بديون لاھہ بندي ء تان
پوان پئي پانھين، احمد ڄام اڄ تائين،
مديني جا سائين، وسيلو ٿي وار وار جو.
جبل وڌيس جهوري ڏسان آئون ڪيئن ڏوري؟
عربي اچ تون اوري، پتڻ ٿي هن پار جو.
(هي مولود پني ڦاٽي وڃڻ ڪري نامڪمل آهي)
گل محمد گل سومرو لوڪ شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريو آھي. ھي ڪلام مختلف ماڻھن کان ۽ ڪجهہ بَندين مان حاصل ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل شاعريءَ ۾ حمد، نعت، قلندرانہ ڪلام، عاشقانہ ڪلام، سُر وارا ڪلام، سارنگ جا بيت ۽ ٻي شاعري شامل آھي.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو