پاڻ آهيون ڪٿي...؟
بُرا ڏين ٿا بهارن کي باهيون،
دنيا جي حسين نظارن کي باهيون.
دنيا ۾ امن جي اڇي پکي کي بي دردي سان ڪُٺو ويو آهي. ڦر، چوري، ڌاڙا، رهزني، ڏاڍ مڙسي، قبضاگيري، اقرباپروري، مذهبي انتهاپسندي، خودڪش حملا، ڪاروڪاري ۽ قبائلي تڪرارن اسان جي پُرامن معاشري کي رت سان وهنجاري ڇڏيو آهي. اٽي جي هڪ ڪلو تي انسان جو قتل ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ سرداري نظام ۾ ٿيندڙ دهشتگردي سبب اسڪولن کي تالا آيل آهن. سنڌ جي اُترين ضلعن ۾ قبائلي فسادن سبب اسڪولون بند پيل هجڻ ڪري اُتي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. پاڻي جي واري جي پنجن منٽن تان يا ٻين مس ڪال جھڙي معمولي ڳالهين تان شروع ٿيل تڪرار هيستائين سوين قيمتي انساني جانيون ڳڙڪائي چڪا آهن. انهن علائقن ۾ ذاتي دشمنيون پارڻ خاطر پنهنجي ئي گھر جي بي گناهه عورتن کي موت جو کاڄ بڻائڻ جو غير انساني عمل هن معاشري کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. اغوا، ڦرون، ڌاڙا، قتل و غارت جي ڪري هي علائقا ترقي بجاءِ تباهي طرف وڌن پيا. ڇوته انهن علائقن ۾معمولي نويت جا ذاتي مسئلا به قبيلائي تڪرارن جي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ انهن علائقن ۾“ذات مار” سوچ جنم وٺي ٿي. جنهنڪري هڪ ذات جا ماڻهو ٻي ذات جا قاتل ويري بڻجي ويندا آهن. ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ انتهاپسندي ۽ تنگ نظر جنوني ذهينيت جي ڪري خودڪش بم ڌماڪا روز جو معمول بڻيل آهن. بم ڌماڪن جي ڊپ کان وڏن شهرن ۾ معصوم ٻار اسڪولن ۾ وڃڻ کان لنوائن ٿا. پشاور سانحي کانپوءِ پشاور توڙي ٻين وڏن شهرن ۾ ٻيهر پرامن تعليمي ماحول جوڙڻ وڏو مشڪل ڪم هو. خود ڪش حملن ۾ شهيد ٿيندڙ اسڪولي ٻار صبح سويلي پنهنجي والدين کي آخري چمي ڏيئي هٿ لوڏيندا موڪلائي سلامت پنهنجي گھرن مان روانا ٿيا هئا. ڪجھه ڪلاڪن بعد انهن جا گولين سان پروڻ ٿيل جنازا والدين کي پنهنجي ڪلهن تي کڻڻا پيا. ڪتابن جي بيگ ۾ اڌ ۾ رهيل پينٽنگ، رنگين پينون رانديڪا، چاڪليٽ، ٽافيون، ماني جا ٽفن باڪس رت جي ڇنڊن سان رنگجي ڪلاس جي ڪنڍ ۾ ئي پيل رهيا.
کڻي پوپٽن جا جنازا هٿن تي، اُٿي ويا مسافر ڇڏي ڀاڪرن کي،
هوائن ۾ آهي شهيدن جي خوشبوءُ ، پرين اڄ اسان جي پُڇا کي ڇڏي ڏي.
