دنيا جو اصل مسئلو “بُک” آهي.؟
ڪي ماڻهو فقط ايترو کائيندا آهن جو صرف زنده رهي سگھن پر ڪجھه ماڻهو ته زنده ئي کائڻ لاءِ هوندا آهن. جڳ مشهور سماج سڌارڪ مسڪين جھان خان کوسو به ماني جي پرواهه ڪرڻ بنان لڱ ساڙيندڙ لُڪن ۾ لڪ لتاڙيندو خدائي خلق جي ڀلائي خاطر هن سماج جون صعوبتون، تڪليفون، ڏک، پيڙاهه، مشڪلاتون ۽ سور سهندو اڳتي وڌندو رهيو. سندس جيون ساگر جي سماپتي لمحن دوران لال بتي جي هڪ وارڊ ۾ هڪ عظيم ۽ نامياري سماج سڌارڪ جي موت جي ٻين سببن سان گڏ چار ڏينهن کان ماني نه کائڻ به هڪ سبب هو. بک هن سهڻي دنيا جو وڏو مسئلو هئي، آهي ۽ مستقبل ۾ به رهندي. ان مسئلي جو مستقل حل هيستائين نه نڪري سگھيو آهي. دنيا ترقي جي بلندين کي ڇُهي پئي، سائنس ۽ جديد ٽيڪنالوجي جو نت نيون ايجادون، ڪائنات جا راز پروڙڻ، ناممڪن کي ممڪن بڻجڻ جو تعميري سفر، چنڊ تي انساني قدم، مريخ تي زندگي جي ڳولا، فاصلا مختصر ٿيڻ، ڊي اين اي ۽ ڪلونگ سميت ٻيا سائنسي دنيا جا بي مثال انقلابي ڪارناما جن دنيا کي حيرت انگيز ترقي ڏياري آهي، پر ان سڄي ترقي جي تاريخ ۾ بک جو بلو نه ڪيو ويو. ان سائنسي حقيقت کي تسليم ڪرڻ لاءِ ذهني طرح تيار رهڻ گھرجي ته بک بحال رکڻ خاطر ڳڀي جو ڏڪار دنيا جي وڏن هٿن جو هنيل آهي. ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هيستائين ڪائنات جون حالتون ۽ لقاءُ مسلسل بدلائو ۾ رهيا آهن. يعني ڪائنات جون ٻيون به اڻ ڳڻيون شيون “نفي جي نفي” واري عالمي سائنسي قانون تحت فنا ٿينديون رهيون آهن پر تبديلي فنا نٿي ٿئي اها مسلسل برقرار رهي آهي. بلڪل ائين ئي تبديلي سان گڏ بک به برقرار رهي آهي. معنى ته بک فنا نٿي ٿئي، بک کي موت نٿو اچي، بيڪٽريل شين کي اينٽي بايوٽيڪ سان موت اچي ٿو، بک ڄڻ وائرل هجي ۽ وائرل شين کي زندگي ئي ناهي ته موت ڪٿان ايندو؟ بک جو علاج مستقل نه پر عارضي آهي. بک جو خطرناڪ مرض زندگيون کائيو وڃي. بکايل ماڻهو دنيا جي ڪهڙي به خطي جو هجي پر بک جو سور ۽ بک سبب پيٽ ۾ پيل مروڙ جو درد سڄي ڪائنات ۾ هڪجھڙو آهي. سور جي ڪيفيت ۽ رت جو رنگ به هر جاءِ تي هڪجھڙو آهي. دنيا جي مقدس وجود تي بک جي جمودطاري آهي ۽ دنيا جي ترقي ۾ رڪاوٽ جو راز به بک آهي. بک جي خلاف ڪيتريون ئي بک هڙتالون به رڪارڊ تي آهن.
