شيخ محمد سومار بدينوي
شيخ محمد سومار جا وڏا ”مانجهي بندر“ جا رهواسي هئا. هيءَ بندرگاھہ ”ريڻ درياھہ“ تي سمنڊ ۾ ڇوڙ واري جڳھہ تي هو. سندن جد اعليٰ جو نالو ”راڌڻ فقير، هو، هو ذات جو ”چاوڙو“ هو. سندس گهر واريءَ جو نالو ”مائي مرکان“ هو. مائي مرکان ذات جي ”پڻي“ هئي(1). مرکان جو پڊ هن وقت بہ 10-12 ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ”درگاھہ پير قرهيي ڀانڊاري“ جي اوڀر ۾ واقع آهي.
پير قرهيو ڀانڊاري، چشتي طريقي جو بزرگ هو.(2) ستين صدي هجريءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ وفات ڪيائين. سندس شجره نسب جميل شاھہ گرناري عرف ”ڏاتار پير“ سان ملي ٿو. سندس مقبرو روپا ماڙي کان ٽي ميل ڏکڻ- اولھہ ۾ آهي. جيڪو ميان غلام شاھہ ڪلھوڙي تعمير ڪرايو هو. جنھن جو قبو هاڻي ڊهي ويو آهي.(3) قرهيي ڀانڊاري جا لاڙ ۽ ڪڇ ۾ ڪافي مريد آهن، جن جا مرشد هاڻي ”شيخ“ آهن.
راڌڻ فقير ۽ مائي مرکان حضرت پير قرهيي ڀانڊاري جي هٿ تي مسلمان ٿيا. ان بعد ان درگاھہ سان واڳجي ويا ۽ ”شيخ“ سڏجڻ ۾ آيا.
مرکان شيخڻ تہ پير قرهيي ڀانڊاري جي شان ۾ ڪافي ڌناسري شاعري ڪئي آهي، جيڪا اوائلي سنڌي شاعري جو بھترين نمونو پڻ آهي. مرکان شيخڻ سنڌي دستاويزي ادب جي پھرين شاعرہ آهي.
شيخ صاحب جي خاندان ۾ ڪيترائي اهل ﷲ، درويش، بزرگ، شاعر ۽ مشھور پھلوان ٿي گذريا آهن. راڌڻ فقير (ثاني) ابدال قسم جو شخص هو ۽ سندس ڪم وتائي فقير جھڙا هئا، جنھن سبب سندس پويان ”وتالاڻي شيخ“ سڏبا هئا. راڌڻ فقير ثاني جو ڏاڏو ”رمضان“ هو، جنھنڪري سندس پاڙو ”رمضاناڻي“ سڏبو آهي. ان کان علاوہ اسماعيل فقير کي سندس بزرگيءَ سبب ”جادوگر“ پڻ سڏيندا هئا. شيخ محمد سومار، شيخ ﷲ بچايو جو والد هو، ۽ کيس سندس طاقت ۽ پھلواني سبب ”پنجاهيو“ سڏيندا هئا. مرکان (هفتم) پن شاعرہ هئي ۽ سندس ڪلام محفوظ آهي. سال 1959ع ۾ وفات ڪيائين.
شيخ ﷲ بچايو مرحوم، حضرت شيخ محمد سومار بدينوي جو والد هو، سندس تخلص ”بچايو“ هو. سندس ولادت 1878ع ۾ ٿي. 1942ع ۾ ”ڪوري نار“ جي اٿل سبب سندس ڳوٺ پير قرهيو ڀانڊاري ٻوڏ هيٺ اچي ويو. جنھن سبب پاڻ سيراڻي لڳ مانڌر (ضلعي بدين) ۾ لڏي آيو. ان بعد ”گولو منڌرو“ ڳوٺ ۾ رهيو ۽ ڪجهہ وقت سامارو (ضلع ٿرپارڪر) جي ڀرسان رهيو. 1951ع ڌاري مستقل بدين منتقل ٿيو. بدين ۾ واپار ڪري گذر سفر ڪندو هو. 20 ڊسمبر 1962ع تي وفات ڪيائين.
شيخ ﷲ بچايو مرحوم وڏو متوڪل، متقي ۽ پرهيزگار بزرگ هو. ڪيترائي ڀيرا پنھنجي مرشد حضرت قرهيي ڀانڊاري کي خواب ۾ ڏٺائين. هڪ ڀيري خواب ۾ ”رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم“ جي پڻ زيارت نصيب ٿيس پر جلوہ طور جي مصداق حجت ساري نہ سگهيو ۽ اک کلي پيس ۽ ”سبحان ﷲ- سبحان ﷲ“ جو ورد ڪندو رهيو. جوانيءَ ۾ ڏڙهي جي راند جو ڪاريگر هو. پير عالي شاھہ جيلاني ڏانھن عقيدت جي نظر هوندي هئس.
نڙ بيت جو مشھور شاعر سانوڻ فقير، ڦتو پاٿري ۽ اسحاق پاٿري سندس همعصر ۽ گهرا دوست هئا. پاڻ سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۾ ڀڙ هو. سندس ڪليات ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندس ٽي ٻيا ڪتاب بہ ڇپيل آهن: (1) رتيءَ جي رهاڻ، (2) روحاني ابيات، (3) قصو قرهيي پير جو.
کيس ٽي نياڻيون ۽ هڪ فرزند، حضرت شيخ محمد سومار بدينوي ٿيا.(4)
سوانح:
شيخ محمد سومار ولد شيخ ﷲ بچايو 1935ع ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ پير قرهيل ڀانڊاري تعلقي بدين ۾ ڄائو. بنيادي عربي ۽ فارسي تعليم ڳوٺ ”گولي منڌري“ ۾ ميان جي حاجي هاشم، ميان جي عارف ۽ ميان يعقوب وٽ پڙهيو. پنھنجي بزرگن جي لاڳيتي لڏپلاڻ سبب سنڌي پرائمري تعليم دير سان شروع ڪيائين. 1949ع ڌاري ڳوٺ دينار خان ٽالپر ۾ پرائمري پڙهڻ بہ شروع ڪيائين تہ ساڳي ڳوٺ جي مڪتب ۾ ”مدرس“ طور پڙهائڻ بہ لڳو. 1952ع ۾ ”ڊبل پروموشن“ تحت ڳوٺ غلام علي جمالي (لڳ تلھار) مان استاد غلام محمد جمالي جي رهبري ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين.(5)
1952ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ ساڳي کاتي ۾ ساڳي عھدي تان رٽائر ڪيائين. 1967ع ۾ اديب فاضل سنڌي فرسٽ ڪلاس ۾ ٻئي نمبر سان پاس ڪيائين.(6) 1948ع ۾ پنھنجي چاچي راڌڻ جي گهران سندن پھرين شادي ٿي، جنھن مان کين اولاد ڪونہ ٿيو.(7) کين ٻي شادي مان ٽي ٻارڙا: ٻہ پٽ ”راڌڻ ۽ شوڪت“ ۽ هڪ نياڻي ”جنت“ ٿيا، جيڪي حال حيات ۽ سندس نشاني آهن.(8)
ادبي پس منظر:
شيخ صاحب جو گهراڻو علمي ۽ ادبي شخصيتن جو گهراڻو هو، جنھن جو اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، تنھنڪري ائين چوڻ صحيح ٿيندو تہ پاڻ پشت بہ پشت اديب ۽ شاعر هئا. ٻئي طرف پاڻ جنھن روحاني درگاھہ سان لاڳاپيل هئا، ان جو بہ مٿن اثر هو. ٽئين طرف مولانا احمد ملاح جي سرزمين لاڙ جو خمير؛ اهي سڀ شيون منجهن ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون. بدين ۾ رهڻ سبب سندن ادبي شخصيتن سان ڏيٺ ويٺ رهي ۽ سندن جيڪي اوائلي ادبي دوست رهيا انھن ۾ نذير حسين حيدري، شمشيرالحيدري ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو خاص هئا. ان بعد کين ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رهنمائي نصيب ٿي. ان کان پوءِ پنھنجي همعصرن ۾ قلندر شاھہ لڪياري، عزيز جعفراڻي، معمور يوسفاڻي ۽ ڊاڪٽر عابد لغاري سندس ويجها دوست رهيا، نہ رڳو ادبي دوست پر سندس ذاتي ۽ نِجي زندگي جا دوست ۽ شريڪ پڻ رهيا. اهڙن ڪن ٻين دوستن ۾ درمحمد ڪمال، ولي سروري، محمد صديق ’مرهم‘، ﷲ بچايو مشتاق آريسر ۽ راقم الحروف جا نالا قابل ذڪر آهن.
مٿين سڀني سببن ۽ دوستن جي ساٿ ۾ شيخ صاحب هڪ نوجوان ۽ نو آموز ملھہ جيئن ادبي ميدان ۾ لٿو ۽ پوءِ وقت ڏٺو تہ ڪيئن نہ هي نو آموز ملھہ پنھنجي ادبي سگهہ ۽ فن سان مذڪورہ ميدان کي ملھائي ويو. بلڪ پنھنجي همعصرن ۾ هي ملھہ ڪيترائي پنھنجا انفرادي انگ ڏيکاري ويو جيڪي کانئس پوين کيس ”استاد“ ڪري وٽانئس حاصل ڪيا ۽ سکيا.
ادبي سرگرميون:
نج ادبي روايتن موجب، هڪ وڏي اديب جيان پاڻ ڪيترين ئي فعال ادبي تنظيمن جو بنياد وڌائون، جن طرفان تمام گهڻا ڪتاب شايع ڪيا ويا. اهي تنظيمون هيٺيون هيون:
1. لاڙ ادبي سوسائٽي، 2. جيلاني پبليڪيشن، 3. لطيف پبليڪيشن، 4. بدين پبليڪيشن، 5. ساگر پبليڪيشن.
ان کان علاوہ پاڻ جن ادبي تنظيمن جا ميمبر، سربراھہ، همدرد ۽ هم خيال رهيا، انھن ۾ هيٺيون تنظيمون خاص آهن:
1. سنڌ لطيف ادبي مجلس، حيدرآباد
2. رهبر ادبي سوسائٽي حيدرآباد
3. محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد
4. تنظيم فڪر و نظر سنڌ، سکر
5. ٿرپارڪر ڪلچرل سوسائٽي، ميرپورخاص
6. ٻارڙا پبليڪيشن، عمرڪوٽ
7. مھراڻو اڪيڊمي، صوفي فقير.
انھيءَ کان علاوہ هر ادبي اداري ۽ ادبي ڪم جا معترف ۽ خيرخواه رهيا.
ادبي ڪانفرنسون ۽ ميلا:
پاڻ پنھنجي دور ۾ نہ رڳو سنڌ پر پاڪستان سطح تي ٿيندڙ ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن ۾ مقرر ۽ محقق طور شريڪ ٿيندا هئا. خاص طور سيرت ڪانفرنس (اسلام آباد)، اهل قلم ڪانفرنس (لاهور)،
بين الاقوامي سنڌي ادبي ۽ ثقافتي ميلو (ڪراچي 1984ع)، سنڌ هجري ڪانفرنس (حيدرآباد)، سنڌ هجري ڪانفرنس (ميرپورخاص)، سنڌ صدين کان ٿرپارڪر، رهبر ڪانفرنس، حيدرآباد، سنڌي هنرن جي نمائش ۽ ڪانفرنس (حيدرآباد)، لطيف ڪانفرنس (سکر) ۽ هارس ۽ ڪئٽل شو (جيڪب آباد) وغيرہ.
ان کان علاوہ سنڌ ۾ ٿيندر ڪيترن ئي تاريخي ماڳن جي سيمينارن ۾ پڻ پاڻ شرڪت ڪيائون ۽ پنھنجي علم جا گوهر افشان ڪيائون. شيخ قرهيي ڀانڊاري جي ميلي جا تہ پاڻ روح روان هئا. پر ٻين بہ سنڌ ۾ ٿيندڙ روحاني درگاهن جي ڏيھاڙن تي اڪثر حاضري ڀريندا هئا. ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز طرفان هر سال منعقد ٿيندڙ سالياني عرس جي موقعي تي، ادبي ڪانفرنس ۾ وڏي اهتمام سان شريڪ ٿيندا هئا. انھي ڪانفرنس ۾ ڪافي ڀيرا مقالا پڻ پيش ڪيائون.
شيخ صاحب جي ذوق سليم هڻي وڃي هنڌ ڪيو جڏهن پاڻ 1976ع ۽ 1980ع ۾ بدين ۾ ٻہ وڏا ادبي ۽ ثقافتي ميلا مچايائون. هن ادبي ميڙاڪي ۽ مانڊاڻ ۾ شيخ صاحب ڄڻ ”گهوٽ“ هو. پاڻ ضلع ڪائونسل بدين ۽ بدين ضلعي جي باذوق عملدارن جي تعاون سان هن ضلعي کي جھڙوڪر نج ادبي ادارن جو ضلعو بنائي ڇڏيائون. هنن ٻن وڏن تاريخي، ادبي ۽ ثقافتي ميلن اهو ثابت ڪري ڇڏيو تہ شيخ صاحب پنھنجي سڄي ساري ادبي زندگي جو جشن هنن ميلن جي شڪل ۾ ڪيو. سندس رچايل اهي ٻئي ادبي مانڊاڻ سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهن.
لئبرري:
شيخ صاحب جي ذاتي لئبرري ”پير قرهيل ڀانڊاري“ جي نالي سان سندن گهر ۾ قائم ٿيل هئي، (1) جنھن ۾ ڪيترن ئي تاريخي ۽ ادبي ڪتابن کان علاوہ قلمي نسخا پڻ موجود هئا جن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ڪيو آهي.(11)
سندن هيءَ لئبرري وري ”حاجي احمد ملاح لئبرري، بدين“ ۾ منتقل ٿي، جنھن جي پيڙھہ جو پٿر پاڻ 3- فيبروري 1980ع تي بدين ۾ رکيائون.(12)
بدين پريس:
پاڻ رٽائر ٿيڻ بعد روزگار خاطر بدين ۾ پريس هنيائون ۽ ڪيترائي بھترين ڪتاب پڻ شايع ڪيائون، حياتي جي آخري ايامن ۾ پريس وڪرو ڪري ڇڏيائون.(13)
لاڙ ميوزم:
شيخ صاحب مرحوم جي ثقافتي سفر جي حاصل منزل لاڙ ميوزم بدين آهي جيڪو سندن انفرادي جدوجھد ۽ سنڌ سان ثقافتي عشق جو ساکي آهي. لاڙ ميوزم جي بنيادي ميمبرن جي پھرين گڏجاڻي، سنڌ پراونشل ميوزم ۾ جناب ظفر ڪاظمي صاحب جي ميزباني ۾ ٿي. هن گڏجاڻي ۾ راقم پڻ موجود هو. جن صاحبن شرڪت ڪئي انھن ۾ خليفو حاجي عبدﷲ ميمڻ، جي.الانا ۽ سندس مسز، عبدالرزاق چانڊيو، حميد آخوند ۽ درمحمد ڪمال خاص هئا. ميٽنگ ۾ هن ميوزم جو سڄو بنيادي ڍانچو ۽ ڪم ڪار جو طريقو طئي ڪيو ويو. هن سڄي ڪم ڪار جو محور، مرڪز ۽ محرڪ شيخ صاحب جي شخصيت هئي، هي ميوزم ضلع ڪائونسل بدين جي هڪ ڪمري ۾ قائم ٿيو ۽ بعد ۾ نئين عمارت ۾ منتقل ٿيو، جيستائين لاڙ ميوزم جو وجود قائم آهي. شيخ صاحب جي شخصيت جوهڪ اهم پھلو زندہ رهندو. نہ فقط لاڙ ميوزم، پر ”سنڌ پراونشل ميوزم، لاءِ بہ پاڻ وڏي جاکوڙ ڪيائون.(14)
لاڙ جو لال ايوارڊ:
بدين ثقافتي ميلو 1980ع ۾، شيخ صاحب ”لاڙ جو لال ايوارڊ“ عملي طور جاري ڪرايو ۽ اهو انھيءَ صاحب کي ڏنو ويندو جنھن ”لاڙ پَٽ“ لاءِ ادبي جاکوڙ ۽ ڪم ڪيو هوندو. سال 1979ع جو اهو ايوارڊ 1980ع ۾ جناب درمحمد ڪمال کي مليو ۽ اهڙي طرح ”درمحمد ڪمال لاڙ جو لال“ جو نعرو شيخ صاحب ايجاد ڪيو.(15)
شيخ صاحب غريب ماڻھو ٿي ڪري بہ دل جو درياھہ هو. هن شخص جي جستجو ۽ محنت جو مثال ئي ڪونہ ٿو ملي. پاڻ بدين جي مسڪين فنڪارن ۽ نادار اديبن لاءِ وڏي ڪوشش وٺي ضلع ڪائونسل بدين مان فنڊ مقرر ڪرايا ۽ اهي مختلف موقعن تي تقسيم ڪيا. سندن درياھہ دلي اهڙي هئي جو ڄڻ تہ ڪينجهر جي ڪناري ڄام تماچي ويٺو هجي. ادبي ۽ ثقافتي ميلن ۾ جن اديب دوستن ساڻس قلمي ۽ عملي سھڪار ڪيو انھن کي بہ تحسين ناما ڏنائون. مون سندن حڪم تي مقالو لکيو تہ نہ رڳو مقالي جي مُنڍ ۾ ادبي نوٽ هنيائون پر گهر ويٺي تحسين نامو پڻ موڪلي ڏنائون. اهو مقالو بعنوان بدين جا بزرگ ڪتاب ’بدين ضلعي جو مطالعو‘ ۾ شايع ڪيائون. اها سندن ادبي سخا ۽ وضعداري هئي.(16)
لوڪ ادب جي سھيڙ:
سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم تحت جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سھيڙ جو ڪم شروع ڪيو تہ شيخ صاحب بدين ضلعي مان سڀ کان وڏي راوي جي حيثيت ۾ سامھون آيو، جنھن جو ذڪر بلوچ صاحب جي ترتيب ڏنل لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ نمايان آهي.
ان بعد بہ ڪيترائي تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان سندن قلم جي نوڪ مان زيبور ٿيندا رهيا. پاڻ بدين جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ تي حرف آخر جي حيثيت حاصل ڪيائون. 1993ع ۾ ”حضرت مغلڀين رحہ“ (جاتي) جي سالياني عرس تان واپسي وقت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ساڳي ڪار ۾ حيدرآباد تائين رفاقت رهي. پروفيسر قلندر شاھہ لڪياري ۽ ڊاڪٽر عابد لغاري بہ گڏ هئا. مختلف ڳالھيون ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب فرمايو تہ آئون ٿرپارڪر ضلعي جي حوالي سان معمور يوسفاڻي ۽ بدين ضلعي جي حوالي سان شيخ محمد سومار جي راءِ سدائين وزنائتي سمجهندو آهيان. هيءَ تہ هئي بلوچ صاحب جي ادبي وضعداري ۽ سخاوت واري راءِ. پر مون پنھنجي مختصر ادبي مطالعي ۾ هن وقت تائين مذڪورہ ٻنھي محققن جي ڪنھن بہ ادبي دعويٰ يا راءِ جو ڪوبہ مدلل رَدُ هن وقت تائين ناهي پڙهيو.
شيخ صاحب مرحوم سنڌ جي قديم آثار، کنڊرن، ڀڙن ۽ وهڪرن جو وڏو مشاهداتي عالم هو. خاص طور لاڙ جي حوالي سان پاڻ هزارين ميل پنڌ ڪيائون. ڪيترن ئي پراڻن ڀڙن تان ڪيئي نادر تواريخي شيون پڻ هٿ ڪيائون. سندن اهڙو مطالعو ۽ مشاهدو سنڌ کان ٻاهر ڪڇ جي سرزمين تي پڻ رهيو آهي. جڏهن عابد لغاري صاحب ڪئمرا ڪڇ ۾ کڻي سڄي سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي فوٽوگرافي ۽ احوال لاءِ ”سنڌ تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾“ جي سلسلي ۾ نڪتو تہ لاڙ جي تاريخ جي حافظ شيخ محمد سومار کيس بدين ضلعي جو تاريخي ۽ مشاهداتي سڄو احوال ڪنھن ڪتاب کولڻ بنا ميسر ڪيو ۽ سڄو لاڙ کيس گهمايائين. عابد لغاري، شيخ صاحب جي ان ادبي ۽ علمي تعاون جو ذڪر پنھنجي مذڪورہ قسطوار مضمون ۾ جيڪو ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيو آهي، مختلف جاين تي وڏي ڪشاده دلي سان ڪيو آهي.(17)
ادب:
شيخ صاحب 1952ع کان باقاعدہ لکڻ شروع ڪيو. سندس تصنيفن جو انگ 300 آهي، جن مان 75 ڇپيل ڪتاب آهن.(18) سندس پھريون ڪتاب ”آڌي رات“ (افسانا) 1955ع ۾ ڇپيو. ان بعد تصنيف ۽ اشاعت جو سلسلو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جيان وهي هليو. سندس اڪثر تصنيفن جو ذڪر سندس شايع ڪيل ڪتاب ”قلم وهي ويو ڪانھن“ ۾ آيل آهي.
شيخ صاحب جي ادبي شخصيت گهڻ پاسائتي هئي. پاڻ شاعر، محقق، مرتب، سگهڙ، سھيڙيندڙ، ناشر، مھتمم، منتظم، راوي ۽ مضمون نگار هو.
منھنجو ذاتي خيال آهي تہ شيخ صاحب سنڌ جو واحد اديب آهي، جنھن گهڻي کان گهڻي شاعرن جي ڪلام کي ترتيب ڏئي شايع ڪيو. سندن اهڙن شايع ڪيل ڪتابن جو ڪجهہ وچور هن ريت آهي:
(1) روحاني ابيات، (2) قصو قرهيي پير جو، (3) پير قرهيو ڀانڊاري، (4) ڪليات شيخ ﷲ بچايو، (5) بياض ڪربلائي، (6) ديوانِ ڦل ڪوراڙ، (7) جذبات فاروقي، (8) پير بخش فاروقي جو ڪلام، (9) سانوڻ فقير، (10) حيات دلريش فاروقي، (11) جذبات گل عباسي، (12) رسول بخش فراقي، (13) ڪليات ﷲ بچايو بڙو، (14) علي محمد رنگريز، (15) حاجي مراد چانڊيو، (16) مناجات ساقي، (17) ڪليات فاروقي، (18) ڪلام جوڻيجو، (19) ڪلام جڙيل عباسي، (20) ڪلام مرکان شيخڻ، (21) ڪلام ساقي، (22) ڪلام حيات جمالي، (23) پيروز فقير جو ڪلام، (24) سومري جو ڪلام.
ٻاراڻو ادب:
شيخ صاحب تمام گهڻو ٻاراڻو ادب سرجيو آهي، جيڪا پڻ هڪ محقق جي حيثيت سان نرالي ريت آهي. سندس هيٺيون تصنيفون ٻاراڻي ادب ۾ خاص اضافو آهن:
(1) ٻارن جي تربيت (صحت ۽ جنرل سائنس)، (2) کِل ڀوڳ، (3) ڀوڳ چوڳ، (4) نئون نوڪر، (5) سخي پير، (6) کپريو چور، (7) چڱو ۽ مدو، (8) پاڻيءَ جا ٻار، (9) ٻھڪندڙ گلڙا، (10) ڀڃ پرولي.
سيرت طيبہ ۽ اسلامي تاريخ:
سيرت طيبہ، اسلاميات ۽ اسلامي تاريخ تي شيخ صاحب جون تمام گهڻيون ۽ معتبر ۽ مستند لکڻيون آهن، جن ۾ سندس عقيدت ۽ عشقِ رسول سان ٽمٽار دل جلوہ گر آهي. سندن اهڙيون ڪجهہ تحريرون هي آهن: (1) رحمت اللعالمين (حصو 1-2)، (2) خليفة المسلمين، (3) اصحاب اهل صفا، (4) اسلام ۽ غلام، (5) جمعي جو ڏينھن، (6) مسيلمہ ڪذاب، (7) مولا جا متوالا 1-2، (8) مذهب ڇا آهي؟ (9) ماه ذوالحج، (10) سلمان فارسي، (11) عمار بن ياسر.
لسانيات:
شيخ صاحب سنڌ جي انھن چند عالمن ۽ وڏن محققن ۾ شامل آهي جن ادب ۽ تاريخ ۾ تحقيق سان گڏ لسانيات جي علم ۾ بہ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو. لسانيات جي موضوع تي سندس هيٺيون تصنيفون پنھنجو منفرد مقام رکن ٿيون:
(1) سنڌي اکرن جا تبادلا، (2) برج باکا جو گرامر، (3) سنڌي ۽ سنسڪرت (ٽي جلد)، (4) سنڌي ۽ پراڪرت، (5) سنڌي اور پراڪرت (اردو)، (6) آريائي زبانون، (7) سنڌي آوازن جا تبادلا.
سندن آخري ڪتاب لسانيات جي موضوع تي قلمي صورت ۾ آهي، جيڪو پاڻ معمور يوسفاڻي سان گڏ لکيو هئائون ۽ معمور يوسفاڻي جي لئبرري ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهي.
ڪڇ جو علم و ادب:
سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ سان گڏ ڪڇ جوذڪر لازم و ملزوم ٿيو پوي. تواريخي طور بہ ڪڇ جو علائقو ڪڏهن، سنڌ جو حصو تہ، ڪڏهن ڏن ڀرو، تہ ڪڏهن خودمختيار علائقو رهيو آهي. سڀني حالتن ۾ سنڌ جي ماڻھن جي ڪڇ ڏانھن لڏپلاڻ، ڪڇ جي قبيلن جو عارضي خواه مستقل سنڌ ۾ رهڻ، سير و تفريح خواه علمي درسگاهن ۽ وڻج واپار وغيرہ جي سببن ٻنھي سڀيتائن کي هڪ ٻئي سان مانوس رکيو آهي. انھن حقيقتن جي باوجود سنڌي ادب ۾ ڪڇ متعلق تمام ٿورو ۽ اڻپورو لکيو ويو آهي. انھي مان بہ جيڪڏهن شيخ صاحب جي ادبي ڪاوشن کي عليحدہ ڪجي تہ سواءِ هڪ انگريزي تعارفي تاريخ جي ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ بچندو.
مٿين حقيقت جي مدِنظر چئي سگهجي ٿو تہ شيخ صاحب ئي واحد محقق آهي جنھن سنڌي ادب کي ڪڇ جي ادب سان مالامال ڪيو آهي. اسان جي دور جو ڪوبہ تاريخدان جڏهن ڪڇ متعلق قلم کڻندو تہ شيخ صاحب جي هنن تصنيفن کان صرفِ نگاه نہ ڪري سگهندو: (1) ڪڇين جا قول، (2) ڪڇ جا شاعر ۽ اولياء، (3) ڪڇ جا ڪي سنڌي شاعر، (4) ڪڇ جو رڻ، (5) ديوانِ ڦل ڪوراڙ.
سنڌي لوڪ ادب جي ڪيترين ئي تاريخي ۽ نيم تاريخي ڪھاڻين جو تعلق ڪڇ جي سرزمين سان رهيو آهي، جنھن جو ذڪر پڻ شيخ صاحب مختلف موقعن تي ڪندو هو.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي:
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي تي سنڌ ۾ جيڪي چند وڏا محقق چيا وڃن ٿا، شيخ محمد سومار انھن ۾ شامل آهي. بلڪہ ڪجهہ انفرادي ادبي ڪارناما کيس انھن محققن ۾ نرالو مقام ڏيارين ٿا.
سندن پھريون ڪارنامو ”شاھہ جا گُم ٿيل بيت“ منظرِ عام تي آڻڻ آهي. پاڻ ڪجهہ راوين جي مدد سان ۽ ڪجهہ بيت هڪ پراڻي قلمي نسخي تان جيڪو شاھہ صاحب جي وفات کان هڪ سؤ سال بعد لکيو ويو هو نقل ڪري ٻن ڪتابن جي صورت ۾ ترتيب ڏنا ۽ ڪجهہ بيت ”انسان“ رسالي ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي شايع ڪيا.(20)
هنن بيتن جي اشاعت مان شيخ صاحب جو مطلب هو هڪ قلمي نسخي جا وڌيڪ بيت سنڌي محققن وٽ ڇنڊڇاڻ ۽ ايندڙ رسالن جي ترتيب لاءِ ميسر ڪرڻ. سندس هن تحقيق تي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ”نئين زندگي، ۾ سخت تنقيد ڪئي.(21) تازو جڏهن هڪ سنڌي اديب شاھہ جو ڪلام پنھنجي جاکوڙ سان آندو ۽ ”املھہ اڻ توريا“ نالي ڇپايو تہ تقريباً اهي سڀ بيت اڳ ۾ ئي شيخ صاحب جي اڳ ڇپايل ڪلام ۾ موجود هئا. ”املھہ اڻ توريا“ جي مرتب امداد علي سرائي جي جاکوڙ جي پت تڏهن وائکي ٿي جڏهن مرحوم رمضان فقير جت جيڪو سندس همسفر هو، هن جي جاکوڙ جا پول پڌرا ڪيا ۽ وري علمي تحقيق طور معمور يوسفاڻي اهو ذمو کنيو ۽ هڪ هڪ بيت ثابتين سان پيش ڪيو تہ اهو سڄو ڪلام اڳ ۾ ڇپيل آهي جنھن ۾ سڀ کان اهم ڪم شيخ صاحب جو ڪيل آهي، باقي امداد علي سرائي سنڌ مان شاھہ جا بيت کڻي، هندستان مان گهمائي آيو نہ تہ اهو سرمايو اڳ ۾ هتي موجود هئو.(22)
شيخ صاحب ”شاھہ صاحب جو رسالو“ الف- ب وار ترتيب ڏنو جيڪو ڇپجي نہ سگهيو. ان کان علاوہ پاڻ ”ڇند وديا“ موجب پڻ رسالي کي ترتيب ڏنائون. ان سان اهو پڻ لکيائون تہ مخدوم ابوالحسن جي سنڌي جا بيت بہ ”للت ڇند“ يا ”سار ڇند“ تي لکيل آهن.(23)
حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحہ جي رسالي ۾ ڪن متضاد پڙهڻين ۽ ڪن لفظن جي صحيح شڪل ۽ پڙهڻي مقرر ڪرڻ لاءِ شاھہ جي غير سرڪاري عالمن هڪ خاص طريقو ڪڍيو. هنن عالمن شاھہ جي مختلف ”سُرن، سان لاڳاپيل علائقن ۾ وڃي ”سُر وار“ لطيفي ڪچھريون منعقد ڪيون. اهڙين ڪچھرين ۾ سر مارئي تي لطيفي ڪچھري عمرڪوٽ ۾ معمور يوسفاڻي وٽ، سر سھڻي تي رائلي مياڻ ( ڄام شورو) ۾ سيد قلندر شاھہ وٽ، اهڙي طرح کاهي، ٺٽو، بدين ۽ ٻين علائقن ۾ اهي ڪچھريون رکي رسالي جي صحيح پڙهڻي تي وڏا بحث مباحثا ٿيا. انھن علائقن ۾ علائقائي ٻولين (لھجن) جي ماهرن ۽ مختلف هنرن (جھڙوڪر مير بحر) جي ماهرن ۽ لطيفي راڳ آلاپيندڙن کي پڻ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت جيڪو رسالو ترتيب ۾ آيو ان جو قلمي نسخو کاهي (تعلقو کپرو) جي محترم امير دوست خان مري وٽ موجود آهي ۽ راقم وٽ ان جو نقل آهي. هنن شاھہ جي غير سرڪاري عالمن جي سٿ ۾ جيڪي اديب ۽ عالم شامل هئا. انھن ۾ معمور يوسفاڻي، نورل فقير مري، حاجي ماڱيڻو مري، پروفيسر قلندر شاھہ لڪياري، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو، ولي سروري، حاجي ﷲ بخش مري، عبدﷲ گندرو (سونڊا)، عزيز جعفراڻي (ٺٽو)، امير دوست مري، سومار خان مري، محمد خان مري، عبدالواحد عاصي هڪڙو، محمد قاسم پلي (عمرڪوٽ) ۽ شيخ محمد سومار خاص هئا. مختلف ڪچھرين ۾ احسن الھاشمي، عبدالغفار صديقي، عابد لغاري ۽ رمضان فقير جت ۽ راقم پڻ شريڪ رهيا. هنن ڪچھرين جون آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون راقم وٽ موجود آهن.
هن لطيفي ڪم ۾ سڀ شرڪاء پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪندا هئا. هن ڪم جي تڪميل ۾ شيخ صاحب مرحوم تمام گهڻي ذوق شوق سان بھرو ورتو ۽ رسالي جي تڪميل جو اتساھہ ڏيکاريو ۽ هن ڪم جو خاص محرڪ رهيو.
ان کان علاوہ سندن تصنيف ”لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا“(24) لطيفي ادب ۾ نھايت اهم مقام حاصل ڪيو. هن ڪتاب ۾ پاڻ معمور يوسفاڻي سان صلاح مصلحت بعد طئہ ڪيائين تہ لطيف جي دور جي تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافتي آثارن کي، رسالي جي روشني ۾ موجودہ قديم آثارن مان نروار ڪجي. معمور يوسفاڻي ” لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ لکيو جيڪو ”نئين زندگي“ جي مختلف پرچن ۾ ڇپيو ۽ بعد ڪتاب شڪل پڻ شايع ٿيو.(25) شيخ صاحب مذڪورہ تصنيف لکي سنڌي اديبن ۽ محققن کي تحقيق جو هڪ خاص ڏانءُ ڏنو. شيخ صاحب جي هيءَ هڪ تصنيف، تاريخ، تحقيق، جاگرافي ۽ علم و ادب جي ڪيترن ئي علمن جو ڀنڊار آهي. سندن لطيفي خدمتن جي مڃتا طور هن سال (2020ع) شاھہ لطيف جي ميلي جي موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي طرفان کين ”شاھہ لطيف ادبي ايوارڊ“ طرفان نوازيو ويو آهي.
شاھہ لطف ﷲ قادري جو رسالو:
شاھہ لطيف سان گڏوگڏ شيخ صاحب سنڌ جي ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام سان بہ ساڳيو عشق رکيو. پاڻ جاکوڙ ڪري شاھہ لطف ﷲ قادري جي ڪلام جو نسخو پڻ هٿ ڪيائين. جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪيائين. ڊاڪٽر بلوچ ان نسخي تي عالمانہ ۽ محققانہ ڇنڊڇاڻ ڪري بورڊ طرفان ڇاپرايو. انھيءَ ۾ پڻ شيخ صاحب جو ذڪر ڪيو اٿن.(26) ساڳيو حوالو شيخ صاحب جي تصنيف ”لطيف جا لاڙ تان ڀيرا“ ۾ پڻ موجود آهي.(27) ان ريت سنڌي جي اوائلي شاعري ۾ پيروز فقير ۽ مرکان شيخڻ جي ڪلام بعد شاھہ لطف ﷲ قادري جي ڪلام جو نسخو هٿ ڪرڻ ۽ ان تي ڊاڪٽر بلوچ جا ڪيمياگر هٿ نصيب ٿيڻ، شيخ صاحب جا سنڌي ادب تي اپر احسان آهن.
لاڙ (بدين) لاءِ شيخ صاحب جون خدمتون:
شيخ صاحب پنھنجن دوستن سان گڏ ويھي اها رٿا جوڙي تہ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن تي تاريخي ڪم ڪجي ۽ اهڙيون تاريخون علائقي وار لکجن. بعد ۾ انھن ماخذن تان سنڌ جي جامع تواريخ جوڙجي. سندس اهڙي رٿا تي عمل ڪندي محترم عزيز جعفراڻي ”تاريخ سجاول“ جوڙي ڇپائي پڌري ڪئي.(28) معمور يوسفاڻي ”ٿرپارڪر جي تاريخ“ مڪمل ڪئي جيڪا قلمي صورت ۾ آهي. رسول بخش تميمي ”جاتي جي تاريخ“ مڪمل ڪئي ۽ حافظ حبيب سنڌي ”چوهڙ جمالي“ جي تواريخ مڪمل ڪئي. پر ان سلسلي ۾ شيخ صاحب سڀن کان گوءِ کڻي ويو. پاڻ عموماً لاڙ ۽ خصوصاً بدين ضلعي تي ڪيئي تواريخون لکي ورتائين. سنڌ جي نئين ۽ ننڍڙي ضلعي ”بدين“ جي ادب ۽ ادبي تاريخ تي شيخ صاحب تاريخ ساز ڪم ڪيو آهي. سندس اهڙين ڪاوشن جا احسان بدين ضلعي وارا ڪڏهن بہ لاهي نہ سگهندا.(29)
ٿلھي ليکي سندس هيٺيان ڪتاب بدين ضلعي جي سڀن ادبي ثقافتي ۽ تواريخي موضوعن تي مستند تحريرون آهن:
(1) بدين ضلعي جو تعارف، (2) بدين ضلعي جو مطالعو، (3) بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، (4) بدين، (5) بدين ثقافتي ميلو 1976ع، (6) لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا، (7) بدين ضلعي جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين، (8) تاريخ شعراءِ لاڙ، (9) بدين ضلعي جا آثار قديمہ، (10) بدين ضلعي جا اولياء، (11) بدين ضلعي جون لوڪ ڪھاڻيون، (12) بدين ضلعو تصويرن جي آئيني ۾، (13) تلھار جون لوڪ ڪھاڻيون، (14) ٽنڊي باگي جي ثقافتي تاريخ، (15) بدين جي قديم ياد، (16) بدين ضلعي کي ڳائيندڙ شاعر.
شيخ صاحب جي تقليد ڪندي سانگهڙ، نواب شاھہ ۽ سکر جي اديبن پڻ پنھنجن علائقن لاءِ قلم چوريو. سنڌي ادب جي تاريخ جا ورق انھيءَ ڳالھہ جا شاهد بنيا بيٺا آهن تہ جيترو تحقيقي ڪم شيخ صاحب بدين (لاڙ) لاءِ ڪيو ۽ ان کي منظرِعام تي آندو اوترو ڪم اڃا تائين سنڌ جو ٻيو ڪوبہ فرزند نہ ڪري سگهيو آهي. جيڪڏهن ڪنھن کي دعويٰ هجي تہ آئون اها هنن لفظن ۾ قبول ڪندس تہ:
”ڪا هڻندي هوڏَ، آئون ٿي ڪانڌ ڪسوٽيءَ چاڙهيان.“
شاعري:
شاعري جي شروعات جي عين عام مروجہ روايتن موجب شيخ صاحب کي بہ پور جواني ۾ مجازن جون مھميزون آيون، غم جانان سندس دردمند دل تي خوب نشتر هلايا. اهي عشق جا اڌما ۽ اظھار شاعري جي روپ ۾ ظاهر ٿيا جنھن جو نمونو سندس هيٺين شعر ۾ موجود آهي:
مصري تنھنجي ملڪ مٺي ۾، لوڻ نہ آهي کارو،
ڇا تو پيار جي پِڪ ڏئي، ان کي آھہ ڪيو ميٺارو.(30)
مگر تمام جلد مجازي جو مام پروڙي، حقيقي جون لاتيون لنوڻ لڳو:
بندو بديڻن ۾ ٿو نھاري، سومر شيخ فقير،
منھنجا قرهيل پير، دل کي ڏيو ڪا ڌير.(31)
شيخ صاحب، بيت، دوهي ۽ سورٺي جو شاعر آهي. سندس لھجو ۽ زبان عام ۽ روزمرہ جي استعمال واري آهي. سندس شاعري فن جي سمورن تقاضائن تي پوري ۽ شريعت جي مڙني عنصرن سان ٽمٽار آهي. سندس شاعري سنڌي ادب جي ڪئين روزنامن ۽ ماهنامن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. ان کان علاوہ سندن هيٺيون تصنيفون نظم ۾ موجود آهن:
(1) دوها ۽ دونھان (2) سر پرڀاتي (3) سر ڪارايل (4) سر بلاول (5) سر ڪيڏارو (6) پنھوارن پچار (7) مصري نامو.
سنڌي نثر خواھہ نظم ۾ شيخ صاحب مجموعي طور جن موضوعن تي لکيو آهي اهي هيٺين طرح آهن:
سيرت طيبہ، سوانح نگاري، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ادب جي تاريخ، آثار قديمہ، لطيفيات، جاگرافي، لسانيات، صوتيات، گرامر، سنڌي لغت، ٻاراڻو ادب، لوڪ ادب، ناول، ڊراما، افسانا، مزاح نگاري، تنقيد، حڪمت، جنرل سائنس، ثقافت، تاريخ پاڪستان، تواريخ عالم، روحانيت، ناصحانہ مضمون، مختلف شاعرن جي ڪلام جون ترتيبون ۽ آتم ڪھاڻي.
ان کان علاوہ سندن افسانن، ڊرامن ۽ ناولن ۾ معاشري جي اڪثر موضوعن سان نباھہ ٿيل آهي، جن ۾ عشق و محبت جي راز و نياز کان وٺي غم دوران جي سڀني لوازمات تي قلم جنبش ۾ آهي. هتي شيخ صاحب جي لکيل ۽ ڇپيل چند ٻين ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا:
(1) سنڌي ادب جي تاريخ (ڀاڱو 1-2) (2) تاريخ عراق (3) سنڌ جا زيور (4) منھنجو افسانو (12 ڀاڱا) (5) رول (6) هاري (7) پيغام اقبال (8) آڌي رات (9) سيد جمال الدين افغاني (10) ظالم (11) تقدير (12) ماروئن جون محفلون (13) افسانا ٺهي سگهن ٿا (14) ادبي واڌارو (15) پرڏيھين ڏانھن پيغام (16) وينھان جو راڳ (17) تيرهن تالي (18) مدد خان پٺاڻ (19) هن دنيا ۾ (20) ريلوي جا فقير (21) قديم هنر (22) لوڪ شاعري (23) سپڙ سخي (24) رنن جا تال (25) ديواني مدينہ (26) نوراني جاسوس (27) مورڙو ميربحر (28) سنڌي ٻاهريان شاعر (29) مقالات الشيخ (30) ڳٺو ڍورو (31) چند همعصر.
وفات- حسرت آيات:
سنڌ جي هن دادلي ادبي فرزند تمام ٿورو عرصو علالت ۾ گذاريو. جگر جي ڪينسر جھڙي موذي مرض کي پاڻ پنھنجي پيٽ ۾ نپائي وڏو ڪيائين، پر تعجب آهي تہ بيماري جي تقاضائن جي بالڪل ابتڙ هن سدا ملوڪ ماڻھوءَ کي نشانيون ظاهر ٿيندي جلدي موذي مرض وٺي ويو ۽ پاڻ ڄام شورو اسپتال ۾ زير علاج رهي 24 آڪٽوبر 1986ع تي واصل بﷲ ٿيا. انا لله وانا اليـﮧ راجعون! سندن قطع تاريخ سنڌ جي ڪھنہ مشق شاعر مرحوم احمد خان آصف هن طرح ڪڍي آهي:
نيڪ دل هو نامور – معصوم شيخ،
”جنتي سومار واھہ – مرحوم شيخ.“
1986
هن جي لاڏاڻي – وڏو صدمو ڏنو،
ويو ڪري آصف، گهڻو مغموم شيخ.(32)
شيخ صاحب جي زندگي ۽ شخصيت تي تاثرات هڪ ڪتابي شڪل ۾ بہ ڇپيل آهن(33) تہ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ بہ آيل آهن. پر سندن علمي ادبي ڪاوشن ۽ فن تي اڃا تمام گهٽ لکيو ويو آهي. ضرورت آهي تہ سندن محنتن جي مڃتا طور اڃا گهڻو ڪجهہ لکيو وڃي. سندن محنت جو اجورو رب العزت کيس جنت الفردوس ۾ ڏيندو پر دنياوي معاملن طور ڏاڍو چڱو ٿئي جو کيس اسان جي ملڪي اعزازن مان ڪنھن تمغي يا اعزاز سان نوازيو ۽ ياد ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ تہ هن بيقدر ۽ نفسانفسي جي جھان ۾ اهڙا املھہ ماڻڪ وسارڻ بالڪل نہ گهرجن بلڪہ سندن حياتي مان سبق وٺڻ گهرجي.