هڪ طرف دنيا جون طاقتور ڌريون پنهنجي ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ انتهاپسندي ۽ جنونيت کي هٿي ڏيئي ڪائنات جي امن کي ڏچي ۾ وجھي ڇڏيو آهي. ته ٻي طرف دنيا جون سرمائدار واپاري ڌريون پنهنجي هٿيارن جي منافه بخش ڪاروبار جي دائري کي سڄي ڌرتيءَ ۾ وسيع ڪرڻ خاطر ڪڏهن به دنيا مان فڏي فساد ۽ جنگ جو خاتمو نٿيون چاهين. ڇوته دنيا ۾ امن جي بهتر صورتحال سان هي موت جي وکر جو وڪرو بند ٿي ويندو. دنيا جي انهن موٽن ماڻهن جي روزي روٽي ان ڪڌي ڪاروبار سان منسلڪ آهي. جنهن ۾ دنيا هڪ اڻکٽ جنگ ۾ مبتلا هجي ته جيئن هٿيارن جو واپار وڏي پيماني تي جاري رهي. ان ڪاري ڪاروبار سان هڪ طرف دنيا رت سان لال لهو ٿيندي ته ٻي طرف هٿيارن جي واپاري سرمائدارن جي دانگي چڙهيل هوندي. ان کان علاوه دنيا جي سرمائدار ملڪن جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل اهي ملڪ به آهن جن ملڪن ۾ معدني وسيلا، گيس، پيٽرول، ڪوئلو، پاڻي، سمنڊ ۽ بندرگاهون آهن. عالمي قبضا خور سامراج انهن وسيلن ۾ اک هنيو ويٺا هوندا آهن. ڪو معمولي ۽ غير جمهوري جواز ڄاڻائي انهن غريب ملڪن تي غيرقانوني ڪاهون ڪري سندن قومي وسيلا قبضي هيٺ آندا ويندا آهن. هن وقت دنيا ۾ تيزي سان وڌنندڙ انساني آدمشماري سبب مستقبل ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ هن دنيا جو وڏو مسئلو ٿي اُڀرندي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ دنيا جي ڏاهن ۽ دانشورن جي وس جي ڳالهه نه هوندي . ڇوته بک جي بيماري جو علاج سيمينارن ۾ ٿيل ڊگھين ورن وڪڙن وارين وڏين تقريرن بجاءِ ظاهري طرح سادڙو پر حقيقت ۾ انتهائي پيچيده حل فقط “ماني” آهي. هن وقت دنيا جي آبادي جي اڪثريت سان اٽي، لٽي ۽ اجھي جو مسئلو وڏي پيماني تي درپيش آهي. دنيا ۾ ايٿوپيا جهڙا لاتعداد ملڪ هن دور ۾ به اهڙن مسئلن جو شڪار آهن. بين القوامي ادارا انهن پسمانده مسڪين ملڪن ۾ اڄ ڏينهن تائين “ماني” جي اڻهوند جي ڳنڀير مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن. اهڙي بدحالي واري صورتحال ۾ ملڪ بدامني جي خطرناڪ حالاتن جو شڪار ٿي دنيا جي نقشي تان مِٽجي ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪائنات جو بقا انسان ۽ فطرت جي سلامتي سان واڳيل آهي. ڪائنات ۾انسان، انسانيت دشمن سوچ ۽ فطرت جي ويري ذهينيت هن دنيا کي دوزخ بڻائڻ ۾ ڪسر نه ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن ڪائنات ۾ انسان ۽ انسانيت محفوظ نه رهي ته يقينن هن خوبصورت ڪائنات جو حُسن خطري ۾ پئجي ويندو. هن دنيا جا سنجيده، باشعور ۽ ذميوار ماڻهو جيڪڏهن هن معاشري ۾ دهشتگردي ختم ڪري امن قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا ته دنيا ترقي ڪندي. مقدس تعليمي ادارن مان دنيا جا بهترين ڊاڪٽر، انجينئر، وڪيل پيدا ٿي سگھندا. عالمي انسانيت ۾ ٻڌي، اتحاد، يڪجھتي، امن، رواداري سان دنيا جي امن کي بچائي سگھجي ٿو. انتهاپسندي ۽ رجعت پرستي جي ڪُند ذهين روين کي ترڪ ڪري انساني اڻبرابري، رنگ، نسل، اوچ نيچ ۽ مت ڀيد جو فرق ختم ڪرڻ سان امن بحال ٿي سگھندو. انساني قدرن بابت سوچ جي سطح جي بُلندي کي اوچو ڪرڻ هن وقت جي اهم ضرورت آهي. هن اهم سمي تي دنيا جي امن پسند ماڻهن پنهنجي معاشري جي بهتر جوڙجڪ نه ڪئي ته پوءِ جھڙو فصل پوکبو اهڙو ئي لڻبو. جيڪڏهن هن دور جو جديد انسان پنهنجي ڌرتيءَ جي گولي تان دهشتگردي جي مڪمل خاتمو يقيني نه بڻائي سگھيو ته هن معاشري ۾ پڙهيل لکيل سائنسدان ۽ فلاسافر پيدا ٿيڻ بجاءِ خودڪش بمبار، ڌاڙيل، چور، ڦورو ، قبضاخور مافيا جو راڄ هوندو ، هر طرف جهالت جي اونڌاهي ٻاٽ هوندي. هي ڌرتيءَ ڏوهارين جي آماج گاهه بڻجي ويندي. هر طرف خودڪش ڌماڪن جا پڙاڏا، گولين جي گونجار، ڪهاڙين جا ڪڙڪا، بمن جون باهيون هن سهڻي ڪائنات جي وجود کي ساڙي ڇڏينديون. دنيا کي امن ۽ علم جي انقلاب جي ضرورت آهي. جنهن سان ڌرتيءَ جي گولي کي امن جو آشيانو بڻائي انسان ۽ انسانيت کي بچائي سگھجي ٿو.
