اڌ بٽئي تحريڪ، مائي بختاور ۽ هاري تحريڪ ماضي، حال ۽ مستقبل
ڪڇي ڪاڇوٽي ناگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،
انهين سندي چوٽي پورڀ ٿيندي پڌري.
سنڌ ۾ شهيد شاهه عنايت شهيد جي مسڪين پورهيت هارين جي حقن لاءِ هلايل ان وڏي هاري هلچل بعد هڪ وڏي وٿي کانپوءِ ٻيهر سنڌ هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي هاري هلچل هلائي. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ايوان اقتدار کان ٻاهر هوندي به ان جدوجھد ۾ هارين جي حقن جا مطالبا مڃرايا هئا. ان ڪامياب ۽ عظيم جدوجھد جي نتيجي ۾ سنڌ اندر ٽيننسي ايڪٽ 1950ع “هارپ جو قانون” پاس ڪرايو ويو. يعني هارين جي حقن لاءِ مڪمل قانون سازي ڪرائي وئي. هاري تحريڪ جي جدوجھد جي عروج واري زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جلسن ۾ هاري ۽ پورهيت طبقو وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي ٻڌي ۽ اتحاد جو ثبوت ڏيئي جاگيردار سامراج جي ڀاري بُرجن کي لوڏي وجھندو هو.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ واري زماني ۾ هارين جا سمنڊ جيئن ڇوليون هڻندڙ جلسا برطانيا سرڪار جي اک ۾ نه رڳو ٻاٻرو ڪنڊو بڻيل هئا پر سنڌ جي هارين جو شاندار اتحاد به سندن بي چيني جو وڏو سبب بڻيل هو. پنجاب پاران انگريز سرڪار لاءِ خاص نرم گوشو هئڻ ڪري اُتي گورن جي راڄ خلاف جدوجھد ماٺي هئي. جنهن ڪري پنجاب به خاص طور انگريزن جو منظور نظر هو. انگريز فرنگين پاران پنجاب کي نوازڻ خاطر سنڌ جون هزارين ايڪڙ سون جھڙيون زمينون سنڌ جي مقامي باشندن کي ڏيڻ بجاءِ غيرقانوني طور پنجاب جي ماڻهن کي ڏيئي سنڌ جي ماڻهن جي تاريخي حق تلفي ڪئي وئي. پراڻي ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ ضلعي جي پوڇڙ واري ننڍڙي ڳوٺاڻي شهر ٽالهي ۾ به پنجاب جي قاديانين کي نفيس نگر اسٽيٽ مفت ۾ ڏني وئي.
حالت اها آهي جو جاويد ميانداد شارجا ۾ ڇڪو هنيو ته کيس انعام ۾ ٻني بدين ۾ ڏني وئي، ورهاڱي بعد ڪيترن ئي رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ رانديگرن کي سڄي سنڌ سميت خاص طور پُراڻو ٿرپارڪر ضلعو، سانگھڙ ضلعو ۽ بدين ضلعي ۾ زمينون ڏنيون ويون هيون. انهن علائقن ۾ پنجاب مان آندل ماڻهن پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ خاطر سنڌ جي مقامي ماڻهن تي پنهنجي ڏاڍ مڙسي ذريعي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا هئا. مقامي ماڻهن سان سندن ناانصافين، جبر ۽ ظلم وڌندو ويو. سنڌ جي عظيم شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري به انهن ظالم زميندارن جي بنڌوق جو کاڄ بڻجي وئي. انگريز سامراج پاران هي ڌرتيءَ خالي ڪرڻ کان اڳ سنڌ دشمني جي سوچ تحت پنجاب جي ظالم زميندارن حوالي ڪيل زمين تي ڌرتيءَ ڌڃاڻي مائي بختاور به هارياڻي هئي.
