عوام آزاريندڙ وي آئي پي ڪلچر وي آئي پي ڪلچر سفيد پوش ماڻهن جي پيداوار آهي. اهيو ڪلچر معتارف ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ “وي آئي پي ڪلچر”جو شوشو هلي پيو آهي. جئين ڪاروڪاري کي ذوري سنڌ جي رسمن ۾ شامل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، تيئن وي آئي پي به ڪو ڪلچر نه آهي. وي آئي پيز هڪ ذهني عياشي، نفسياتي روڳ ۽ خلق عام کان پاڻ کي بالا تر سمجهڻ واري سطحي سوچ جو نالو آهي. جنهن کي هاڻ ڪلچر طور مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن به ڪو وي آئي پيز شهر ۾ ايندو آهي ته روڊ رستا، عوامي جايون عام ماڻهن لاءِ بند ڪري مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي. جنهن ڪري وي آئي پي طبقو خلق کي فائدو ڏيڻ بجاءِ سورن جو سامان مهيا ڪندو رهيو آهي. ننڍي هوندي راڪاس، برڙ باڪاس ۽ ديوين جي تجسس واريون آکاڻيون ٻڌندا هئاسين جنهن ۾ راڪاسن جي اچڻ جا آثار اهيو ٻڌايا ويندا هئا ته پهرين ڌوڙ اُڏندي، پکالي ڇڻڪار ڪندا، ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ قيد ٿي ويندا، هر طرف ويراني ڇائنجي ويندي ۽ پوءِ آخر ۾ راڪاس شهر ۾ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو ايندو ۽ جيڪو ماڻهو سامهون ايندو تنهن کي چٽڻي ڪري ڇڏيندو. اُن ڏينهن به شهر ۾ ويراني ڇانيل هُئي. رستن تي ٻُهاري ۽ ڇڻڪار جو ڪم جاري هو مسڪين ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ جا رکوالا هر ايندڙ ويندڙ واٽهڙو تي لٺ جي زيپٽ واري ذميواري جا فرض ايمانداري سان سر انجام ڏئي رهيا هئا. شهر جي ويراني تي مونکي ٻالڪپڻ ۾ ٻُڌل راڪاس واري ڪهاڻي ياد اچي ويئي بازار ۾ وي آئي پي ، وي آئي پي جا هوڪا ٻُڌڻ ۾ آيا پئي سو آئون به ڊپ ۽ تجسس واري ڪيفيت ۾ اُتي پهچي محسوس ڪيم ته ضرور ڪو وي آئي پي راڪاس اچي پيو، ۽ اڄ به ڪنهن گڏهه گاڏي واري پورهيت جو روڊ تي اچڻ سان مٿو ضرور ڦاٽندو، روڊ بلاڪ سبب چنگچي ۾ ڪنهن جو جنم ٿيندو يا ايڪسيڊنٽ وارو مريض اسپتال ۾ پهچڻ کان اڳ ايمبولينس ۾ آخري هڏڪي ڏيندو؟ ٿلهن ڦيٿن وارين گاڏين جا سائرن ڪنن ۾ شيهو پلٽائي رهيا هئا. اهڙي ڏهڪاءُ واري ماحول ۾ اٽي جهڙي مسئلي جي دُٻڻ ۾ ڦاٿل ريڙهي تي بصر وڪڻندڙ پورهيت کي ڪهڙي خبر ته وي آئي پي ڪهڙي مخلوق آهي؟ انهن ماڻهن کي ڪهڙي ڪل ته اهڙو ڪلچر ئي سنڌن حق تلفي ڪري ٿو. قانون ۽ آئين جو احترام صرف خلق عام تي عائد ٿئي ٿو جڏهن ته سمورا سماجي ۽ رياستي ضابطا اخلاق وي آئي پيز تي لاڳو نٿا ٿين. وي آئي پيز فقط اليڪشن جي موسم ۾ وي آئي پي جو چوغو لاهي مسڪين ماڻهن سان عارضي طور “عام” بڻجي ويندا آهن. پر جڏهن غريبن جي طاقت سان مقدس ايوانن ۾ پهچندا آهن ته ٻيهر پنج سالن لاءِ وي آئي پي بڻجي عوام جي “خدمت” ڪندا آهن. گهڻو اڳ رستن تي “خاص” ماڻهن جي آمد سان “ڪپڙ ڪوٽ” جا هوڪا بلند ٿيندي ئي راهگير پُٺيرا ٿي بيهندا هئا. اڃان به سنڌ جي ڪجھه ڳوٺن ۾ “ڪپڙڪوٽ” جا هوڪا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ممڪن آهي ته ڪنهن سرداري ۽ قبائلي علائقن ۾ اڃان به اهيوخود ساخته قانون هجي؟ ترقي يافته ملڪن جا صدر ۽ وزير اعظم به بنا پروٽوڪول جي روز مره جا ڪم ڪار پيا ڪندا آهن. پر اسان وٽ سڄو نظام ئي مختلف آهي. ايئرپورٽ تي جهاز ۾ ٻن “وي آئي پيز ”کي ليٽ ڪري اچڻ تي جهاز جي مسافرن زبردست ڪٽڪو ڏنو ، جنهن جي وڊيو پڻ انٽرنيٽ تي ڏيکاري وئي هئي. ان واقعي جي لهر کي ملڪ ۾ وي آئي پي نموني سان ڦهلجڻ جو موقعو مهيسر ٿيو ته ڪو وي آئي پي گهڻي وقت تائين وي آئي پي رهي نه سگهندو. جيڪڏهن سنجيده ماڻهن وي آئي پي ڪلچر جي رستا روڪ نه ڪئي ته وي آئي پي کان پوءِ وري“وي وي آئي پي ڪلچر” به هڪ عذاب جي صورت ۾ اسان جي ديس ۾ لاڳو ٿيڻ جو انديشو آهي جيڪو شايد هن ڪلچر کان به ٻيڻا عذاب ڏي ؟