جديد ٽيڪنالوجي جو ڪمال ئي پورهيتن جو ذوال ۽ استحصال ثابت ٿئي پيو.
دنيا جي موٽن دماغن عقل جا واهڙ وهائيندي بُک ختم ڪرڻ بجاءِ بُکين کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي نسلي روڪٿام لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لاتعداد ادارا قائم ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي نسلي واڌ ويجھه کي روڪڻ جا غيرفطري طريقا متعارف ڪرائي عورتن کي فطري سونهن کان محروم ڪري صحت جي مسئلن جي ٻٽي عذابن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. انساني آبادي جي روڪٿام لاءِ قانون جو احترام ڪندڙ ملڪن ۾ ان قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو. جنهنڪري ان قانون جي پاسداري ڪندڙ ڪجھه ملڪن ۾ هڪ ٻار ته ڪجھه ملڪن ۾ ٻه ٻار پيدا ڪرڻ جي قانوني اجازت آهي.
هن وقت دنيا جي سرندي وارن سرمائدارن پاران پنهنجو پيٽ ڀرڻ خاطر جيترو ڌيان هٿيارن جي ڪاروبار واري ڊوڙ ۽ ٻين ڪائنات، فطرت ۽ انسان دشمن غيرضروري ڪارگذارين ۽ سرگرمين تي ڏنو پيو وڃي اوتري توجهه جيڪڏهن انسان ۽ انسانيت کي بچائڻ، پيٽ گذر جا ذريعا وڌائڻ، خوراڪ جي قلت کي ختم ڪرڻ ۽ روزگار جا نوان وسيلا پيدا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي ته هن ڌرتيءَ ماتا جي گولي تي ڪو به آدم جو ٻچڙو بک جا ويلا ڪاٽيندي موت جو شڪار نه ٿيندو.
دنيا جا سمورا ڪم، هُنر، پورهيا، محنتون، ايجادون، تخليقون، تجربا انسان فقط پاڻ کي سڪون، آسائش، امن ۽ شانتي سان زندهه رهڻ ۽ پنهنجو نسل برقرار رکڻ ۽ وڌائڻ خاطر ڪري ٿو. هن ڌرتيءَ تي قديم زمانن کان وٺي هن جديد دور تائين پيٽ گذر جي ٻين لاتعداد ذريعن ۽ وسيلن سان گڏ سڀ کان وڏو ۽ اهم ذريعو فقط زراعت ئي رهي آهي. ڪائنات جي ارتقائي دور کان وٺي هن جديد زماني تائين جي ڊگھي پنڌ ۾ زراعت ئي پيٽ جي باهه اُجھائڻ جو ڪم ڏنو آهي. پٿر جي دور جي غارن واري زندگي، جھنگل جي حياتي، ميدانن ۾ ٽولن جي صورت ۾ رهڻ وارو جيون، ڳوٺ ٻڌي رهڻ ۽ هن ترقي يافته شهري زندگي جي سفر تائين هيڻا ۽ ڏاڍا ماڻهو زندگي جي گاڏي کي هڪٻئي سان طبقاتي مت ڀيد جي سخت ڪشمڪش جي صورتحال جي باوجود به لازم ۽ ملزوم بڻجي ڇڪيندا رهيا آهن. کاڌ خوراڪ ۽ ٻين رزق جي ذريعن تي ڏاڍن قوتن پاران قبضا ڪرڻ جي هڪ ڊگھي تاريخ رهي آهي. ان ڦورو ۽ قبضاخور ذهينيت جو تسلسل نسل در نسل پنهنجو وارو وڄائيندو اچي. ڌرتيءَ جي گولي تي هزارين سالن جي ارتقائي پيچيدگين جي مشڪل سفر کانپوءِ زرعي سماج ٺهڻ سان ئي زمينن جي وسيع جاگيرن تي سماج جون طاقتور قوتون قابض ٿي ويون، اهو غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قبضو اڄ به برقرار آهي. ۽ هيڻن ماڻهن کي پنهنجو ذاتي غلام بڻائي وٽائن سخت جسماني پورهيا ڪرائڻ جي عيوض کين فقط زندهه رهڻ جيترو اجورو به وڏي مشڪل سان ملندو رهيو آهي. نتيجي ۾ زراعت جي پيداوار ۽ خوراڪ جي زخيرن تي طاقتور ڌريون قابض ٿي ڌرتيءَ جي عظيم شهيد شاهه عنايت جي “جيڪو کيڙي سو کائي” واري عظيم نعري جي کُلي انحرافي ڪري دنيا جي مسڪين پورهيتن جو استحصال ڪنديون رهيون آهن.