“جيڪوکيڙي سو کائي” جو نعرو ته هن سرشٽي جو قانون نه بڻجي سگھيو آهي. پر ان نعري هڪڙي بغاوت کي جنم ڏنو جنهن جو تسلسل سنڌ توڙي دنيا جون هاري جدوجھدون آهن. زرعي سماج قائم ٿيڻ بعد دنيا جي ڏاڍن ماڻهن پاران زمينن تي قبضا ڪري جاگيرون جوڙيون ويون ۽ هيڻن ماڻهن کي اُپت مان اڌ جي ڌڻي جي حيثيت سان پورهيو ڪرائي اڌ ڏيڻ بجاءِ سڄو اناج ۽ فصل چُڪتو جاگيردار کڻندو رهيو آهي. وقت به وقت ان ظلم ۽ انياءُ خلاف هاري تحريڪون جدوجهد ڪنديون رهيون آهن. شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي شهادت جو سبب پڻ “اڌ بٽئي” جي جدوجھد ۽ بغاوت بڻي. شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري به وڏي محنت ۽ جفاڪشي سان پنهنجي گھرڀاتين سان گڏجي ڪڻڪ پوکي هئي، جڏهن لابارو ڪري دن جو ڳاهه ڳاهڻ بعد اڌو اڌ جي ورهاست جو وقت آيو ته زميندار اکيون ڦيري اڌ بٽئي ڪرڻ بدران ڪڻڪ جي سموري کوڙي زبردستي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان مائي بختاور جي من اندر ۾ به بغاوت ڪر کنيو. 22 جون 1947ع تي ٽاڪ منجهند جي ٽاڻي هارياڻي مائي بختاور لاشاري به پنهنجي ڪڻڪ جي کوڙي تي ڏانگ کڻي چُني چيلهه سان ٻڌي اناج جي ڍڳ تي ويهي رهي ۽ چيائين ته “اُپت جو پورو اڌ ڪريو ته ٺيڪ آهي نه ته جيستائين اسان جا مرد هاري حقدارن جي جهڏي واري جلسي مان واپس نٿا اچن تيستائين ڪڻڪ جي کوڙي کي ڪو هٿ به نه لاهيندو” ظالم زميندار پاران زبردستي ان کڻڻ تان روڪڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ تي زميندار ڏمرجي مائي بختاور تي بندوق جا سڌا فائر ڪري ڪڻڪ جي کري تي شهيد ڪري ڇڏيو. سندس جسم مان ٺينڍيون ڪري وهيل رت سان ڪڻڪ جي کوڙي ڳاڙهي ٿي وئي. جيئن شڪاگو جي شهيدن جي رت سان سندن قميصون ڳاڙهيون لال ٿي ويون هيون جيڪي اڄ ڏينهن تائين پورهيتن جو عالمي جهنڊو بڻيل آهن. هڪ اتفاق ٿيو جو شهيد بختاور جي تر ۾ هڪ اين جي او جي لاهوري ملازمن ٻج لاءِ هارين ۾ ڪڻڪ ورهائي پئي ان ڪڻڪ کي ڳاڙهو رنگ ڏنل هو ، مون ڳاڙهي ڪڻڪ ڏسي هڪ ساعت لاءِ ائين محسوس ڪيو ته هي شهيد ادي بختاور جي رتاڻي ڪڻڪ اڃان رکيو ويٺا هئا، جيڪا هاڻ شهيد هارياڻي جي ديس ۾ ورهائي اسان کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ ٿا چاهين؟ مائي بختاور لاشاري سنڌ جي پهرين شهيد هارياڻي هئي جنهن هارين جي حصي “اڌ بٽئي” لاءِ وڙهندي شهادت جو جام پيتو. پنجاب سامراج سان لاڳاپيل ظالم جاگيردارن اڌ بٽئي لاءِ مزاحمت تي مائي بختاور جي پٽ صديق لاشاري کي پڻ شديد زخمي ڪيو هو. مائي بختاور هارين جي حقن لاءِ جاگيرداراڻي سماج جي ڏاڍ، جبر خلاف بغاوت ڪندي عمل جي ميدان تي ويڙهه وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. سندس خون جا آخري ڦڙا هن ڌرتيءَ کي لال لهو سان ريج ڏيئي ويا. سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجھدن ۾ شامل هزارين سنڌياڻيون شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي جدوجهد جو تسلسل بڻجي پنهنجي وطن جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. مائي بختاور جي شهادت واري ڏينهن سندس ڳوٺ ٽالهي کان سڏ پنڌ تي جھڏو ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران “آل سنڌ هاري ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي هئي. جنهن ۾ شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي گھر جا سمورا مرد شرڪت لاءِ ويل هئا. هزارين هارين جي ان شاندار جلسي ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جي ايم سيد، پارسي جمشيد نسروانجي مهتا (ڪراچي جو پهريون ميئر) ڪيرت ٻاٻاڻي (هنڌ سنڌ جو برک اديب)، مير علي بخش ٽالپر ۽ قاضي فيض محمد پڻ موجود هئا. ان جلسي ۾ مائي بختاور جي شهادت جي خبر باهه جيئن ڦهلجي وئي. جنهن بعد هارين ۾ تاءُ پکڙجي ويو. پر ان وقت سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻن وڏي ڌيرج ۽ سنجيدگي سان قانوني رستو ورتو. جيڪڏهن ان وقت هزارين هارين کي سندن اڳواڻ هڪ اشارو به ڪن ها ته شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قاتل پنجاب جي انهن ظالم زميندار جاگيردارن کي تمام وڏو جاني ۽ مالي نقصان ڀوڳڻو پوي ها ۽ ٽالهي شهر ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ انهن سيٽلر جاگيردارن کي وڏي تاريخي خون جو درياهه پار ڪرڻو پوي ها. شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي شهادت جي ڄاڻ ملندي ئي جلسي جي مرڪزي قيادت مائي بختاور جي ڳوٺ رواني ٿي وئي. سنڌ هاري ڪميٽي جا مکيه اڳواڻ جاءِ واردات جي حد سان لاڳاپيل ٿاڻي نبي سرروڊ پهچي ان وقت جي صوبيدار عنايت ابڙو سان ملاقات ڪري شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قتل جو ڪيس 13 ڄڻن خلاف داخل ڪرايو. ساماري مان شهيد مائي بختاور جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻن جي صلاح مثلت سان مائي بختاور جو ڪيس ان دور جي نامياري قانوندان وڪيل بينارام وڙهيو. جنهن شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قاتلن کي سزائون ڏياريون. ان واقعي دوران مير باگي جي ڀونءَ ۾ به ميرحاجي خدابخش ٽالپر جي جاگير تي اڌ بٽئي تان مزاحمت ڪندي هاري محمد پٺائي اُنڙ ۽ سندس پٽ محمد ابراهيم اُنڙ شهيد ڪيا ويا هئا. ان ڪيس جي پوئواري به سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي قيادت ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڪئي هئي. مائي بختاور جي قرباني پنهنجي پگھر جي پورهيي لاءِ ويڙهه وڙهندڙ دنيا جي سمورن پورهيتن لاءِ هئي. مائي بختاور ظالم جاگيردارن اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ بجاءِ ڪنڌ ڪپائي جدوجھدن ۽ قرباني جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. سنڌ جي عظيم شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي ڪردار ۽ قرباني کان متاثر ٿي شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ پنهنجي نياڻي جو نالو “بختاور” رکيو. سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن پنهنجا ڪتاب پڻ شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري کي ارپنا ڪيا آهن. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ سرڪار ڌرتيءَ جي هن عظيم سورمي کي وساري تاريخ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دنيا جون عظيم قومون پنهنجي وطن جي شهيدن کي وڏي اعزاز سان ياد ڪري ايندڙ نسلن کي پنهنجن هيرن بابت ڄاڻ ڏينديون آهن. انهن هيرن جي لازوال قربانين جي باعث قومن جا ڪنڌ صدين تائين اُوچا ٿي ويندا آهن. ڇو ته ڌرتيءَ جي شهيدن سان لاتعلقي جي رويي کي تاريخ ڪڏهن به چڱن لفظن ۾ ياد نه ڪندي آهي. وقت جي عالي جنابن کي ماضي جي تاريخ مان سبق سکڻ گھرجي.
هارياڻي مائي بختاور جي شهادت جي ترت ئي پوءِ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (هارين جو قانون) پاس ٿيو. پُرامن جدوجھد ذريعي سنڌ اسيمبلي مان هارين جو قانون پاس ڪرائڻ پڻ سنڌ جي هارين جي وڏي فتح هئي. ان بعد هاري تحريڪ سنڌ ۾ تمام گھڻي مضبوط ٿي. “اڌ بٽئي تحريڪ” هاري زميندار جي حساب ڪتاب لاءِ هاري تحريڪ جا اڳواڻ هارين سان گڏجي کرن تي وڃي بروقت حساب چُڪتو ڪري هاري کي پنهنجو اڌ حصو وٺي ڏيندا هئا. جنهن ۾ چمبڙ وارو مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ احمد لغاري پڻ هاري عدالتون لڳائي فيصلا ٻڌائيندو هو. انهن فيصلن زميندار طبقي ۾ وڏو تاءُ پکيڙي ڇڏيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ هاري اڳواڻن خلاف وڏيون انتقامي ڪاروايون پڻ ٿينديون هيون. ان بعد لاڙ جي مٽي مان جنم وٺندڙ شهيد فاضل راهو سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ مسلسل جدوجهدون هلائي سنڌ جي لکين هارين ۽ پورهيتن جو مقبول اڳواڻ بڻجي چڪو هو. شهيد فاضل راهو پاران “سنڌ جون زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ” هلائي سنڌ جي خاص طور لاڙ جي هزارين مسڪين هارين کي ٻنيون ڏياريون. سندس جدوجهد کان خائف سامراجي ڌرين هڪ ڪرائي جي قاتل فضل چانگ هٿان پنهنجي ئي شهر ۾ ڪهاڙين جا وار ڪرائي کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو. سنڌ جي ماضي جي تاريخ ۾ هارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ سنڌ جا مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلامحمد لغاري “نانگو” (سچائي منزل وارو) غلام رسول سهتو، ڦوٽو رستماڻي، رسول بخش ڏيٿو عرف جبل سنڌي، ڪامريڊ مانڌل شر، علي سوڍو، عثمان لغاري، قادر بخش طالباڻي، سيد اڪبر، شيرخان لنڊ، عزيز سلام بخاري، حمزو هاري، اسماعيل سوهو، ڏاڏا قادر رانٽو، عارب ڪيڙانو، پوڙهو ڀيل، جمعون نوحاڻي، پٽيل انب ڀيل، فيض محمد پنهور، رامجي ڪولهي، لکمڻ ڪولهي، ڪامريڊ دودو ڀيل، ڏامرو مل، غلام مصطفى لغاري، ڪامريڊ نور محمد کوسو، اوڀايو جوڻيجو، سميت ٻيا لاتعداد نالا آهن جيڪي سڄي حياتي مظلومن جو ساٿ ڏيئي انهن جي حقن لاءِ جدوجهدن جي ميدان تي ثابت قدمي سان ڄمي بيٺا رهيا. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز کوسي جو خيال آهي ته “جيڪڏهن فقط هاري جي ڪمائي هاري کي ايمانداري سان ڏني وڃي ته سنڌ جا هاري خوشحال ٿي وڃن. پر هتي ته ٽيننسي ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندي زميندار ان قانون تي عمل ڪرڻ بجاءِ پنهنجا هٿ جا قانون ٺاهيو ويٺا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ فصل تي ٿيندڙ گھڻو خرچ اڻپڙهيل هارين جي کاتي ۾ لکي انهن سان وڏي ڪُپت ڪئي وڃي ٿي. جنهنڪري هاري طبقو نسل در نسل قرضن جي ڪوڙهه ۾ ڦاٿل رهڻ ڪري غلامن واري زندگي گھاري رهيو آهي. تقاوي جو نظام غيرقانوني آهي جنهن تحت هڪ زميندار کان ٻي زميندار تائين اڻسدي طرح هارين جي خريد فروخت ٿئي ٿي. ان رواج تي پڻ قانوني پابندي هجڻ گھرجي. مسڪين هاري ظلمن کان تنگ ٿي هاري ڪورٽن جا در کڙڪائن ٿا. هاري ڪيمپن ۾ به گھڻو تڻو زميندارن جو ستايل طبقو آهي. پر هاڻ ڪجهه ڌندوڙي ڪامريڊن هارين کي “آزادي” جي نالي تي ورغلائي اٻوجھه پورهيتن کي ڪيمپن جي جيل ۾ قيد ڪرايو آهي. جتي سندن مستقبل تباهه ٿي ويو آهي. هاري زميندار ۾ تضاد پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. سنڌ جي هاري کي خوشحال بڻائڻو آهي ته فوري طور ٽيننسي ايڪٽ تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي”