ڪالم / مضمون

تتل سج هيٺان

ڪتاب ”تتل سج هيٺان“ نوجوان ليکڪ محب ڀيل جي جي خوبصورت ۽ وقتائتن مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي. هن نوجوان مختصر عرصي ۾ اخباري ميڊيا ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. انقلابي خيالن جي هن نوجوان قلمڪار هر موضوع تي لکڻ جو شاندار ڏانءُ آهي. ڪامريڊ محب ڀيل جو هي قلمي پورهيو ”تتل سج هيٺان“ اُميد ته پسند ڪيو ويندو.
  • 4.5/5.0
  • 11557
  • 848
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تتل سج هيٺان

ناقص حڪمت عملي ۽ سنڌ کي تباهه ڪندڙ قاتل منصوبا

سنڌ دشمن سامراجي قوتن پاران سنڌ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي عرصي کان سازشون سٽيون پيون وڃن. انهن سازشن جي پهرين ڪڙي ڪالاباغ ڊيم آهي. سنڌي قوم جي گذر ۽ جياپي جي وڏي وسيلي سنڌو درياهه کي بند ڏيڻ لاءِ مٿس ڪيترائي ڊيم ۽ ڪينال جُڙي چڪا آهن ۽ اڃان به سامراج سنڌو کي سُڪائڻ لاءِ سندرا ٻڌيو بيٺو آهي. هر وقت پنجاب پاران ٽن صوبائي اسيمبلين جي اڪثريت راءِ سان رد ڪيل ڪالاباغ ڊيم جي ڌپ ڪري ويل مئل گھوڙي ۾ ساهه وجھڻ جي غيرجمهوري ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي. سدائين ڪالاباغ ڊيم جو بي سُرو راڳ سنڌي عوام جي ڪنن ۾ شيهي جيئن پلٽائڻ لاءِ پنجاب سرگرم عمل رهيو آهي. پاڻي کاتي جي اعلى اختيارن پاران اضافي پاڻي جي صورت ۾ سنڌ کي ٻوڙيو ويندو آهي ۽ پاڻي گھٽ هجڻ جي صورت ۾ سنڌ جي حصي جو پاڻي به بند ڪري سنڌو درياهه کي مڪمل طرح سڪايو ويندو آهي. 2010ع ۽ 2011ع ۾ به اهڙو عمل ورجايو ويو هو. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ مها ٻوڏن کي ڀوڳيو. مسلسل ٻه سال ٻوڏن سبب سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ ڪري سنڌي ماڻهو وڏي عرصي تائين بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جي خطرناڪ صورتحال کي ڀوڳيندا رهيا. ڪجھه علائقا ته اڃان به ٻوڏ جي نقصانن جو ڌڪ پچائي نه سگھيا آهن. انهن علائقن جا مسڪين ماڻهو زرعي وسيلا تباهه ٿيڻ ڪري ڪاٺيون وڍي پيٽ پالين ٿا. انهن علائقن ۾ ڪاٺين جي اڱارن ۽ سرن جا کورا خوشحالي نه پر بدحالي جي علامت آهن.
ٻوڏون، سوڪڙا توڙي ٻيون قدرتي آفتون دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به اچن ٿيون پر اُتي بهتر انتظامي حڪمت عملي توڙي وقتائتي ۽ ڪارگر منصوبابندي سان درپيش مسئلن کي جنگي بنيادن تي حل ڪري ماڻهن جي مشڪلاتن کي دور ڪيو ويندو آهي. جنهنڪري اُتي قدرتي آفتون تباهين جو سبب نٿيون بڻجن. پر اسان جي ملڪ ۾ ماحولياتي تباهڪاري ۽ قدرتي آفتن سان آساني سان نبري پار پوڻ لاءِ اڳواٽ اُپاءُ نه وٺڻ ڪري وڏا نقصان ٿين ٿا. جيڪي اڳتي هلي ڪنهن وڏي سانحي کي جنم ڏين ٿا.