ڪائنات ۾ ساهوارا پنهنجي نسلي واڌ ويجھه خاطر بک سان ويڙهه ڪري پنهنجو وجود بچائن ٿا. هڪڙا ساهوارا ٻين جيوتن کي کائي پيٽ جي بک اُجھائن ٿا ۽ پنهنجو نسل برقرار رکي ڪائنات جي وجود جي گواهي بڻيل آهن. جڏهن ته ڏاڍا ۽ هيڻا بک مٽائڻ وارن وسيلن تان وڙهندا هڪٻي جي نسل ڪشي ڪندا رهيا آهن. پر بک ۾ گُرڙ پکي جا صفا هوش خطا ٿيو وڃن. جنهنڪري هي خوني پکي بک ۾ پنهنجا جيئرا ٻچا ٻوٽي ٻوٽي ڪريو کايو وڃي. تنهنڪري ان پکي جو نسل ناياب ٿي ويو آهي پنهنجي نسل جي ناياب ٿيڻ جو ذميوار به هو پاڻ آهي. اهڙي صورتحال ماڻهو جي به ٿيندي نظر اچي ٿي. بک اجھائڻ خاطر ماڻهو ٻي ماڻهو جو ماس پٽي پيو. جنهن ڪري هاڻ ماڻهو پنهنجي ئي نسل لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي ڪائنات ۾ ماڻهو جو ماڻهو کان وڌيڪ ٻيو ڪو ويري نه آهي. پکي خوراڪ جي ذريعن جو زخيرو نٿا ڪن، پر ماڻهو اناج جا زخيرا ڪري ٻين ڪروڙين انسانن کي بک تي رکيو اچي. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ سميت ٻين خودڪش حملن، جهيڙن، فڏن ۽ فسادن ۾ هيستائين ڪروڙين انسان موت جو راڪاس ڳڙڪائي چڪو آهي. هن دنيا کي امن ۽ شانتي جو آشيانو بڻائڻ جي ڳالهه ڪندڙ ماڻهو دنيا مان فقط بک ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. ان سبب ڪيترن ئي مسڪين ملڪن جا ماڻهو اڄ به خوراڪ جي شديد قلت جي ڪري حياتيون وڃائن پيا. هن ڌرتيءَ تي انساني آبادي جي نسل ڪشي صرف گولين، بندوقن، ايٽمي هٿيارن ۽ بيمارين سان نه ٿي آهي پر ان قتل عام ۾ بُک جو اهم ڪردار رهيو آهي. دنيا جي دورنگي بازار ۾ مختلف فلسفا ۽ نظريا بازاري وکر جيئن موجود آهن. دنيا ۾ ڳاڙها، ڦڪا، ساوا، اڇا، ناسي، ڪارا، گلابي، رتام خوني انقلاب، ورن وڪڙن وارا پيچيده انقلاب، طوطي جي پرن جهڙن ساون ۽ سبز انقلابن جا هوڪا هُلن ٿا. پر بک فقط ماني جي ٻولي سمجھي ٿي. بقول حافظ نظاماڻي جي
سڄو ڏينهن جي ويهي مان سجدا ڪيان،
ته ماني جو ملهه ڏس مونکي ڪير ڏيندو.؟
آدم جو اولاد آ، ملائڪ ته ناهي،
جڏهن پيٽ ڀربو تڏهن اک پٽيندو.
تنهنڪري بک کي ختم ڪرڻ جي انقلاب جون ڳالهيون به خيالي پلاءُ جيئن وڻن ٿيون، پر انهن ڪتابي، دانشوراڻين ۽ فلسفاڻين ڳالهين سان پيٽ نٿو ڀرجي. بک کي ڇاٻ دانگي جي پٽي (ماني) سان ايندي آهي.نوخيز نيڻن ۽ ڌرتيءَ جي عشق ۾ برابر ڳڀي ڀت جي ضرورت هڪ تاريخي ۽ سائنسي حقيقت رهي آهي. پيٽ جي دوزخي باهه اُجھائڻ لاءِ ٻن مانين سان گڏ ٻوڙ جو ذرو ملي وڃي ته هينئي کي ٿڌو ڇنڊو لڳي ويندو. زندگي جي گاڏي کي بک جو ڪنڊو پنڪچر ڪري ٿو پر وري به ماني جي چتي زندگي ۾ ساهه ڀرندي آهي. قبرون کوٽيندڙ گورڪي جي روزي روٽي ماڻهن جي موت سان منسلڪ آهي. بک جي مجبوري انساني آدرشن جو آڪال آندو آهي نه ته ماني گرهه خاطر ماڻهو مرڻ لاءِ دعا ڪير گھري؟ ڪيوبا جي آزادي واري ويڙهه ۾ فيڊرل ڪاسترو ۽ چي گويرا جهڙن انقلابي جوڌن جنگ دوران محاذ تي بک ۾ ڀولڙا ۽ گھوڙا ڪُهي کائي به سامراج خلاف ثابت قدمي سان ڄمي وڙهيا هئا. انهن انقلابي اڳواڻن جي لازوال ۽ عظيم قربانين جي نتيجي ۾ سندن وطن ۾ انقلاب جي سج اُڀريو ۽ بک جو خاتمو آيو. ايوب کوسي جو قلم بک کي هيئن ٿو ڏسي اي بکيا! ماني آسماني صحيفو ناهي، پورهيتن ان کي پنهنجي رت ۽ پگھر سان زمين مان پيدا ڪيو، پر سرمائدار ان کي اغوا ڪري ويا. سموري دنيا تي غير جمهوري طريقي سان قابض چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترين عالمي سامراجي قوتن جي مکيه ايجنڊا ئي اهو آهي ته هن حسين ڪائنات ۾ بک کي ڪيئن برقرار رکجي ۽ دنيا جي بکين ماڻهن تي حڪمراني ڪيئن قائم رکجي؟ استاد بخاري جي سٽن ۾
اسان اڌ ڍاوا اوهين وڌ ڍاوا،
اسين ڦٿڪون ٿا، اوهين فاٽو ٿا.
دنيا جي ست ارب آبادي مان تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا جيڪي ٽي ويلا ماني کائي سگھندا هوندا، پر اڄ به انسانن جي وڏي اڪثريت بک سبب ويلا ڪاٽڻ تي مجبور آهي. هن دنيا ۾ ماني جي مجبوري انساني حقن جي عالمي ادارن، بک کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ مها سماجي اڳواڻن، خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ جي پروجيڪٽ هلائيندڙ ادارن لاءِ چيلينج ان ڪري بڻيل آهي جو بک ختم ٿي وئي انهن جا پروجيڪٽ به ختم ٿي ويندا، دنيا جي غريب انسانن جي بک اميرن جي ڍئو جو لڪل راز به آهي ته هن دنيا جو وڏو الميو به آهي جو هن خوبصورت ڪائنات ۾ اشرف المخلوقات جي فنا ٿيڻ جو باعث بک بڻجي رهي آهي. “ڍائو کنهي پيٽ، بکئي جو وڃي ساهه” هڪ طرف دنيا جي مالدار ماڻهن کي شگر، بلڊ پريشر، چرٻي ۽ وزن وڌڻ سميت لاتعداد بيماري ۾ هرقسم جي غذا تي پابندي عائد ٿيل هوندي آهي جنهنڪري اهي ماڻهو هن وڻندڙ ڪائنات جي لاجواب ذائقن کان محروم هوندا آهن، ۽ ٻيا اهي ماڻهو جيڪي بک لڳائڻ جو دوائون ته کائن ٿا پر کين بک نٿي لڳي. ٻي طرف گھڻائي ۾ اهي ماڻهو آهن جن جو وزن فقط بک ۽ خوراڪ جي شديد ڪمي جي ڪري خطري جي حد تائين گھٽجي ٿو نيٺ انهن ڪروڙين مسڪين انسان جي زندگي جو انجام موت جي چوواٽي تي دنگ ڪري ٿو. جتي بک زندگي جا سگنل ختم ڪريو ڇڏي.
دنيا جي گولي تان وڏي ۾ وڏو ساهه وارو جانور مرحوم ڊائنوسار ان ڪري پرلوڪ پڌاري ويو جو سندس پيٽ پوجا وارو مسئلو وڌي وڻ ٿي ويو هو. خوراڪ جي ذريعن جي شديد قلت ڊائنوسار جو نسل ئي ختم ڪري ڇڏيو. “بُک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري” بُک انقلابن جو سبب به بڻجندي آهي ته رڪاوٽ به، پر جديد ميڊيڪل جي ڪامياب تجربن ۾ ڪٿي به اهيو ثابت نه ٿيو آهي ته بُک ڪا بيماري آهي؟ پوءِ ٿر جا مسڪين ٻار بُک ۾ ڇو ٿا مرن؟ بُک کان بچاءَ جي ڪا احتياطي تدابير يا ويڪسين آهي؟ مجنو ته ليلى جي حُسن ۽ عشق ۾ زمانن تائين بر پٽن ۾ ٿُڙ بڻيو بيٺو هو، مٿس وڻ ويڙهي وراڪا ڏيئي وئي هئي، هڪڙي ڪاٺير ته وڃي ڪهاڙو وڌو تڏهن وڃي مجني رڙ ڪئي “ير!حضرت عشق جي وڍيل کي نه وڍ ” جڏهن ته اڄ حُسن ۽ عشق جي صورتحال بابت زميني حقيقتن جي عڪاسي هنن سٽن ۾ ڏسجي ٿي ته “ڍئو بنان ڍولا ناهي ساڃاهه سونهن جي” هاڻ سائنس کي اهيو ثابت به ڪرڻو آهي ته عاشق مست مجني ايڏو عرصو بُک ڪيئن برداش ڪئي؟ اهيو فارمولو ٿر سميت ايٿوپيا جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي ٻُڌائي سندن زندگي بچائي وڃي. جيئن ريگستاني جانور اُٺن ۽ ڍڳن جي پُٺن تي چرٻي جو وڏو ٿوهو کين ڏڪار جي صورت ۾ گھڻي عرصي تائين بُک برداش ڪرڻ جي قوت فراهم ڪري ٿو. هن جديد دور ۾ عضون جي پيوندڪاري، پلاسٽڪ سرجري، مصنوعي اکيون، ڪن، نڪ، چپ، جيرو، گڙدا لڳائڻ ۽ جنس مٽائڻ جا ڪارناما سرانجام ڏيندڙ ميڊيڪل جي ماهر مسيحاهن کي گهرجي ته بُک متاثر ماڻهن جي پُٺ ۾ به “ بُک پروف ٿوهو” هڻي دنيا جي اڪثريت کي بک سبب موت جي راڪاس کان بچايو وڃي نه ته ماڻهو به ڊائنوسار جئين ڌرتيءَ ماتا جي گولي تي ناياب نسل بڻجي ويندو. وقت به وقت ٿرپارڪر، ڪوهستان ۽ اڇڙي ٿر سميت سنڌ جا ڪيترائي علائقا شديد ڏڪار جي ور چڙهيل رهندا آهن. جتي بُک وڏو مسئلو بڻيل آهي. انهن علائقن ۾ نائجيريا ۽ ايٿوپيا جهڙيون حالتون پيدا ٿيندي نظر اچن ٿيون. بک دنيا جي سائي وڻ کي بي پاڙهي ول جيئن ويڙهي وئي آهي جنهن هن ڪائنات کي سڪائي رکيو آهي. دنيا اربين بکايل ماڻهو پنهنجي تقدير کي پاڻ بدلائڻ بجاءِ گٺل پيٺل موروثي نظرين ۽ نعرن جي ذريعي تقدير بدلجڻ جي آسري ۽ ڪنهن معجزاتي چمتڪار جي اميد تي هوندا ته بک سندن نسلن ڪشي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي سندن معصوم بُکن ۾ پاهه ٿي ويندا. جڏهن ته دنيا جي سمورين تحقيقاتن ۾ اهيو ثابت ٿي چڪو آهي ته بُک ڪو لاعلاج مرض نه آهي. بک جون پاڙون ۽ ٺڪاڻا غريبن جا گھر آهن جتي هو مستقل مهمان طور ترسيل آهي. دنيا جا ماڻهو پنهنجي بُک جو پاڻ مستقل علاج ڳولن ته جيئن دنيا مان بک جو باب بند ٿي سگھي. بکن سبب مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جي مرڻ سلسلو نسل در نسل هلندڙ آهي. دنيا جا موروثي امير ماڻهو اميرترين بڻجندا وڃن ۽ غريب ماڻهن کي غريب ترين رکڻ لاءِ سرمائيدار سامراج ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڏا ماڻهو ڪوشان آهن. بُک، بيروزگاري ۽ بدحالي سبب مايوسين جي ڪُن ۾ ڦاٿل مسڪين ماڻهو خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اُجھائڻ ۾ مسئلن جو حل سمجھن ٿا. ڪافي ڀيرا ته ڪجھه ماڻهو پنهنجا معصوم ٻچڙا بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ هوڪا ڏيندي ڏٺا ويا آهن. اهڙيون خبرون وقت به وقت ميڊيا تي پڻ اينديون رهيون آهن اهڙي خطرناڪ صورتحال تي سڄي دنيا جي ساڃاهه وند ڌرين ۽ باشعور انسان دوست ماڻهن کي سنجيدگي سان غور ۽ ويچار ڪري مستقبل لاءِ بُک ختم ڪرڻ جي پلانگ ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ بُک آنا ٻچا ڏيئي سڄي دنيا ۾ پنهنجا فارم کولي ڇڏيندي. بک جي ان خطرناڪ صورتحال کي وس ۾ آڻڻ انسان جي وس جي ڳالهه نه هوندي. تنهنڪري بک جي بدنما داغ کي دنيا جي حسين دامن تان ڌوئي صاف ڪريون.