تاريخ، فلسفو ۽ سياست

دنيا جا مشھور فلسفا

هي ڪتاب هڪ ڏاهپ وارو ڪتاب آهي. جنھن ۾ ليکڪ منجهيل سُٽَ، سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پاران روزاني پنھنجي اخبار ۾فلسفي جي موضوع تي سيپٽمبر 2022 کان جولاءِ 2023 تائين ڇپيل ڪالم شامل آھن. ليکڪ، فلسفي جي ٻولي عام فھم ڪري آسانيءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن هر عام پڙهندڙ بہ فلسفي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي، سندس هي پورهيو قابل داد آهي. ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي صاحب، فسلفن جو بنياد، تاريخ، تعارف، تنقيد، تشريح، هاڪاري ناڪاري اثر ۽ نتيجا احسن نموني سمجهايا آهن. 

Title Cover of book دنيا جا مشھور فلسفا

تشريحيت جو فلسفو

تحقيق جي حوالي سان تشريحيت (Interpretivism) جو فلسفو باقي ٻين جي ڀيٽ ۾ نئون آھي. جيئن تہ ھي فلسفو مثبتيت/اثباتيت (Positivism) جي ردعمل طور ۽ ان کان پوءِ وجود ۾ آيو ان ڪري ھن کي رد اثباتيت (Anti-positivism) ۽ ما بعد اثباتيت (Post-positivism) پڻ چئبو آهي. ويھين صدي جي وچ ڌاري اثباتيت فلسفي تي اعتراض وارڻ شروع ڪيا ويا ۽ نيٺ 1960ع جي ڏھاڪي دوران تحقيق جي شعبي ۾ اثباتيت جي مقابلي ۾ تشريحيت (Interpretivism) ھڪ الڳ ۽ مختلف فلسفي جي حيثيت ۾ منظر عام تي اچي ويو. ھن فلسفي ۽ نظرئي مطابق مختلف طبقن، ثقافتن، مذھبن ۽ نظرين سان واسطو رکندڙ ماڻھو ھڪ مادي شيءِ ۽ سماجي لقاءُ جي منفرد، مختلف ۽ ڪجهہ حالتن ۾ بلڪل ابتڙ تشريح ڪندا آهن. جيئن تہ انسانن جي عقيدن، نظرين، روين ۽ عملن جي معروضي پيمائش ممڪن نہ آهي ان ڪري ھي فلسفو مقداري تحقيق (Quantitative Research) بدران معياري تحقيق (Qualitative Research) جي طريقن جھڙوڪ ذاتي مشاھدو، دوستانہ يا گهري ڳالھہ ٻولهه، ۽ ريتن رسمن ۾ ڀرپور شموليت وغيرہ کي ترجيح ڏئي ٿو. تشريحيت سماجي سائنسز جي تحقيق ۾ ٽن مڪتبہ فڪرن سان واسطو رکي ٿو: فنومينالاجي (ماڻھن جا ذاتي تجربا ۽ محسوسات)، ايٿنوگرافي (سرزمين تي ڪافي عرصي تائين ماڻھن سان گڏ رھڻ، انھن سان گفتگو ڪرڻ ۽ انھن جو مشاھدو ڪرڻ تہ ماڻھو مخصوص سماجي عمل ڇو ڪن ٿا) ۽ سمبولڪ انٽرايڪشنزم (ماڻھن جا ٻوليءَ ذريعي سماجي رابطا شين ۽ لقائن کي معني ڏين ٿا ۽ ھڪ مخصوص معاشري جي تشڪيل ڪن ٿا).
ھونئن تہ تشريحيت جون پاڙون ايمينيئل ڪانٽ جي انسان جي خودمختياري جي فلسفي تائين وڃن ٿيون جنھن مطابق انساني اخلاقيات ۽ ان جا بنيادي تصور يعني خدا، آزادي ۽ ابديت پڻ عقلي استدلال جا ثمرات آھن؛ پر ھن فلسفي جو واضع آغاز ويھين صدي جي اوائلي دور ۾ ئي ”شڪاگو اسڪول“ جي ميمبرن (Albion Small, George Herbert Mead, and E. Franklin Frazier) طرفان ٿي چڪو ھو جن جو خيال ھو تہ ماڻھن ۽ سماجي معاملن ۾ سائنسي طرز کان بلڪل مختلف قسم جي تحقيق جي ضرورت پوي ٿي جنھن ۾ متعلقه ماڻھن جي راين ۽ نظرين بابت ڄاڻڻ بلڪل ضروري آھي؛ جڏھن تہ ادارن جي انتظام يعني ”بيوروڪريسي“ جي باني ۽ مختلف شعبن جھڙوڪ سماجيات، اخلاقيات ۽ نفسيات تي سٺي دسترس رکندڙ جرمني جي ڏاھي ميڪس ويبر (Max Weber 1864-1920) کي ھن فلسفي جو پڻ باني قرار ڏنو ويندو آهي. سندس خيال ھو تہ ”دل جي ڪنن سان ٻئي جي ڳالھہ يا نقطہ نظر ٻڌڻ“ سان ماڻھن جي روين ۽ عملن جي تہ تائين پھچي سگهجي ٿو (Encyclopedia Britannica).
اثباتيت جي ابتڙ تشريحيت وسيلي ٻئي ماڻھو يا ٻين ماڻھن کي دل جي ڪنن سان ٻڌڻ ۽ ھمدردانہ گفتگو وسيلي سندن عقيدن، نظرين ۽ لاڳاپيل روين ۽ عملن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي تہ جيئن متعلقه فرد يا ٽولي جي موضوعي سچائي (Subjective Reality) تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي. ھن مطابق انساني سماج ۾ سماجي سچائي ھڪڙي ڪانھي پر ھڪ ئي وقت ھڪ شيءِ يا لقاءُ بابت ڪيتريون ئي موضوعي سچائيون مروج آهن جيڪي ان سماج جي تشڪيل ڪن ٿيون. ٻين لفظن۾ مادي شين ۽ سماجي لقائن جي اھميت ۽ انھن جي صحيح ۽ غلط ھجڻ جا تصور ھر مذھب، ثقافت ۽ لساني ٽولن توڙي فردن ۾ آفاقي يا ھڪجهڙا نہ پر مختلف ھوندا آھن ۽ ڪجهہ حالتن ۾ تہ ھڪ ٻئي جي برعڪس ھوندا آھن. مثال طور ھڪ مرد ۽ عورت جو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کان اڳ گڏ رھڻ ۽ازدواجي لاڳاپا رکڻ ھڪ ثقافت ۾ قابلِ قبول آھي تہ ٻي ثقافت ۾ وري ان جي سزا ڦاسي جو ڦندو يا سنگڪساري آھي.
تشريحيت جو مرڪزي نقطو ھي بہ آھي تہ سچائي ٻاھرين دنيا يا ڪائنات ۾ ٺھيل ٺڪيل موجود نہ آهي جيڪا دريافت ڪئي وڃي پر سچائي تہ اصل ۾ اھا معني آھي جيڪا اسان ڪنھن شيءِ يا لقاءُ کي ڏيون ٿا. ان جو مطلب اھو آھي تہ دنيا ۾ مڪمل طور معروضي يا مطلق سچائي نالي ڪا شيءِ ڪانھي پر ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ سچائيون اسان جي ذھنن اندر جڙن ٿيون ۽ اھي موضوعي ۽ ذھني پيداوار آھن. اچو تہ تشريحيت جي تحقيقي فلسفي جي عام نقطن تي ھڪ نظر وجهون:

• سچائي معروضي ۽ ھڪ نہ آهي پر انساني سماج ۾ ھڪ شيءِ يا لقاءُ بابت ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ، مختلف ۽ ڪجهہ حالتن ۾ ابتڙ سچائيون موجود آهن.
• سچائيون خارجي دنيا ۾ دريافت ٿيڻ لاءِ ھڪيون تڪيون موجود نہ آھن پر اھي انسانن جي ذھنن اندر موضوعي طور جڙيون آھن يعني اسان پنھنجن منفرد دنيائن جا پاڻ خالق آھيون.
• اسان معاشري يا سماج جي پيداوار نہ آھيون پر مختلف معاشرا اسان جي پيداوار آهن.
• ھن فلسفي تحت ھڪ محقق ڪنھن شيءِ يا لقاءُ کي سندس فطري ماحول، تاريخ ۽ وقت کان الڳ ڪري مطالعو ڪرڻ جو حامي نہ ھوندو آهي پر شين ۽ لقائن کي سندن فطري ماحول، تاريخ ۽ وقت اندر انھن جي ڏسندڙن يا حصو بڻيل ماڻھن جي اک ۽ زبان سان ڏسڻ، سمجهڻ ۽ انھن جي اھميت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
• ھتي محقق صحيح يا غلط بدران اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ ماڻھو ايئن ڇو ڪن ٿا؟
• ھن ۾ محقق تحقيقي مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان جي تجزئي لاءِ مقداري (quantitative) طريقن بجاءِ معياري/بياني (qualitative) طريقا استعمال ڪندو آھي جھڙوڪ لاڳاپيل ماڻھوءَ جون ذاتي ڊائري يا لکتون، دوستانہ ڊگهي گفتگو ۽ سرزمين تي پاڻ وڃي ڪافي عرصي تائين رھڻ ۽ مشاھدو ڪرڻ وغيرہ.
• ھن قسم جي تحقيق جو مقصد ڪو نظريو دريافت ڪرڻ نہ پر ھٿ ۾ کنيل عنوان متعلق ھڪ نئون نظريو جوڙڻ يا تخليق ڪرڻ آھي.
• ھن قسم جي تحقيق جو نتيجو مختصر نہ پر ھڪ ڊگهي رپورٽ يا ڪتاب جي صورت ۾ ھوندو آھي.

ڳالھہ جو ڳر يووال نوح ھراري جي لفظن ۾ اھو ٿو وڃي بيھي تہ ”ماڻھو ڪھاڻيون ٻڌائيندڙ جانور آھي... اھو معروضي حقيقتن کان ڪھاڻين کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو“ ان ڪري سماجي اجتماعي زندگي ۾ اھو شين ۽ لقائن کي پنھنجي طرفان معني ڏيندو آهي، انھن جا قدر طئي ڪندو آھي ۽ اھڙي تشريح پڻ ڪندو آھي. تشريحيت جو تحقيقي فلسفو سرزمين تي ماڻھن سان ڊگهي عرصي تائين گڏ رھڻ، انھن جو توڙي شين ۽ لقائن جو فطري ماحول ۾ مشاھدو ڪرڻ، دل جي ڪنن سان ماڻھن جون ڳالھيون ۽ نظريا ٻڌڻ، دوستانه/ھمدردانہ ڊگهي غير رسمي گفتگو ڪرڻ ۽ متعلقه ذاتي لکتن جو گهرائي سان جائزو وٺڻ جي طريقن سان مخصوص طبقي جي ماڻھن جي ريتن رسمن، قدرن، ثقافت، سماجي روين ۽ عملن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.


مددي ڪتاب:

1. Bryman, Alan (2008). Social science methods (3rd Ed). Oxford University Press, UK.
2. Harari, Yuval Noah (2016). Homo Deus: A History of Tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK
3. https://www.britannica.com/summary/Max-Weber-German-sociologist
4. https://study.com/learn/lesson/interpretivism-sociology-concept-origin.html
5. https://www.intgrty.co.za/2016/08/15/research-paradigms-interpretivism/