ٻي پاسي جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏن توڙي برساتن دوران اضافي پاڻي کي سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ ليفٽ بينڪ آف فال ڊرين (LBOD) جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو ته ان وقت پليجي صاحب سميت سنڌ جي ٻين گھڻ گُھرن، ساڃاهه وندن ۽ باشعور ماڻهن ان منصوبي خلاف واڪا ڪيا هئا ته “ايل بي او ڊي جو منصوبو سنڌ لاءِ قاتل زهر آهي، هن منصوبي سبب مستقبل ۾ سنڌ وڏي تباهي جي صورتحال کي ڀوڳيندي، تنهنڪري اهڙو سون ئي گھوريو جيڪو ڪن ڇني” سو ويچارا اُٺ ته تڏهن به پئي رڙيا جڏهن ٻورا پئي سباڻا. پر افسوس جو ان وقت ان ڳالهه کي اهميت نه ڏني وئي نه ئي سنڌ جي عوام جي راءِ کي ڪا اهميت ڏني وئي. پر اڄ هن قاتل منصوبي پنهنجا خطرناڪ ۽ تباهي آڻيندڙ اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن. غلط پلاننگ سان ٺهيل هي سم نالو برساتن ۽ ٻوڏ جو اضافي پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ بجاءِ سمنڊ جي کاري پاڻي کي ابتو وهائي سنڌ کي ٻوڙيندو رهيو آهي. ڪيترائي دفعا سمنڊ جي چاڙهه سان سمنڊ جو پاڻي اُبتو وهي شادي لارج تائين به اچي پهچندو آهي.
2011ع واري مها ٻوڏ ۾ هي سم نالو اضافي پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ بجاءِ هندان هندان ڦاٽي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ ضلعي بدين ۽ ميرپورخاص جا ڪيترائي شهر ۽ ٻهراڙي جا ڳوٺ مڪمل طرح ٻڏي ويا. ايل بي او ڊي سم نالي ۾ شگر ملن ۽ مختلف فيڪٽرين جو زهريلو ۽ ڪيميڪل وارو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ ڪري سم نالو هاڻ گٽر نالو بڻجي چڪو آهي. هن سم نالي جو زهريلو پاڻي سنڌ جي ڳچ ضلعن ۾ ماحولياتي آلودگي پکيڙيندو وڃي سمنڊ ۾ آبي جيوت کي تباهه ڪندو آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ ڪارخانن، ملن ۽ فيڪٽرين جو دونهون ۽ خارج ٿيل زهريلو پاڻي، وڻن جو واڍي، ڀاڻ ، زرعي زهريلا ڦوهارا وغيره سبب پيدا ٿيندڙ “ماحولياتي گدلاڻ” دنيا جووڏي ۾ وڏو مسئلو ٿي اڀريو آهي. گرمي پد وڌڻ جا ڪارڻ به ساڳيان آهن. جنهنڪري عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي (گلوبل وارمنگ) سبب وڏو ڦيرو آيو آهي. موسم جي ان عالمي ڦيرگير جا اثر اسان جي خطي به ڀوڳيا آهن. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ فطرت سان هٿ چراند کي ڏوهه تصور ڪندي سخت سزائون مقرر ٿيل آهن. پر اسان جي ڏيهه ۾ انهن کي ڇوٽ مليل آهي. ان فطرت دشمن عمل جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ اسان مڪمل طور فطرت جي خطرناڪ شديد ناڪاري اثرن جي نشاني تي آهيون. ايل بي او ڊي جي زهريلي پاڻي جو جتان به گذر ٿئي ٿو اتي جي ڀلوڙ سون ورنين زرعي زمينن کي سيم ۽ ڪلر تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري آبادگارن پاران فصلن کي اهو زهريلو پاڻي پڻ ڏنو پيو وڃي، جنهن ڪري ايل بي او ڊي سم نالي جي آسپاس جي علائقن جي زراعت تباهه ٿي چڪي آهي. ڪيترن ئي قسمن جا گاهه، ٻوٽا ۽ وڻ مڪمل طرح ختم ٿي چڪا آهن. زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ ڪري ايل بي او ڊي جي متاثر علائقن ۾ روزگار جا وسيلا محدود ٿيڻ ڪري معاشي بدحالي، بک ۽ بيروزگاري سبب غربت جا ڀيانڪ منظر پسجن ٿا. اهي آباد علائقا هاڻ ڀڙڀانگ بڻجي ويا آهن. انهن علائقن جا رهواسي چمڙي، دم ۽ اکين سميت ٻين لاتعداد مرضن ۾ وٺجي ويا آهن. زمينون ڪلر ۽ سيم جي ور چڙهڻ ڪري جر جو پاڻي کارو ٿي چڪو آهي. اهڙو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهن جو وڏو تعداد پيٽ جي بيمارين، هيپاٽائٽس بي ۽ سي سميت بڪين جي مرضن ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي. ايل بي او ڊي جو زهريلو پاڻي منڍ کان وٺي سمنڊ تائين پهچڻ واري سفر ۾ آبي جيوت کي مڪمل طور ختم ڪندي وڃي سمنڊ ۾ به پنهنجا خطرناڪ اثر ظاهر ڪندو آهي. جتي مڇي جا ناياب قسم، پاڻي جي پکين سميت ٻي آبي جيوت جي نسل ڪشي ٿيڻ ڪري مقامي ملاح بيروگار ٿي ويا آهن. جيڪي اڳ خوشحالي جي ڏينهن ۾ ٻارنهن هزار روپيا هفتو به ڪمائي وٺندا هئا سي هاڻ اکيون آليون ڪري پنهنجي شاندار ماضي کي ياد ڪن ٿا. جڏهن بدين جي ڪجھه متاثر علائقن کي ڏسڻ جو موقعو مليو جتي روپاماڙي کان پوءِ وارن منظرن کي پسي جيءُ جهري پيو. هر طرف ايل بي او ڊي جي تباهي جا ڏکوئيندڙ منظر هئا. جتي هڪ طرف ايل بي او ڊي جھڙي رهزن سم نالي جي تباهي هئي ته ٻي طرف سنڌو جو مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ زمين کي کائي رهيو آهي. هيستائين يوسي ڀڳڙا ميمڻ سميت سنڌ جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ اهو سلسلو مسلسل جاري آهي. ٻي طرف ايل بي او ڊي جو زهريلو پاڻي هاڻ ٿر جي ڪوئلي تائين پهچائڻ لاءِ پڻ وڏي پيماني تي ڪم جاري آهي. جهڏو تعلقي جي ڳوٺ سلهور موري وٽان ايل بي او ڊي مان پاڻي کڻڻ لاءِ سم نالو کوٽايو پيو وڃي. جنهن جو ڪم وڏي تيزي سان هلندڙ آهي. ان پاڻي کي ٿر نبي سر وٽ ٺهندڙ ڊيم ۾ جمح ڪري فلٽر ڪرڻ بعد صاف پاڻي ڪوئلي تائين پهچايو ويندو ۽ گندو پاڻي ٻي سم نالي ذريعي واپس ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪرايو ويندو. ايل بي او ڊي مان پاڻي کڻڻ لاءِ ٺهندڙ سم نالي جو گندو پاڻي ان علائقي جي ماحوليات کي فطري نقصان نه ڏيندو؟ ڇا اهيو زهريلو پاڻي ٿر ۽ بئراج جي ڪس وارين ڀلوڙ زمينن کي ڪلر نه ڪندو؟ ڇا اهڙي منصوبي سان اُتي جي مقامي رهواسين جي ڳوٺاڻي زندگي متاثر نه ٿيندي؟ ٿر جي ڪوئلي لاءِ هر سنڌ دوست ماڻهو جو اکيون ٿديون آهن پر جيڪڏهن ان ڪاري سون جو فائدو اُتي جي مقامي ماڻهن کي ٿيڻ بجاءِ نقصان ٿئي ته پوءِ ضرور اعلى اختيار ڌرين کي سوچ ويچار ۽ سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن منصوبن جوڙڻ کان اڳ ماحوليات جي عالمي ماهرن کان تحقيقاتي اڀياس ڪري نفي ۽ نقصان کي منظرعام تي آڻڻ گھرجي. هيستائين ڪيترائي اهڙا منصوبا آهن جيڪي فائدو ڏيڻ بجاءِ سنڌ لاءِ آزار بڻجي ويا آهن. ڇا سنڌ جي اعلى اختيار ذميوارن کي سنڌ جي ماحوليات کي برباد ڪندڙ تباهيون ۽ مستقبل جو امڪاني تباهيون نظر نٿيون اچن؟ ڇا انهن مسئلن جو ڪو مستقل حل آهي؟ يا ان تيزي سان وڌندڙ تباهي جو هٿ تي هٿ رکي ويهي انتظار ڪجي؟ سنڌ جا باشعور ماڻهو پنهنجي ايندڙ نسلن ۽ مسقبل کي بچائڻ لاءِ سنجيدگي سان سوچي حڪمت عملي جوڙين. جيڪڏهن سنڌي قوم جو پاڻي نه رهيو، سنڌ جي زرعي زمين ڪلر ٿي وئي، ماحوليات تباهه ٿي وئي، جر زهر بڻجي ويو، آباد زمينون سمنڊ پائي ويو، پکي ،ٻوٽا ، گاهه ، وڻ ختم ٿي ويا ته سنڌ جي صورتحال ڪهڙي هوندي؟