ڪائنات جي ارتقائي دور جي اوائلي اوزان سان زمين جو سينو چيري اناج پيدا ڪندڙ پورهيت ڪلهه به بکن ۾ پاهه ٿي رهيو هو ۽ اڄ به نسل در نسل بک ۽ بدحالي سندس نه بدلجندڙ نصيب بڻجي وئي آهي. زراعت جي کيتر ۾ وڏن ڪشالن کانپوءِ پورهيت ان جي دن بٽائي ڪري ٿو ته سمورو اناج بنا پُڇاڻي جي جاگيردار ٽالهيون ڀرايو کڻيو وڃي. باقي پورهيت کي رڳو ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکي گھر ويندي ٿڌا شوڪارا هڻڻ جو “جمهوري” حق حاصل آهي. اوائلي دور کان زرعي ترقي جو سهرو عورت جي سر تي سونهي ٿو. عورت زراعت کي ابتدائي حالتن مان اوج تي پڄايو. يعني عورت کي زراعت جي موجد چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو. مرد ويچارو ته زندگي جي بقاءُ لاءِ شڪار ۽ نسلي تحفظ لاءِ دشمن قوتن سان ويڙهه مان واندو ئي ڪونه هو. تنهنڪري زراعت جي شروعاتي دور ۾ ان طرف مرداڻو رويو غير سنجيدگي ۽ عدم دلچسپي وارو هو. جڏهن ڪل ۽ ڦيٿي جو زمانو ڪونه هو تڏهن ٻني ٻاري، کيتي زرعي اُپت لاءِ ماڻهو جي ضرورت تمام گھڻي هُئي. دنيا جون ضرورتون ٻيڻيون ٿيڻ ڪري ماڻهو عقل جو استعمال ڪري جهنگ جي جانورن کي پنهنجي هٿ هيٺ ڪري زرعي ڪتب ۾ آندو. ڍڳو، اُٺ، گھوڙو، خچر، گڏهه جهڙن جانورن جي زرعي استعمال سان ترقي جي ان عمل ۾ شاندار انقلاب هو جنهن سان زمين جي کيڙي، هُرلن ذريعي پاڻي کڻڻ، ڳاهه ڳاهڻ، بار کڻڻ سميت ٻين زرعي ڪمن ڪارن ۾ وڏيون مشڪلاتون دور ٿيون ۽ آساني حاصل ٿيڻ سان گڏ جيئن دنيا جي آبادي وڌڻ سان خوراڪ جي ضرورت به وڌي تيئن خوراڪ جي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ فقط زراعت ئي ڪرنگھي واري هڏي جي حيثيت جيئن اهم جز ثابت ٿي. اڄ به انسان ۽ ٻين ساهه وارن لاءِ زراعت جي ساڳي اهم حيثيت برقرار آهي. دنيا مان کاڌي جي کوٽ کي پورو ڪري انساني نسل جي بقاءُ جو انقلابي قدم زراعت کي خاص بڻائي ڇڏيو. قديم دور جو ماڻهو پيٽ گذر جو اهم ذريعو شڪار سان گڏ زراعت کي سمجھڻ لڳو ۽ ان کي ئي اوليت ڏيڻ لڳو. ان بعد زرعي ترقي جو وڏو ڇال زراعت ۾ مشينري جو ڪتب آهي جيڪو زرعي دنيا ۾ هڪ اهم ۽ انقلابي دور سمجھيو وڃي ٿو. ماضي ۾ ڪجھه ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ خاطر ڪيترائي پورهيت ۽ ڍڳن جا جوڙا گھربل هوندا هئا. پر جڏهن زرعي ميدان تي ٽريڪٽر ۽ ٻي جديد زرعي مشينري آئي ته نتيجي ۾ رات پيٽ ۾ هزارين ايڪڙ زمين سنوت ۾ اچي وئي، هر طرف بهاري لڳي وئي، بنجر زمينون آباد ٿي ويون، مهينن جو ڪم منٽن ۾ ٿي ويو، کيڙي، گُڏ، ڳاهه ڳاهڻ، بار کڻڻ، اسپري، پاڻي وارو ڦٽو هلائڻ جو ڪم وغيره معنى ته زراعت جو گھڻو ڪم رڳو اڪيلو ٽريڪٽر ۽ ٻيون مشينون ڪرڻ لڳيون، مختصر آبادي بجاءِ لکين ايڪڙ زمين پوکجي وئي، فصل جي اُپت وڏي لهڻ ڪري دنيا مان ڪافي حد تائين خوراڪ جي کوٽ پوري ٿيڻ جھڙي بهتر صورتحال ڏسڻ ۾ آئي. پر سرمائدارن جي “زخيره ڪلچر” حوسي سوچ ڪائنات جي غريب محنت ڪش پورهيت ماڻهو کي بک ماري ڇڏيو آهي. لڱ ساڙيندڙ لُڪ توڙي هڏ سڪائيندڙ سياري ۾ تتل ڪاڙهي توڙي رات جي ڪاري اونڌاهي ٻاٽ ۾ لُنڊيون لتاڙي، پگھر وهائي، ڪنڊن سان پير ڇنائي ۽ اڌ بک اڌ ڍئو تي پنج ڪلو جي ڪوڏر هڻي اناج جا انبار اُپائيندڙ ۽ پوکي ۾ اڌ جي قانوني ڌڻي پورهيت جي هن وقت ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ کيت مزدور جي حيثيت وڃي رهي آهي. ان کيت مزدور پورهيت کي جڏهن چاهي مالڪ بي دخل ڪري سگهي ٿو. ٻي پاسي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد مشيني آلاتن سان زراعت جو عروج ضرور آيو پر زرعي سماج مان هڪ هر هاري پورهيت زرعي ڪم ڪارج ختم ٿيڻ ڪري بيروزگار بڻجي زوال جي ور چڙهي ويو. ان جو وڏو فائدو سرمائدار ۽ جاگيردار کي ٿيو جيڪو هاڻ سوين هاري ۽ پورهيت رکڻ ۽ انهن تي ڳري مالي سيڙپ ڪرڻ بجاءِ ناڻو خرچ ڪري تيزترين مشيني آلاتن سان زرعي اُپت جو اڪيلو وارث بڻجي غريب پورهيتن جي وات مان ماني جو ٽُڪر کسي رهيو آهي. سرمائدار پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻي غريب جو پيٽ ڦاڙي رهيو آهي. جنهنڪري سڄي دنيا ۾ پورهيتن جي حق تلفي ۽ استحصال ٿي رهيو آهي. روزگار جي ذريعا مشينن حوالي ٿيڻ ڪري مزدور طبقي ۾ ڏينهون ڏينهن بي روزگاري ۽ بدحالي وڌي رهي آهي. ٿر ۾ ڏڪار دوران لکين مسڪين ماروئڙا پيٽ گذر لاءِ سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ ڪڻڪ جي فصل جو لابارو ڪري ڏڪر جا ڏينهن ٽارين ٿا. پر هاڻ انهن مزدورن جي جاءِ تي ٽريڪٽر ذريعي هلندڙ لاباري واري مشين هڪ ئي ڏينهن ۾ سوين ايڪڙ ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. مختصر وقت ۾ هزارين ماڻهن جو ڪم هڪ ئي مشين ڪري سرمائدار کي ڪروڙين روپين جو فائدو ڏيئي سگھي ٿي پر ان سان لاتعداد مزدورن جي چلهه اُجھي ويندي. زندگي جي عام ڪارهنوار ۾ جديد مشينن جيتوڻيڪ وقت ۽ ناڻو بچائي اُپت به ٻيڻي ڏي ٿي. پر ان جو مجموعي فائدو هڪ سرمائدار کي ئي آهي ۽ جيڪڏهن ان جديد مشينري جو سڌي طرح نقصان آهي ته فقط جسماني پورهيو ڪندڙ مزدور ۽ هاري کي آهي. جيڪو ان مشين سبب بيروزگار بڻجي پيو.
