ڪالم / مضمون

تتل سج هيٺان

ڪتاب ”تتل سج هيٺان“ نوجوان ليکڪ محب ڀيل جي جي خوبصورت ۽ وقتائتن مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي. هن نوجوان مختصر عرصي ۾ اخباري ميڊيا ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. انقلابي خيالن جي هن نوجوان قلمڪار هر موضوع تي لکڻ جو شاندار ڏانءُ آهي. ڪامريڊ محب ڀيل جو هي قلمي پورهيو ”تتل سج هيٺان“ اُميد ته پسند ڪيو ويندو.
  • 4.5/5.0
  • 11557
  • 848
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تتل سج هيٺان

سنڌ جي ماڻهن ۾ “پنڻ” جي نفسيات جو وڌندر رجحان ڪنهن تاريخي الميي کان گھٽ ناهي

دنيا جا سڌريل ملڪ پنهنجي عوام جي سمورن ڏکن، سورن، اهنجن، تڪليفن، دردن ۽ پيڙائن کان چڱي ريت واقف هوندا آهن. جمهوريت پسند رياستون پنهنجي ملڪ جي شهرن، ڳوٺن، واهڻ، وستين تائين امن امان جي صورتحال، معاشيات، سياسي، سماجي، علمي، ادبي، معاشرتي ريتن، رسمن، سماجي براين، رياستي ڏوهن تي سخت نظر رکن ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ اهي ملڪ آدم ذات لاءِ سک، امن، شانتي ۽ آسائشن جو شاهڪار آشيانو بڻيل آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ بيروزگار نوجوانن کي سرڪار نوڪري ڏيڻ تائين مقرر الائونس ڏي ٿي. رٽائرمينٽ کي پهتل پيرسن ماڻهن لاءِ پڻ اسپيشل ڪوٽا هوندي آهي. جنهن تحت اهي ماڻهو سماج ۾ ڪنهن تي بار ٿيڻ بجاءِ سرڪار جي سهاري سان پنهنجي حياتي جا ڏينهن آساني سان گذاري ويندا آهن. ان سبب انهن سڌريل ملڪن ۾ پنڻ جو رجحان نه هئڻ برابر آهي. انهن رياستن ۾ قانون ۽ آئين جو احترام هر فرد تي لازمي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو. قانون جي پاسداري ئي ملڪن جي ترقي ۽ امن جي ضامن آهي. ملڪن جي خوشحالي لاءِ ڪوشان معاشري جا ذميوار ۽ سنجيده فرد پنهنجي قوم ۽ وطن جي ناموس، ثقافت، تهذيب ۽ تمندن جي تحفظ جا رکولا بڻيل رهيا آهن. جنهنڪري انهن قومن جي سوچ، ويچار ۽ خيال رجعت پرست، قديمي ۽ انتهاپسنداڻي جنونيت بجاءِ جديد ترقي پسند آهن.
ڪيتريون ئي ڳالهيون، واقعا ۽ حادثا قومن جي نفسيات تي صدين تائين خطرناڪ اثر ڇڏي ويندا آهن. ڌارين حملي آورن جي گھوڙن جي سنبن صديون اڳ سنڌ کي چچريو هو پر اهو “گھوڙا ڙي گھوڙا” جا واڪا ، آهون، دانهون ۽ ڪوڪون اڄ به سنڌي ماڻهن جي ڪنن م واڄٽ جيئن وڄن ۽ گونجن ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي پاڻي ٻوڙيندو يا باهه ساڙيندي تڏهن به اهو ماڻهو “باهه ڙي باهه يا پاڻي ڙي پاڻي” ڪرڻ بجاءِ “گھوڙا ڙي گھوڙا”جون اُڀ ڏاريندڙ پڪارون ڪندا آهن. فوتگي تي به سنڌي ماڻهو گھوڙا ڙي گھوڙا جي دانهن سان پار ڪڍي روئيندا آهن. اهڙا واقعا صدين تائين قومي نفسيات ۾ خوف ۽ حراس جو سبب بڻيل آهن. معاشري جا سماجي سائنس جا ماهر ماڻهو پنهنجي قوم کي اهڙي خوفزده نفسيات مان آجو ڪرڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري قوم ۾ بهادري ۽ دليري جا شاندار جذبا پيدا ڪندا آهن. پنهنجي عوام جي هيڻن ماڻهن ۾ همت ۽ جُرت پيدا ڪري کين تاريخي احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي جي مايوسي مان ڪڍي کين هماليه جيڏا حوصلا ڏيئي سندن ذهنن ۾ احساس برتري جي قومي نفسيات پيدا ڪئي ويندي آهي. اهي قومون ڌرتيءَ جي گولي تي پنهنجو وجود بچائڻ ۾ ڪامياب وينديون آهن. جنگ جي فن جا ٻه عظيم ماهر سن زو ۽ نيپولن بوناپارٽ به ان ڳالهه تي آماده آهن ته دنيا جون ڪيتريون ئي جنگون خطرناڪ هٿيارن جي ويڙهه ۾ انسانن جو خون وهائڻ کان سواءِ فقط نفسياتي برتري حاصل ڪري به کٽي سگھجن ٿيون.
