ڌرتيءَ ڌڻين جون درد ڪٿائون ۽ جواب طلب سوال؟
اوهان جي عشق ۾ اٽڪي،
زماني ساڻ اٽڪياسين
غمن جو رڻ سڄو جھاڳي
حياتي پوري ڀٽڪياسين.
دراوڙن سان ظلم، زيادتين، ناانصافين، اڻبرابري ۽ انياءَ جي هڪ ڊگھي درد ڀري تاريخ آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ جي انهن اصل وارثن (موجوده خانه بدوشن) جي ڌرتيءَ سان عشق کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ ساڃاهه وندن ۽ دانشورن پاران ڪيل ڊگھيون تقريرون، سيمينار، تاريخدانن پاران لکيل تاريخون، انقلاب جا زباني چسڪا به ڌرتيءَ ڌڪاڻن جي تقدير کي پنج هزار سالن کان بدلائڻ ۾ ناڪام ويا آهن. اهي من جون ماڙيون ٺاهڻ واريون ڳالهيون عارضي طور ته خوشي جي خوراڪ مهيا ڪنديون آهن پر جڏهن بک پيٽ ۾ مروڙ ڏيندي آهي ته انقلاب جو لولو چنڍ لڳندو آهي. جنهن کي ڄڻ گرهڻ لڳل آهي. پگھر جي پورهيي سان دنيا لاءِ اناج پيدا ڪندڙ هي پورهيت ماڻهو پاڻ بکئي پيٽ سمهن ٿا ۽ صدين کان ماني جي صدا انهن لاءِ باعث سزا بڻيل آهي. ان حقيقت کي به تسليم ڪرڻو پوندو ته هزارين انقلابي نسخن کان پوءِ به غلامي جو علاج فقط آزادي آهي.
موئن جي دڙي مان مليل هڏين جا حقيقي وارث دربدري جي دورن مان گذرندي غلامي جي ڄار ۾ جڪڙجي چڪا آهن. ساڃاوند ۽ سرڪار سڳوري جيڪڏهن دراوڙن کي ڌرتيءَ سان محبت جي مڃتا نٿا ڏيئي سگھن ته دراوڙن جي غلامي جون پنج سئو صديون مڪمل ٿيڻ تي“جشن غلامي” ملهائڻ جو ڪو اهتمام ڪيو وڃي ته جئين هنن ڌرتيءَ ڌڻين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي “غلامي” انجواءِ ڪرڻ جو جمهوري حق ملي ويندو. اڃا به جيڪڏهن دانشور ۽ انساني حقن جا عالمي ادارا ٿوري به ڪوشش ڪندا ته خانابدوش دراوڙن کي “ماڻهو” هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي سگھي ٿو. جمهوريت پسندي جون دعويدار ڌريون سنڌ جي هنن مسڪين ۽ مظلوم دراوڙن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا آهن؟ سياسي پارٽيون اعلى ايوانن ۾ غريب دراوڙن کي نمائندگي ڏيڻ بجاءِ ڏوڪڙن عيوض “مخصوص” سيٽون من پسندن کي ورهايو ڇڏين جيڪي مخصوص نمائندا ايوانن ۾ مسڪين دراوڙن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ گُتن جا پرمٽ، ترقياتي اسڪيمون، نوڪرين سميت ٻيون مراعتون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندا آهن. اقليت جي ڪوٽا ۾ آيل نوڪريون مسڪين طبقي جي نوجوانن کي ملڻ بجاءِ خبر ناهي ته ڪٿي وڪرو ٿين ٿيون ؟ اڄ تائين انهن جو ڪو رڪارڊ نه آهي. هنن مسڪينن جي زندگي ۾ ڪڏهن سُک ايندو ڪا خبر نه آهي؟ هن مظلوم طبقي جي ايوان ۾ نمائندگي ڪندڙ مخصوص سيٽن وارا نمائيندا به سندن دردن جون دانهون ٻڌڻ کان اڳ ۾ چوندا آهن ته “اسان اوهان جي ووٽن تي اسيمبلي ۾ ڪونه پهتا آهيون پر اسان پنهنجي اثر رسوخ تي ميمبر ٿيا آهيون” پوءِ آخر دراوڙن جي دردن جي داد رسي ڪير ڪندو؟
هڪ طرف سڄي دنيا جي مسڪين ۽ مظلوم اقليتي آبادين جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ انساني حقن جا عالمي ادارا، سول سوسائٽي، صحافتي ادارا، عالمي توڙي ملڪي اعلى عدليا، دنيا جا سمورا بين القوامي سماجي ۽ جمهوري قانون، آئين، قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ڪري مظلوم ماڻهن کي انساني حق ڏيارڻ لاءِ سرگرم عمل آهن. ٻي طرف سنڌ جا اصل ڌرتيءَ ڌڻي غيريقيني واري صورتحال ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهن. سنڌ جي ڌرتيءَ ڌڻين جون نياڻيون روز کڄن ٿيون، انهن مسڪينن جي ننگن سان هٿ چراند روز جو معمول بڻجي وئي آهي. ظالم قوتن پاران غريبن جي چادر ۽ ڪکن جو تقدس پائمال ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي. تاريخ جي ڏاڍن ماڻهن پاران هيڻن کي هيسائڻ جو سلسلو ڪٿي دنگ ڪندو؟ ڇا اُن ظلم جو نتيجو ڪنهن بغاوت کان سواءِ هوندو؟ ڇا تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ظلم برداش ڪندڙ طبقا سدائين خاموش رهيا هجن. ۽ انهن ڪڏهن مزاحمت نه ڪئي هجي؟