هي مشيني سفر زراعت جي ميدان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد زرعي آلاتن جي ڪمال سان هارين جي معاشي قتل ۽ زوال جو سبب بڻجڻ تي دنگ ڪرڻ بجاءِ هاڻ ان جو رخ ڪارخانن، ملن، فيڪٽرين، کاڻين، هوٽلن، هوائي توڙي پاڻي جي جهازن، ايئرپورٽن، بندرگاهن، ريلوي پليٽ فارم، سپر اسٽورن، مارڪيٽن، گيريج، ورڪشاپن، ڪمپنين طرف آهي جتي هاڻ ٻچن جي روزي روٽي خاطر مزدوري ڪندڙ پورهيتن کي فارغ ڪري سندن جاءِ تي مشيني روبوٽ رکيا ويا آهن. بندرگاهن تي ڪم ڪندڙ هزارين مزدورن جو روزگار جهازن مان مال لاهڻ جي ڪم سان وابسطا هو. اهي مزدور مهينن جا مهينا جهازن مان سامان لاهي پيٽ گذر ڪندا هئا ۽ هاڻ انهن پورهيتن جو ڪم مشينن کان ورتو وڃي ٿو. جنهن سان سرمائدار کي ته ٻيڻو فائدو آهي پر وري به ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت بيروزگار ٿئي ٿو. ڪڻڪ، توريو، سورج مکي، مرچ سميت ٻين زرعي جنسن کان ويندي ڪاٺ، لوهه وغيره جهڙين مختلف شين جي وزن ڪرڻ لاءِ مزدورن جا ٽولا ڪم ڪري پيٽ گذر سان لڳل هئا. هن وقت مال سان لوڊ ٿيل گاڏي کي ڪمپوٽر ڪانٽي تي ٻن منٽن ۾ 50 روپين عيوض وزن ماپيو ويندو آهي. اهو ڪمپوٽر ڪانٽو هڪ ڏينهن ۾ هزارين وزن واريون گاڏيون توري سگهي ٿو. ان سان سيڙپڪار سرمائدار کي ته فائدو آهي. پر سوين مال ڀريل گاڏين جي تور ڪندڙ هزارين پورهيت ضرور بيروزگار ٿيا آهن.
چائنا جي هڪ وڏي ڪمپني 60 هزار ملازم فارغ ڪري انهن جي جاءِ تي روبوٽ رکي ڇڏيا. هاڻ مزدورن وارو سمورو ڪم انهن روبوٽن کان ورتو پيو ويندو. اهي روبوٽ نه ٿڪجن ٿا، نه ماني کائين ٿا، نه ئي هو ننڊ ڪن ٿا، نه ئي انهن کي مرڻي، پرڻي ۽ بيماري لاءِ موڪل گھرجي، نه انهن جي ڪا مزدور يونين آهي، نه ئي هو هر سال 1 مئي تي شڪاگو جي شهيدن جو ڏينهن ملهائي “دنيا جا روبوٽو هڪ ٿي وڃو” جهڙو نعرو هڻن ٿا، جيڪونعرو سرمائڪارن جي ڀاري برجن کي لوڏڻ لاءِ ڪافي رهيو آهي، نه ئي هو ماني، پاڻي، اجهو، لٽو، عزت، آجپو گھرن ٿا نه کين پگھار ۽ پينشن گھرجي، هنن کي ته صرف بيٽري چارج کپي ۽ رموٽ ڪنٽرول جا سيل نوان هجن، هزارن مزدورن جو ڪم هڪ روبوٽ بنا ساهي جي معمولي اشاري تي پيو ڪندو. ۽ هزارين روبوٽن جو مالڪ اڪيلو سرمائيدار هوندو جيڪو انهن روبوٽن جي ڪمائي اڪيلو کائي پيو اوڳرايون ڏيندو. ترقي يافته ملڪن ۾ صبح جو چانهه ناشتو، ماني، پيزا به هوٽل جي بيري بجاءِ رموٽ تي ڪنٽرول ٿيندڙ ڊورن ذريعي موڪليو پيو وڃي. يا ڪيترن ئي ملڪن ۾ هاڻ گاڏيون بغير ڊرائيور جي هلڻ شروع ٿيون آهن جنهن سان ڪيترا ڊرائيور بيروزگار ٿيندا؟ هاڻ ٿورو تصور ڪري ڏسو ته هن ڌرتيءَ تي پورهيت ماڻهو جو باقي ڪم ڪهڙو ٿو رهي؟ ماڻهو بي مقصد، واندو، نڪمو ۽ ناڪاره بڻجڻ طرف وڌي پيو. دنيا جو ڪو به سنجيده ۽ باشعور ماڻهو ڪنهن به ريت اُن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري جديد دور جي تيز ترين، ترقياتي ۽ تعميري مشيني آسائشن جو قطئي طور انڪاري نه هوندو پر اهي ايجادون، آلات ۽ روبوٽ فقط هڪ مخصوص سرمائدارن جي پيٽ ڀرڻ جو وسيلو بڻجڻ جي صورت ۾ ايندڙ دور جي پورهيت لاءِ بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جو سبب ٿي سگھن ٿا. دنيا جي هر شعبي ۾ انهن مشيني آلاتن جي وڌندڙ ڪارج کي مدنظر رکي اهو سوال پيدا ٿئي ته مستقبل ۾ ملن، فيڪٽرين، ڪارخانن، زراعت ۾ مزدورن ۽ هاري پورهيت طبقن جي ضرورت باقي ڪهڙي رهندي؟ ڇا هي مشيني انقلاب پورهيت جي پيٽ تي لت ته ناهي؟ انهن شين جي فائديمند ڪمن سان گڏ ناڪاري اثرن تي به نهايت وڏي غور، فڪر ۽ سنجيدگي سان سوچڻ جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن انسان مشيني ڀرمار جو شڪار ٿي ويو ته هن ڪائنات جي آبادي جي وڏي اڪثريت نه رڳو بيروزگار بڻجي ويندي پر دنيا جا عظيم ۽ مقدس رت جا رشتا، ناتا، مائٽيون ۽ برادريون، ياريون، دوستيون، عشق ۽ آدرش سماپت ٿي ويندا، هر طرف مصنوعيت جو راڄ هوندو. ماڻهو پنهنجا ڏکن، سورن ۽ غمن جا داستان روبوٽن ۽ ڪمپوٽرن سان اوري دل جو بار هلڪو ڪري سگھندو؟ ۽ ڪي ويچارا ماڻهو انٽرنيٽ تي ويهي اُلٽيون ڪري دل جو بار هلڪو ڪندا.