دنيا چاهي ڪيتري به ترقي ڪري جدت جو ويس پاتو هجي پر ان سڄي سفر ۾ انساني آدرش ختم ٿي چڪا آهن. شايد اڄ به جديد دور جي قديم ماڻهو جي “حوس” تي جھنگلي قبيلن جا ماڻهو اچرج کائيندا هجن ۽ هو جديد ٿيڻ کان توبهن ڪندا هجن؟ برابر جھنگل جا به ڪجھه قانون آهن انهي تحت اهي ماڻهو پنهنجن قانون جي وڏي پاسداري ڪندا آهن. جديد دور ۾ به جهنگلن ۾ رهندڙ ماڻهو هڪٻئي تي خودڪش حملا نٿا ڪن. انهن ماڻهن کي سوئيز بينڪن ۾ ناڻو رکڻ جي ضرورت نٿي پوي، جھنگل جي ماڻهن تي وڪي ليڪس ۽ پاناما ليڪس ۾ ذڪر ناهي، جهنگل جي قديم ماڻهو ته پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ لڳائڻ ۾ ملوث نه هو ۽ نه ئي ٽي عالمي جنگ جي تياري پيو ڪري، پر ٽين عالمي جنگ جي تياري به اسان جي جديد دور جو سڌريل انسان پيو ڪري. ماضي ۾ٿيل ٻنهي عالمي جنگن سان لکين قيمتي انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون، انسان ذات جي ان وڏي ڪوس انسانيت کي لڄائي ڇڏيو. ايٽم بم، ڪيميائي هٿيار ۽ ڊورن سميت ٻيا خطرناڪ هٿيار ٺاهڻ جو “ڪارنامو” به جھنگلي ماڻهو نه پر ترقي يافته دور جي جديد ماڻهو سرانجام ڏنو.
پنهنجي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ امن کي تباهه ڪرڻ بعد فطرت سان هٿ چُراند ڪري ڪائنات ۽ فطرت ۾ تضاد پڻ نئين دور جي انسان پيدا ڪيو آهي. جنهنڪري اڄ سموري ڪائنات جو وجود سخت خطرن ۾ گھيريل آهي. جديد دور جي مهذب ماڻهو پنهنجي گھر کي پاڻ جلائي تماشبين بڻيو آهي. ترقي يافته دور جي نئين انسان جا “لڇڻ” ڏسي جھنگلي ماڻهو جا لڱ ڪانڊارجي ويا هوندا ۽ خودڪش ڌماڪن ۽ ٽنڊو محمد خان جي زهريلي ٺري ۾ مرندڙ ماڻهن جي سانحن ته سندن ڏيل ڏڪائي ڇڏيا هوندا. معصوم ٻارن سان زنا ۽ بي دردي سان قتل تي هو پنهنجا ٻچڙا وٺي وڻن تي چڙهي ويا هوندا. جهنگل جي ماڻهن ۾ سول سوسائٽي، سياسي پارٽيون، ذات پرستي جا اتحاد، هيومن رائٽس، ميڊيا، فوج، عدالتون نه هوندي به مثالي امن قائم آهي. اُتي ته ڪاروڪاري ۽ چرڀيلي جھڙي ڪُڌي رُسم نه آهي. انهن وٽ نه اليڪشن آهي نه ئي سليڪشن ۽ نه ئي دانڌلي آهي. ڇا هن دور جي “مهذب” ماڻهو کي جھنگلي انسان جي سماجي نظام مان سکڻ پوندو.؟
جديد دور جي نئين انسان جون عادتون ڏسندي سچ پڇو ته پشيماني ٿئي ٿي. ماڻهو مان ماڻهپو نڪرڻ کان پوءِ هو انسان سڏائڻ جي لائق آهي؟ ۡڪهڙي منجھه حساب هو آدم کي ڪوهي آدم سڏائي ٿو ۽ آدم کي ئي لڄائي ٿو. اوچ نيچ ۽ اڻبرابري جا پيمانا مقرر ڪري خود ساخته عظمتن جي مينارن تي ٽنگجڻ جي خواهشن ۾ جڪڙجي انسانيت جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي آهي. انسانيت جي تقدس جي بحالي لاءِ هن دور جي سنجيده ماڻهو کي انسانيت ۾ اعتماد بحال ڪرائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي.