اسان جو ملڪ ٺهي کي ڇهون ڏهاڪو پيو هلي.ان وچ ۾ ڪئين لاها چاڙها آيا.لوليون لنگڙيون جمهوريتون، خطرناڪ فوجي راڄ رهيا. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ عوامي انقلاب آيا. جن غيرجمهوري فيل مست بادشاهتن جي ڀاري بُرجن کي لوڏي ڇڏيو. سامراج جا ڇٽ پٽن سان لڳي ويا.عوامي انقلابي سيلابن اڳيان وڏا وڏا ستمگر ڊڪٽيٽر لڙهي ويا.هن وقت به دنيا تبديلي لاءِ پر ساهي پئي.ان سڄي صورتحال ۾ اسان وٽ اڄ به غلامي جا ڪارا ڪڪر گرجندا ٿا رهن. اسان جي ملڪ جي سياست غريب غُربي جي وس ۾ نه اڳ هُئي نه اڄ آهي. جنهنڪري اليڪشن فقط وڏن ماڻهن جي راند ٿي وئي آهي. سڄي ملڪ جي سياست تي چند سئو خاندان قابض آهن.جيڪي نسل در نسل ابن، ڏاڏن، پڙ ڏاڏن، نانن ۽ تڙ نانن کان وٺي هيستائين موروثي سياست جي واڳ مان هٿ ئي نٿا ڪڍن. اهيو به ڪنهن حد تائين نيم بادشاهتي نظام آهي. اهڙي بي فيض سياست ۽ جمهوريت عوامي خدمت بجاءِ ان طبقي جي ڪمائي جو ذريعو بڻيل آهي.اهڙي پيچيده صورتحال ۾ نظرياتي سياست ڪندڙ قومپرست ڌريون وڏيراشاهي، ميرن، پيرن ۽ سردارن وٽ يرغمال بڻيل نظام ۾ فقط پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم خلاف ٿيندڙ سامراجي سازشن کي ٻنجو ڏيڻ خاطر گھڻو وقت سياسي جدوجھدن ۽ تحريڪن ۾ وقف ڪري قوم ۽ وطن جي خدمت ڪئي آهي.جنهنڪري انهن جواليڪشن وارو سياسي مورچو ڪمزور رهيو آهي. نتيجن ان محاذ غيرجمهوري قوتون چونڊجي اينديون آهن.جنهن ڪري قوم جو حقيقي آواز اعلى ايوانن تائين پهچڻ بجاءِ ٿاڦيل ماڻهو راڄ ڪن ٿا. ان سبب جي ڪري عوامي حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي.سنڌ جا قومپرست انفرادي طور ته ڪڏهن اتحاد ٺاهي چونڊن ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. پر باقاعدي مضبوط رٿابندي سان اليڪشن کي سنجيدگي سان نه ورتو آهي. ٻيو ته عوام ٻن رخن ۾ هلي ٿو.قومي جدوجھدن جي رخ ۾ سنڌ جو عوام قومپرستن جي سڏ سان گڏ هوندو آهي پر جڏهن ووٽ ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته ساڳيا ماڻهو اليڪشن جي روايتي نعري بازي واري جذباتيت جي لهر ۾ لڙهي ويندا آهن.ان وقت قومپرستن جو ساٿ فقط سندن نظرياتي ڪارڪن ئي ڏيئي سگھندا آهن. ڇو ته گھڻو ڪري قومپرست ڌرين جي هيٺين سطح تي عوامي رابطو تمام گھٽ آهي. باقي عوام جي گھڻي اڪثريت خوف ۽ لالچ ۾ اچي شروع کان ويندي اڄ ڏينهن تائين يرغمال بڻيل آهي. ٻيو سبب هي به آهي ته جتي قومپرستن جي مرڪزي قيادت اليڪشن لڙي ٿي سڄي پارٽي جي سگھه کي اُن ئي تڪ تي استعمال ڪيو ويندو آهي. خرچ به اُتي ئي ڪيو ويندو آهي،جنهنڪري سڄي سنڌ جون نظرون ان تڪ تي کُتل هونديون آهن. باقي جيڪڏهن ان پارٽي جو ٻي ڪنهن تڪ تي اميدوار بيٺل آهي ته ان طرف مرڪزي قيادت پاران لاتعلقي يا ڌيان نه ڏيڻ وارو رويو هار جو سبب بڻجي ٿو. نتيجي ۾ اليڪشني سياست تي قابض بااثر قوتن سان ٽڪر کائيندڙ قومپرست اميدوار خرچ جي کوٽ، محدود مالي ذريعا ۽ اليڪشن جي داءَ پيچ کان اڻ واقف هئڻ ڪري ويڳاڻپ جو شڪار بڻجي اليڪشني آکاڙي جي سگھارين قوتن اڳيان جٽاءَ نه ڪري سگھندو آهي. پر جيڪڏهن مسلسل هر اليڪشن ۾ قومپرست ڌريون محنت سان حصو وٺنديون رهيون ۽ پنهنجي سياسي غلطين جو تنقيدي جائزو وٺي بهتري طرف وڌنديون رهيون ته مستقبل ۾ انقلابي نتيجن جي اميد ڪري سگھجي ٿي.