وسيلي ھڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻولي ۾ ترجمو پڻ ڪري سگهجي ٿو.

ڪمپيوٽر-ويزن: هي اپليڪيشن دنيا جي بصري معلومات جي تشريح ۽ توضيح لاءِ استعمال ٿيندي آھي. ھن وسيلي جيڪا معلومات ڊجيٽل تصويرن يا وڊيوز جي صورت ۾ ڪمپيوٽر ۾ محفوظ آھي يا آن لائين ميسر آھي، ان کي سمجهي گهربل ھدايتون، احڪامات ۽ صلاحون جاري ڪيون وينديون آهن.

روبوٽڪس: ھٿرادو ذھانت کي استعمال ڪندي انسان وانگر مشين روبوٽس ٺاھيا ويا آھن جيڪي ڪمپيوٽر. پروگرامنگ، بايو سينسسرز ۽ ڪئميرائن وسيلي انسانن سان ٻولي وسيلي لھہ وچڙ ۽ رابطو رکن ٿا ۽ ڪيترائي ڏکيا ڪم ايتري مھارت سان ڪن ٿا جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن. پاڪستان ۾ ڪجهہ ھوٽلن ۾ روبوٽ بيرا ڪم ڪري رھيا آھن. چائينا وارن گهر جي ڪم ڪار لاءِ سستا روبوٽ ٺاھيا آھن جيڪي گهريلو ڪم جھڙوڪ صفائي، ٿانو ڌوئڻ ۽ کاڌو پچائڻ وغيرہ جا ڪم ڪري سگهن ٿا.

انٽرنيٽ آف ٿنگس (آئي او ٽي):
انٽرنيٽ آف ٿنگس مان مراد اسان جي زندگي ۾ شامل يا استعمال ٿيندڙ شين، اوزارن ۽ مشينن جو انٽرنيٽ سان ھر وقت ڳنڍيل ھجڻ آھي تہ جيئن لاڳاپيل معلومات اسان تائين پنھنجي ڪمپيوٽر، سمارٽ فون يا ٻي ڪنھن اليڪٽرانڪ رابطي جي اوزار وسيلي نہ رڳو بر وقت پھچي سگهندي آھي پر اسان دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ مان انھن شين، اوزارن ۽ مشينن کي ڪنٽرول پڻ ڪري سگهون ٿا. آئي-او-ٽي رابطي لاءِ انھن ۾ سادن سينسسرز کان وٺي پيچيدہ اوزارن ۽ نظامن تائين جو استعمال ٿيندو آهي. گهريلو توڙي پيشہ ورانہ زندگي جي سڀني شعبن ۾ ھن جو استعمال ممڪن آھي. ھن وقت صنعتن صحت ۽ آمدرفت جي شعبن ۾ ھن جو استعمال ٿي رھيو آھي. ٽيڪر سسٽم وسيلي چوري يا ڦر ڪيل ڪار يا ٻي گاڏي کي توھان ھڪدم لاڪ ڪري سگهو ٿا، چور يا ڦورو جو ڦوٽو ڪڍي سگهو ٿا، ان کي ان ڪار وسيلي سخت قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي سگهو ٿا ۽ ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهو ٿا؛ يا وري گهر ويٺي پنھنجي مڇي جي تلاءَ ۾ آڪسيجن، زھريلن مادن، گرمي جي درجي وغيرہ جو بروقت اطلاع پنھنجي سمارٽ فون تي وصول ڪري سگهو ٿا ۽ انھن جو ازالو پڻ ڪري سگهو ٿا. جاپان ۾ مختلف بايو سينسسرز جو استعمال ڪندي ٽوئلٽ ڪموڊ تي ويندي ماڻھو پنھنجي بلڊ پريشر، دل جي ڌڙڪڻ، رت ۾ شگر يا گلوڪوز ۽ ڪوليسٽرول وغيرہ کان روزانو جي بنياد تي آگاھ رھندا آھن.

ھٿرادو ذھانت جا شعبا:
ھٿرادو ذھانت ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ استعمال ٿئي ٿي، جن مان ڪجهہ ھي آھن: صحت، ماليات، ٽرانسپورٽ، صنعت، دفاع ۽ تفريح وغيرہ. ھٿراڌو ذھانت جو صحت جي سار سنڀال جي سلسلي ۾ مريض سان لاڳاپيل طبي تصويرن جو تجزيو ڪرڻ ۽ بيمارين جي تشخيص ڪرڻ ۽ ان جي انفرادي علاج جون تجويزون پيش ڪرڻ توڙي ڪينسر جي ۽ ٻين آپريشنز يا وڍٽڪ ۾ ھٿرادو ذھانت استعمال ٿي رھي آھي؛ جڏهن تہ فنانس ۾ ان کي ملازمن طرفان دوکي ۽ مالي گهوٻين کي ڳولڻ لاءِ ۽ سيڙپڪاري جا فيصلا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رھي آھي. ھٿراڌو ذھانت جو ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ خودڪار ڊرائيونگ ڪارن/گاڏين جي متعارف ڪرائڻ ۽ ٽرئفڪ جي وهڪري کي بھتر ڪرڻ لاء استعمال عام ٿي رھيو آھي؛ صنعت ۾ خام مال کان صنعتي پيداور ٺھڻ ۽ ان جي پيڪنگ تائين مشين لرننگ ۽ ڪمپيوٽرائزڊ پروگرامنگ جو استعمال ناگزير آھي؛ دفائي سيٽلائيٽ وسيلي جي-پي-ايس سسٽم کي استعمال ڪندي زمين تي، فضا ۽ پاڻي ۾ دشمنن جي چرپر، جاسوسي، ڳولا ۽ انھن تي مختلف قسم جي ميزائلن سان حملن لاءِ ھٿرادو ذھانت جي نت نون طريقن وسيلي مدد ورتي ويندي آھي؛ اھڙي طرح سان ھٿراڌو ذھانت کي استعمال ڪندي ڪمپيوٽر گيمز جو نت نئون جھان تفريح لاءِ ھر عمر جي ٻارن ۽ وڏن لاءِ ٻنھي طريقن يعني آنلائين توڙي آفلائين ميسر آھي.