هن وقت سنڌي قوم جي نفسياتي صورتحال به ڪجھه ڳڻتي جوڳي آهي. جنهن تي سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي نهايت ئي سنجيدگي سان سوچ ويچار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. 1843ع کانپوءِ انگريز سرڪار قابض ٿيڻ بعد راجائن ۽ مهاراجائن جون رياستون ۽ راڄواڙا ٽوڙي انهن شاهي گھراڻن جي خرچ پکي لاءِ وظيفا مقرر ڪري ڇڏيا هئا. اڻسڌي طرح وظيفو مفت خوري ڏانهن راغب ڪري ٿو جيڪو اڳتي هلي خيرات جو هڪ جدا قسم بڻجي ويندو آهي. انگريز فرنگي برصغير جي راجائن جي نفسيات کي سمجھندي کين سر، خانبهادر، راجا ۽ مهاراجا جا شاندار خطاب ڏيئي آهستي آهستي کين فقير بڻائي ڇڏيو. هڪ صدي تائين اهي يوسي سطح جي رياستن جا بادشاهه فرنگين اڳيان جي مقرر ڪيل وظيفن تي پلبا رهيا. مفت جا وظيفا بند ٿيڻ بعد انهن بادشاهن جي باقيات مالي تنگدستي ۾ زندگي گذاريندي ڏٺي وئي. دنيا جا سمورا مهذب مذهب غريبن جي مدد جي سختي سان تاڪيد ڪن ٿا. ڪنهن مسڪين، مجبور ۽ ضرورتمند اڙيال جي اڙي ڀڃڻ ئي اصل انسانيت آهي. پر پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ پنهنجي قوم جي مسڪينن کي خيرات ۽ امداد جو عادي بڻائي انهن ماڻهن جي قومي نفسيات ۾ کين پينو بڻائڻ هڪ غير جمهوري ۽ غيرانساني عمل آهي. اسان جي ملڪ ۾ غريب، بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن جي سهائتا لاءِ پڻ ڪيترائي سرڪاري ادارا جوڙيل آهن جن جو فنڊ اصل حقدارن کي ملڻ بجاءِ ڪرپشن جي ڪوڙهه ۾ مبتلا راشي ڪاموراشاهي جي پيٽ ڀرڻ جو ذريعو بڻيل آهن.
جڳ مشهور سماجي ڪارڪن مرحوم عبدالستار ايڌهي ۽ ڇيپا جهڙن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن ۽ ادارن کانسواءِ بي سهارا مسڪين ماڻهن جي مدد ڪندڙ ٻيا لاتعداد سماجي ماڻهو ۽ اين جي اوز ٽائپ سماجي ادارا پڻ خيراتون ۽ پروجيڪٽ وٺڻ لاءِ آتا هوندا آهن. انهن جو ڪوبه احتساب نٿو ڪيو وڃي. خانه پوري لاءِ ڪيل نالي ماتر آڊٽ ۾ به لاڳاپيل آفيسر ڳجھه ڳوهه ۾ ملي ڀڳت سان پنهنجو حصو پتي مخصوص ڪري ويندا آهي. غريبن لاءِ مخصوص ڪيل زڪوات ۽ خيرات مان اعلى آفيسرن جا برگر ٻار پلجن ٿا. پ پ سرڪار هن گذريل دور حڪومت ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان “بينظير انڪم سپورٽ پروگرام” متعارف ڪرايو. جنهن ۾ غربت جي شرح چڪاسڻ لاءِ هڪ سروي ڪئي وئي. جنهن بعد هڪ مخصوص فارمولي تحت غريب عورتن کي منتخب ڪيو ويو. اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي انهن عورتن کي ماهوار هڪ هزار روپيا غربت کي مِٽائڻ لاءِ ڏنا وڃن ٿا. ان پرگرام معتارف ڪرائڻ ۽ سال 2010ع ۽ سال 2011ع جي ٻوڏ ۾ ملندڙ امداد ۽ وطن ڪارڊ سميت ٿر ۾ مسلسل