دنيا جا سمورا مذهب ۽ قانون انسانيت جو درس ڏيندي انسان کي مهان سمجھن ٿا. اوچ، نيچ ۽ انساني اڻبرابري جو ڪڌو قانون ته فقط ڏاڍن طبقن پاران پنهنجي ذاتي مفاد ڪارڻ جوڙيو ويو آهي ته جيئن سندن غير آئيني ۽ غيرجمهوري راڄ قائم رهي سگھي. بادشاهي برقرار رکڻ خاطر انسان ڪريل حُربا استعمال ڪري انسانيت کي لڄي بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن سبب ماڻهپي جو ڪنڌ جھڪي ويو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جا اصل رهاڪو ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوڳي، گُرگلا، راوڙا، اوڏ ۽ سامي اڄ پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجن ئي پيارن جا لاش دفنائڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. ڀورو ڀيل ۽ الهڏني ڀيل جي لاش جو مثال موجود آهي. ڇا دنيا جي ڪنهن قانون ۾ اهيو گُنجاهش موجود آهي ته “ڌرتيءَ ڌڻي کي جنازا دفن ڪرڻ جي اجازت نه هجي ۽ انهن جي لاشن کي قبرن مان ڪڍي تذليل جو نشانو بڻائي گھليو وڃي؟”
غريب ۽ بي پهچ ڌرتيءَ ڌڻين جي ننگن کي اغوا ڪري اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪرڻ کان پوءِ به جوابدار ديده دليري سان قانون جي پڪڙ کان آجا هجن، ڏاڍاين جا ڪيس رات پيٽ ۾ خارج ڪيا وڃن، سنڌ جي مسڪينن جون دانهون ۽ آهون ڪير ٻڌڻ وارو آهي؟
منو ڀيل جا 9 گھر ڀاتي زمين ڳڙڪائي وئي يا آسمان؟ ڪڪو ڪولهڻ سان زنا ڪري قتل ڪندڙ جوابدارن کي ڪهڙي سزا ملي؟ ٿر جي معصوم سيتا سان ڪهڙو انصاف ٿيو، وحشي درندن پاران سيتا جي لٽيل آبرو جو ڪهڙو حساب ٿيو؟ پارڪر جي ڪستوري جي عزت ۽ عصمت جو سودو گھڻي ۾ ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو؟ ڪنري جي ليلان ڀيل ۽ حوا ٻائي جو اُٻڙڪا ڏيندڙ رت ڪئين رائگان ويو؟
او شوخ هوا،او شوخ هوا،
مخدوم بلاول کي چئجان
ٽلٽي جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
سنڌ جي ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيل ظلم جا لاتعداد سوال اڄ به انصاف جي اوسيڙي ۾ قانون جي ڪاغذن ۾ اٽڪيل آهن. ملڪ جي جمهوريت پسند پارٽين وٽ سنڌ جي اصل وارث ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ ڪهڙو پروگرام ۽ پاليسي آهي.؟ جنهن تحت اهي پارٽيون اُن لٽيل طبقي جي تقدير کي بدلائي سگھن.
اوچ جاتين جا سيٺ ته هنن مسڪينن کي “دلت” سڏائڻ جي به مخالف ڪن ٿا. اڃان تائين ته اهو به واضع نه ٿي سگهيو آهي ته آدمشماري جي خاني ۾ کين ڇا لکڻ گھرجي؟ معنى ته هُنن جي شناخت ڪهڙي آهي؟ ان موضوع تي ٿيل بحث دل ڏکائڻ لاءِ گھٽ نه آهن؟ ته هڪ شاندار تهذيب، ثقافت، ڌرتيءَ، درياهه، ٻولي، سڀيتا رکندڙ پرامن انسانن جي سڃاڻپ جو فيصلو تاريخ ۾ منجھيل رهيو هجي. کين ڇا سڏائڻ گھرجي؟ کين ڇا پائڻ گھرجي؟ کين ڇا کائڻ گھرجي؟ کين ڇا پڙهڻ گھرجي؟ سماجي قانونن ۾ هنن جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ هٿ ٺوڪيو جڙتو سماج ان جي اجازت ڏي ٿو يا نه؟ ڌرتيءَ جي سنگين ۽ اهم مسئلن بابت سنڌ جا باشعور ماڻهو سنجيدگي سان سوچي غور ۽ ويچار ڪن ته انهن وطن دوست ماڻهن کي وقت جا ڏنل گھاءُ ۽ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ممڪن قدم کڻڻ گھرجن.؟ انهن جي ترقي، تعليم ۽ تحفط لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺي سگھجن ٿا؟ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ رياست جي ذميواري ۽ فرض آهي. جيڪڏهن ڌرتيءَ ڌڻين جي مسئلن کي فني بنيادن تي حل نه ڪيو ويو ته هن غريب طبقي جا سور گھٽجڻ بجاءِ وڌي ويندا. پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي تباهي ڪناري پهتل سنڌ جي مٽي جا ماڻهو محڪومي مان آجپي ۽ تشخص جي بحالي لاءِ ڪنهن مان اميد رکن؟ انهن جي درد جي دوا ڪيئن ممڪن آهي؟ سماج جي ظلم ۽ ستم جي باهه جا ٻاريل ڌرتيءَ ڌڻي اڄ به انصاف لاءِ واجھائن ٿا. وقت جي عجيب وارتا آهي جو اسان مظلومن جا ماڻهو برهمڻ سامراج جا وارڙيا ٿيو بيٺا آهن. جڏهن ڪا سجاگي جي ڳالهه ٿئي ٿي ته هو پنهنجي مسڪين ۽ لٽيل ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ بجاءِ غلامي جي گسن تي ڇڻڪارون ڪري پنهنجي گھرن کي پيا باهيون پيا ڏيندا آهن.
لي ڪر آگ پرائي گھر دي، ڦوڪ سٽي گھر اپڻان