تنقيد:
ھٿرادو ذھانت جي ڪيترن ئي فائدن جي باوجود ان کي ڇتي تنقيد ۽ تڪرار کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آهي. هڪ تشويش آهي تہ ايندڙ ڪجهہ سالن ۾ ھٿرادو ذھانت جي ترقي ۽ فروغ سان امڪاني طور تي ڪيترن ئي پيشہ ورانہ شعبن سان تعلق رکندڙ ھنرمندن ۽ ماھرن کي پنھنجين نوڪرين تان دستبردار ٿي بيروزگار ٿيڻو پوندو ڇو تہ انھن جي جاءِ تي سستا ۽ ڀروسي وارا روبوٽس ڪم ڪرڻ شروع ڪندا، جھڙوڪ ڊرائيور، وڪيل، ڊاڪٽر، استاد، انجنيئر، ڪلرڪ، ويب-ڊزائينر، فوجي، ايڊمنسٽريٽر وغيرہ. مشين لرننگ يا صنعتي انقلاب دوران اڳ ئي صنعتن ۾ انساني ورڪرز ۽ عقلي سرگرمين لاءِ درڪار انسانن کي نيڪالي ملي چڪي آھي؛ ھاڻي جڏھن پيشہ ورانہ صلاحيتون رکندڙ انسانن جي بہ ضرورت نہ رھندي تہ بي روزگاري جو ھڪ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو ۽ ٽئين دنيا جي ھٿراڌو ذھانت کان ٽھندڙ اسان پارن اربين ماڻھن ہن تي مشتمل ”بيڪار ماڻھن جو ھڪ وڏو ٽولو“ پيدا ٿيندو جيڪو ھٿراڌو ذھانت سان حڪمراني ڪندڙ خدائي قوتون رکندڙ ”ننڍي حڪمران ٽولي“ جي رحم ڪرم تي ھوندو. ان کان سواءِ ھٿراڌو ذھانت جي مشينن، ڪمپيوٽرن ۽ نظامن جي پروگرامنگ جيئن تہ ماڻھن جي ھٿ ۾ رھندي انڪري عوام جو مخصوص طبقو انھن جي تعصب جو شڪار بڻجي سگهي ٿو.

نتيجو:
مصنوعي ذهانت ايڪيھين صدي جو تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ شعبو آهي جيڪو اسان جي زندگين کي خودڪار نظامن تحت آسان بڻائيندڙ آھي. ھي شعبو ڪجهہ کي ڇڏي باقي سڀني شعبن مان انساني جسماني ۽ ذھني مشقت جي جاءِ والاريندڙ آھي. ايندڙ ڪجهہ سالن ۾ وڌندڙ مشيني ۽ ڪمپيوٽر خودڪاريت جي ڪري صنعتن ۽ ادارن ۾ مزدورن توڙي پيشہ ور ماڻھن جي ضرورت نہ رھندي. جيتوڻيڪ سماج ۽ معيشت تي ان جي اثرن بابت خدشا آهن پر انھن خدشن کي ديرپا ترقي ۽ مؤثر ضابطي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو.


مددي ڪتاب :

1.Brynjolfsson, E., & Mitchell, T. (2017). What can machine learning do? Workforce implications. Science, 358(6370), 1530-1534.
2. Domingos, P. (2015). The Master Algorithm: How the Quest for the Ultimate Learning Machine Will Remake Our World. Basic Books.
3. Goodfellow, I., Bengio, Y., & Courville, A. (2016). Deep Learning. MIT Press.
4. Harari, Y. N. (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK
5. LeCun, Y., Bengio, Y., & Hinton, G. (2015). Deep learning. Nature, 521(7553), 436-444.
6. McCarthy, J. (1956). "Proposal for the Dartmouth Summer Research Project on Artificial Intelligence"
7. Russell, S. J., & Norvig, P. (2010). Artificial intelligence: A modern approach. Pearson Education.
8. Russell, S. J., & Norvig, P. (2010). Artificial Intelligence: A Modern Approach. Prentice Hall.
9. Tegmark, M. (2017). Life 3.0: Being human in the age of artificial intelligence. Knopf.