ذاتي طور شيخ صاحب منھنجو مربي ۽ محسن هو. آئون ڪيترو بہ لکان سندس ڳڻ ڳائي ۽ ٿورا لاهي ڪونہ سگهندس. سندس بيماري وقت خواھہ ادبي مجلسن ۽ ڪچھرين ۾ آئون کين ڪافي ويجهو رهيس. پاڻ سدائين کل مک ۽ لطيفا سڻائيندڙ بنيادي طور مسڪين پر دل جو بادشاھہ ۽ سخي، علم ۽ حلم جو عملي نمونو، سادو کائڻ، سادو پھرڻ ۽ اهڙي ئي سندس سادي ۽ سليس زبان، بغض، ڪيني ۽ ڪوڙ کان پري، شاھہ صاحب جي بيت، ”تتي ٿڌي ڪاھہ، ڪانھي ويل وهڻ جي“ جي مڪمل تصوير هو. مون ساڻس گڏ پنڌ سفر بہ ڪيو تہ اعليٰ اسٽينڊرڊ جي هوٽلن ۾ ادبي رهاڻيون پڻ ڪيون، پر سندن مزاج ۾ ڪابہ تبديلي ۽ هٺ – وڏائي بنھہ نہ ڏٺم جڏهن ڄام شورو اسپتال ۾ آخري علالت وقت مون کين رَت جي بوتل ڏني تہ منھنجو نراڙ چُمندي چيائون تہ اڳ پاڻ ڀت ڀائي هئاسون هاڻ ٿياسون رت ڀائي. مون کي سدائين پيار ۽ پاٻوھہ سان نوازيائين، علم سيکاريائين ۽ تاريخ ۽ ثقافت سان چاھہ جو سبق ڏنائين. هميشه کلندي کلندي ڳالھہ ڪندو هو تہ سندن ڪيترا ڪتاب سنڌ جا ناليوارا اديب ڦٻائي ويا. هڪ ٻن تہ سندس ڪتاب پنھنجن نالن سان ڇپائي بہ ڇڏيا، پر شيخ صاحب مرحوم ڪنھن سان بہ شڪوہ شڪايت ڪونہ هئي. ڄام شوري اسپتال ۾ بيماري جي جنگ بہ کلندي کلندي ٽھڪ ڏيندي لڙيو. سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ مون ڪڏهن بہ سندس زبان تي تنگدستي ۽ مفلسي جون شڪايتون نہ ٻڌيون. بيشڪ معمور يوسفاڻي ”بديڻن“ تي لکيل چاليھن صفحن جي مثنوي ۾ (جيڪا پاڻ شيخ صاحب جي فرمائش تي لکيائون) ڪيترو نہ ڀلو چيو آهي:
دور هن جي سونھن آ، ”سومار شيخ“،
آهي سڀني جو پيارو، يار شيخ.
جنھن لکيا آهن سٺا ڪيئي ڪتاب،
جنھن جون تصنيفون سڀئي لاجواب.
ڀونءِ جنھن تي ٿا رهن، ھہڙا اديب،
ڀونءِ ان جو آ ٿيو اعليٰ نصيب.
(بدين ضلعي جو مطالعو)
حوالا:
1. ڪلام مرکان شيخڻ، شيخ محمد سومار، ص: 20، جيلاني پبليڪيشن بدين، 1971ع.
2. شيخ قرهيي ڀانڊاري کي ڳائيندڙ شاعر، شيخ محمد سومار، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1978ع.
3. قلم وهي ويو ڪانھن، شيخ محمد سومار، مير محمد بخش ٽالپر جو تاثراتي نوٽ.
4. ڪليات شيخ ﷲ بچايو، مرتب: شيخ محمد سومار، جيلاني پبليڪيشن، بدين 1970ع.
5. ٽماهي ”مھراڻ“ (شاعر نمبر، ص: 714، ايڊيٽر: غلام محمد گرامي.
6. در ناياب عرف يادرفتگان (ٻيو ايڊيشن)، مرتب: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ.
7. ڪليات ﷲ بچايو، شيخ محمد سومار.
8. محمد سومار شيخ (شخصيت ۽ فن)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.
9. بدين ضلعي جو مطالعو، مرتب: محمد سومار شيخ، محمد موسيٰ جوکيو جو مضمون، ص: 333.
10. مھراڻ (شاعر نمبر)، غلام محمد گرامي.
11. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ص: 400، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر 1990ع.
12. بدين ضلعي جو تعارف، ص: 21، مرتب: شيخ محمد سومار.
13. محمد سومار شيخ (شخصيت ۽ فن)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
14. ماهانہ ”نئين زندگي“ ڊسمبر 1986ع، ايڊيٽر عابد لغاري، ظفر ڪاظمي جو تاثراتي مضمون.
15. ”بدين ضلعي جو اديبن شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين نامه“، مرتب: شيخ محمد سومار، 1983ع. ضلع ڪائونسل بدين.
16. بدين ضلعي جو مطالعو، مرتب: شيخ محمد سومار، ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مضمون: بدين ضلعي جا بزرگ.
17. ماهوار ”نئين زندگي“، 1980ع کان 1982ع جا مختلف پرچا، جن ۾ عابد لغاري جو مضمون ”سنڌ تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾“ قسطوار ڇپيل آهي.
18. در ناياب، (ٻيو ايڊيشن)، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ.
19. لاڙ جو مطالعو، مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، هدايت پريم جو مضمون: سنڌي لسانيات ۾ محمد سومار شيخ جون خدمتون.
20. (الف) شاھہ جا گم ٿيل بيت (سر مارئي)، شيخ محمد سومار قرهيي پوٽو. (ب) شاھہ جا گم ٿيل بيت (9 سُر)، شيخ محمد سومار بدينوي، اسلاميہ دارالاشاعت، حيدرآباد 1957ع. (ج) ماهوار ”انسان“، ايڊيٽر م.ع. ڏيپلائي.
21. ماهوار ”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1956ع، ڊاڪٽر دائودپوٽہ جو مضمون.
22. (الف) املھہ اڻ توريا، فقير امداد علي سرائي. (ب) قدم ڪاپڙين جا، فقير امداد علي سرائي.
23. ڪڇين جا قول (ص: 140)، شيخ محمد سومار.
24. لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا، (1986ع)، شيخ محمد سومار، تنظيم فڪر و نظر سنڌ، سکر.
25. (الف) ماهوار نئين زندگي، ڊسمبر 1981ع، مارچ، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ 1982ع- مارچ 1983ع جا پرچا ڏسو: معمور يوسفاڻي جو مضمون: ”لطيف جو ٿرپارڪر جي ايراضي ۾ سير سفر“. (ب) سنڌ باب الاسلام، پروفيسر اسد ﷲ ڀٽو، ڏسو: معمور يوسفاڻي جو مضمون: ”ٿرپارڪر ۽ شاھہ لطيف.“
26. شاھہ لطف ﷲ قادري جو ڪلام، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
27. ”لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا“، شيخ محمد سومار، ڏسو: شاھہ لطف ﷲ قادري جو احوال، ص: 114.
28. تاريخ سجاول- عزيز جعفراڻي، ڏسو: محمد سومار شيخ جي تحرير ”ورکا“، ص: 30
29. لاڙ جو مطالعو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڏسو: مضمون: لاڙ ۾ ثقافتي سرمايو، ص: 104.
30. ٽماهي ”مھراڻ“ (شاعر نمبر)، ايڊيٽر: غلام محمد گرامي
31. شيخ قرهيي ڀانڊاري کي ڳائيندڙ شاعر، شيخ محمد سومار، لاڙ ادبي سوسائٽي.
32. ماهنامه ”نئين زندگي“ (ڊسمبر 1986ع)، ص: 40
محمد سومار شيخ جي وفات تي لکيل تعزيتي نوٽ، مرتب: ابوبڪر شيخ- (لاڙ ادبي سوسائٽي 1986ع).
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
عمرڪوٽ