ڪاري ڏڪار کان پوءِ ملندڙ ڪڻڪ جي ٻوري جي امداد بعد سنڌي عوام جي تبديل ٿيندڙ قومي نفسيات رحم جوڳي ٿي وئي آهي. ٻوڏ جي خطرناڪ صورتحال جي ڏکين ڏينهن ۾ ته سرڪار پاران امدادي سهائتا تمام وقت جي اهم ضرورت هئي جنهن سان انساني جانيون بچي سگهيون. پر پوءِ آهستي آهستي ڪيمپن ۾ ترسيل ڪجھه متاثرين ته پنهنجن ماڳن تي وڃي روزگار ۽ ٻني ٻاري کي لڳي ويا پر ڪجھه متاثرين انهن ئي ڪيمپن ۾ ترسي مفت جون امدادون حاصل ڪرڻ ۽ خيراتون وٺڻ واري پينو نفسيات جي مرض ۾ وڪوڙجي ويا. سرڪار غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ بدران پنڻ جا ذريعا پيدا ڪري هڪ باصلاحيت، محنتي ۽ تاريخ جي سخي ۽ مهمان نواز عظيم قوم کي پينو بڻائي ڇڏيو آهي. گذريل هڪ ڊگھي عرصي کان سنڌ ۾ غريب ماڻهن سان امداد جي نالي ۾ وڏي تذليل ٿيندي رهي آهي. هر طرف خاص طور عورتن ۽ پيرسن مردن جو هڪ وڏو انگ صبح سويلي مزدوري تي وڃڻ بجاءِ قومي شناختي ڪارڊ ۽ انهن جي ڦوٽو اسٽيٽ ڪاپين سميت درخواستون کڻي سرڪاري آفيسن توڙي سماجي ادارن ۽ اين جي اوز جي آقائن اڳيان ڌڪا، ٿاٻا کائي دربدر ٿيندو رهي ٿو. سنڌ جا مسڪين ۽ اٻوجھه ماڻهو امداد جي آسري ۾ بدمست آفيسرشاهي جا داٻا، دڙڪا ۽ ڇڙٻون برداش ڪرڻ ته روز جو معمول آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ته تشدد جا واقعا به اخبارن جي زينت بڻبا آهن. امدادي قطارن ۾ رش سبب عورتن جو بيهوش ٿيڻ ۽ عورتن جا پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ٿيڻ جا واقعا به روز اخبارن ۾ ايندا رهندا آهن. ٻوڏ دوران عارضي امداد بعد روزگار جا ذريعا ختم ٿيڻ ڪري هاري ۽ مزدور طبقي تمام وڏو عذاب ڀوڳيو هو. ٻوڏ ۾ سراسري طور هڪ هاري جو ٽي ايڪڙ پوکيل مرچن جو فصل ۽ ٻه ايڪڙ ڦٽيون ٻوڏ جي نظر ٿيڻ، گھر، گھاٽ، کٽون ، هند، بسترن سميت سندن چوپايو مال پڻ مري ويو هڪ هاري جو نقصان جو ڪاٿو مجموعي طور ٿُلهي ليکي ڏهه لک جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو. ان پورهيت جو لکين روپين جو نقصان ڀرڻ لاءِ سرڪار پاران ڏهن هزارن جو وطن ڪارڊ يا پاڪستان ڪارڊ جي نالي سان ازالو ڪرڻ جي سخاوت ڪئي وئي. ٻهراڙي جا ڪيترائي اٻوجھه ماڻهو ته اهو خيراتي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ مهينن تائين آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڏهه هزارن جيترو ته خرچ ڪري ويا پر پوءِ به ڪيترائي مستحق ماڻهو ڪارڊ ٺهرائڻ کان رهجي به ويا هئا جيڪي اڃان تائين اهو ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي پنهنجي زندگي جو اهم مقصد سمجهي ڪوششن ۾ رڌل آهن. اهڙي نفسيات هڪ عظيم قوم جي فقير بڻجڻ لاءِ راهه هموار ڪري رهي آهي.
هڪ طرف امدادي آفيس اڳيان سنڌي عوام جو اهو طبقو قطارون ڪري بيٺل هوندو آهي جيڪو عام طور معاشري ۾ پنهنجي محنت ۽ مزدوري سان پيٽ گذر ڪري زندگي گذاري ٿو پر ان محنت ڪش ماڻهن کي هڪ هزار روپين جي معمولي خيرات ڏيئي کين پنڻ تي هيرايو پيو وڃي. انهن ماڻهن کي هر وقت اي ٽي ايم مشينن جي آسپاس چڪر لڳائيندي پسي سگھجي ٿو. پر ان سان گڏ خيراتي پئسا ڏيارڻ لاءِ ايجنٽن جا ٽولا به آسپاس ۾ ڦيرا ڏيندي نظر ايندا آهن. جيڪي ٻهراڙي جي اٻوجھه ماڻهن کي ملندڙ خيرات مان پنهنجو حصو وصول ڪري بقايا پئسا ڏيندا آهن. ايتري قدر جو ايجنٽن پاران اي ٽي ايم مان ڪارڊ مٽائڻ جا به فيس جي نالي تي پئسا ورتا ويندا آهن. بئنڪون به بي آئي ايس پي جي قسط اچڻ وارن ڏينهن ۾ پنهنجيون اي ٽي ايم مشينون غيرقانوني طور بند ڪري انهن مسڪين ۽ اٻوجھه ماڻهن کي ويتر وڌيڪ ذليل ۽ دربدر ڪنديون آهن. اهڙي عمل تي بئنڪ انتظاميه کان ڪو پڇاڻو ڪرڻ وارو ناهي؟ ٻي طرف سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنڻ وارن فقيرن جو تعداد گذريل ڪجھه سالن ۾ وڏي تيزي سان وڌي رهيو آهي. سراسري طور هر دُڪان تي پنڻ وارن جو انگ روزانه ٽي سئو ۽ شهر سميت ٻهراڙي جي گھرن ۾ سئو کن چڱا ڀلا، ٿلها، مواڙ، متارا ۽ صحت مند مرد ۽ عورتون فقير بڻجي گداگري ڪن ٿيون. جنهنڪري حقيقي مفلس ماڻهو نظرانداز ٿي ويندا آهن. ماضي ۾ فقط ڪجھه مخصوص گداگر قبيلا ئي خيرات وٺندا هئا. باقي ٻين قبيلن جو ڪو ورلو معذور فرد خيرات وٺندي نظر ايندو هو عام طور تي هن وقت پنڻ جا به وقت سان گڏ لاتعداد جديد طريقا معتارف ٿي چڪا آهن. پنڻ لاءِ صدا جو آواز ميموري ڪارڊ ۾ رڪارڊ ڪري ميگافون تي وڄائي فقير خيرات جو انتظار پيو ڪندو آهي. يا پنڻ لاءِ سندس مجبوري ۽ موقف هڪ پني تي لکي پنجاهه کن ڦوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ڪرائي مسافر بسن ۾ يا دڪانن تي خاموشي سان تقسيم ڪري بعد ۾ فقير خيرات جي وصولي لاءِ ايندو پنهنجو ڏنل پرچو به واپس وصول ڪندو ۽ گڏ خيرات به وٺندو. ۽ ڪي فقير ته عوامي چوڪن تي ويهي صدا هڻندا “هڪ گلاس پاڻي جو ۽ يارهن سئو پنجويهه روپين جو سوال آهي” سوال پورو نه ٿيڻ تائين ڌرڻو هڻي ويٺل هوندا آهن. پنڻ جو ٻيو ٽرينڊ به سنڌ ۾ گھڻو نظر اچي ٿو جنهن ۾ خوبصورت نوجوان ڇوڪريون وڏي پردي داري سان بُرقا ۽ نقاب پائي مهذب طريقي سان خيرات وٺن ٿيون، پوڙهين فقيرياڻين جي ڀيٽ ۾ نوخيز نگاهن وارين جديد فقير عورتن کي هوٽلائي ماڻهو وڌيڪ خيراتون ڏين ٿا. انهن سان زباني ذائقي خاطر کل، ڀوڳ ۽ مزاق جي ماحول ۾ فون نمبرن جي ڏيتي ليتي پڻ ٿئي ٿي. روڊن ۽ رستن تي موجود اسپيڊ بريڪرن يا ڪنهن وڏي کڏي وٽ توهان کي برقعي جي نقاب ۾ اکيون ٽمڪائيندڙ هر وهي جي فقيرياڻي انگ اگھاڙن معصوم وجودن سان خيرات وٺندي نظر ايندي. يا وري ڪي فقير پنهنجي جسم تي ڪنهن وڏي زخم جو ڏيک ڏيڻ لاءِ تيز ڦڪي رنگ وارو برنال ڪريم هڻي پنندا آهن. جنهن کي ڏسڻ سان ڪراهت ٿئي ٿي. ان قسم جي فقير کي ٽارڻ لاءِ ماڻهو کيسي ۾ هٿ هڻي جلد کيس روانو ڪندا آهن. پنڻ جا اڃان ٻيا به لاتعداد طريقا هوندا پر اهي سڀ طريقا هڪ عظيم قوم لاءِ خواري جو ٺِڪر آهن. اهڙي صورتحال تي سنڌ جي اعلى اختيار ڌرين، سياسي، سماجي ڌرين، سول سوسائٽي، معاشري جي ذميوار فردن ۽ ادارن ڪڏهن سنجيدگي سان غور ۽ ويچار ڪيو آهي؟ پنڻ وارن ماڻهن لاءِ ڪو قانونسازي ٿيل آهي؟ وڏن شهرن ۾ ته فقيري “مافيا” بڻجي وئي آهي. جتي ڪجھه بااثر ماڻهو معذور ٻارڙن کي اغوا ڪري يا چڱن ڀلن ٻارڙن کي هٿرادو طور اکيون ڪڍي کين هميشه لاءِ بي نور ڪري، ڄنگھون ۽ ٻانهون ٽوڙي مروڙي معذور بڻائي کين پنائن ٿا. صبح سويلي انهن کي شهرن جي مکيه چوڪن، چورهائن، رش وارين بازارن، مسافر گاڏين، بس اسٽاپن، ريلوي اسٽيشنن، درگاهن جي گھٽين ۽ ڦٽ پاٿن تي پنائڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آهي اهي معذور ۽ اپائج گرمين، سردين، لڪن جھولن ۾ بک ۽ اُڃ ۾ ان بااثر مافيا لاءِ پنن ٿا. ڪيترائي معذور ته بک ۽ بيمارين ۾ چُڙي چُڙي مري ويندا آهن. قانون جا ادارا توڙي حد جي انتظاميه ان مقامي مافيا کان ڀلي ڀت واقف هوندي به قانوني ڪاروائي کان قاسر ڇو آهي؟ پينو مافيا خلاف قانوني ڪاروائي نه ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟
هڪ شاندار تهذيب، تمندن ۽ ثقافت رکندڙ دنيا جي هڪ عظيم قوم جنهن تاريخ ۾ ڪيترن ئي فقير بڻجي آيل پناهه گيرن، لاچار ماڻهن جي ٽولن ۽ ڌڪاريل ماڻهن کي محفوظ آشيانو ڏنو، اٽو، لٽو ۽ اجھو ڏيئي سندن سهائتا ڪئي، پنهنجي ڌرتين تان مختلف سبب جي ڪري تڙجي دربدر ٿيندڙ بهاري، بنگالي، برمي، افغانين کي پناهه ڏني. سخاوت جو اهڙو شاندار ماضي رکندڙ اها قوم هن وقت ڪهڙي نفسيات مان گذري پئي؟ امدادي قطارن جي دربدري ان قوم لاءِ تاريخي الميو ناهي؟ ان تاريخي تذليل جي سانحي تي هن سماج جي سنجيده سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهن کي پنهنجي عوام جي پينو ٿيڻ واري خطرناڪ نفسيات تي ڪا ڳڻتي ۽ فڪر آهي؟ اسان پنهنجي سماج جي بهتر جوڙجڪ ۽ قوم جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ ڪيترا سنجيده آهيون؟ قومن جون حالتون ماضي، حال ۽ مستقبل تي دارومدار رکن ٿيون. هن وقت اسان پنهنجي حال تي نظر ڦيرائي مستقبل جو اندازو آساني سان لڳائي سگھون ٿا. اسان پنهنجي قوم کي ڪهڙو مستقبل ڏنو آهي؟ جنهن قوم جون مائرون، ڀينرون، معصوم ٻار ۽ پيرسن امداد جي آسري تي صبح کان شام تائين قطارن ۾ اُڀي پير بيٺا هجن ان قوم جي مستقبل جا معمار پنهنجي قوم کي دنيا جي ترقي جي ڊوڙ ۾ ڪٿي بيهاري سگھندا؟
