فطرت سان هٿ چراند ڪير ڪري ٿو؟
دنيا ۾ موجود برف جا گليشير پڻ تيزي سان ڳري رهيا آهن. ڪٿي ٻوڏون ته ڪٿي سخت سوڪڙو ۽ ڏڪارن سبب زمينون بنجر بڻجي باهه اوڳاڇين ٿيون. مندائتا مينهن موڪلائي ويا آهن. بارشون هاڻ ڪڏهن آڳاٽيون ته ڪڏهن صفا مند مٽائي پاڇاٽيون وسن ٿيون يا ته ايتريون گھڻيون وسن ٿيون ڄڻ آسمان کي گھارا پيا هجن ۽ ٿر جهڙن ريگستاني علائقن ۾ بادل ڊگھي رسامي تي آهن. سال 2015ع ۾ بارشون ته وچوليون ٿيون پر ٿر ۾ گاهه جو تيلو به ڪونه ڦٽو، پوکيل فصل کي تيز هوائن لٽي ڇڏيو هو، جڏهن ته اهڙن علائقن جو ته گذارو ئي برسات تي آهي. سياري جي موسم ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ سرديون به رڪارڊ ٽوڙ ٿين ٿيون. يعني موسمون پنهنجي فطري محور جي دائري مان نڪري ويون آهن. جنهنڪري ان تبديلي جا اثر هر صورت ۾ ناڪاره ئي پوڻا آهن. موسمي ڦير ڦار جي انهن سمورين زميني حقيقتن، واقعن، حالتن جا نج سائنسي سبب به ته هوندا؟ تنهنڪري هن ڪائنات ۾ شعور جي مالڪ ماڻهو کي گوٿناٿ جوشڪار ٿيڻ بجاءِ فطرت جي تباهي جي حقيقي سببن جي انت تائين پهچي ثابت ڪرڻو آهي ته هي فطري فرق ڪيئن آيو؟ جنهن فرق سان هاڻ هي ڪائنات ساهوارن لاءِ سوڙي ٿيندي وڃي. انهن فطري تباهين جو ذميوار ڪير آهي ۽ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ مئي جي مهيني کان ئي سج نيزي پاند لهي اچڻ ڪري ساهه وارن جو ساهه اٽڪي پيو آهي. ساهوارن لاءِ هي ڌرتيءَ ڄڻ کورو بڻجي رهي آهي. گرمي پد ۾ تيزي سان اضافو وڏين فطري آفتن جي تباهين جو سبب بڻجي سگھي ٿو. قهر جهڙي گرمي ۾ ڪانءَ جي اک پئي نڪري ماڻهو هيٽ اسٽروڪ سبب عذاب ۾ مبتلا ٿيو وڃن.
معنى ته ڌرتيءَ تي ساهه وارا فطرت جي سنگين نقصانن جي جڪڙ ۾ ڦاسي پيا آهن. “هٿ جي وڍئيي جو ويڄ نه طبيب” سوال اهو آهي ته فطرت سان ڇيڙڇاڙ ڪير ٿو ڪري؟ وڻ ڪنهن وڍيا آهن؟ پاڻي جي فطري گسن تي قبضا ڪنهن ڪيا آهن؟ گرينائٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارونجھر جهڙن جبلن جي پرسڪون ماحول ۾ ڊائنامينٽ جا ڌماڪا ڪير ٿو ڪري؟ ايٽمي ڌماڪا ڪنهن ڪيا هئا؟ گُگر کي ٽُڪ ڪير ٿو ڏي؟ ماحول ۾ آلودگي جو سبب غريب جي ڪکائين جھوپڙي ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي لاٽ آهي يا سرمائيدارن جي ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ ڪارو دونهون؟ ماحولياتي گدلاڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ ماحوليات سان لاڳاپيل اداران ان حوالي سان ڪهڙيون سنجيده ڪوششون ورتيون آهن؟ اهي سوال جواب طلب آهن. پاڻي سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ پنهنجا گس پاڻ ٺاهيندو آهي. مينهوڳي جي مند ۾ واڌو پاڻي کي سمنڊ تائين پهچائڻ جي فطري گسن پراڻ، هاڪڙو، پٽيهل وغيره تي بااثرن پاران قبضا ڪري ٻنيون آباد ڪرڻ، گھر ٺاهڻ سميت ٻيون مختلف رڪاوٽون ۽ بند ٻڌي پاڻي جا قدرتي وهڪرا ۽ لنگهه بند ڪرڻ جي نتيجي ۾ پاڻي سڀ ڪجهه پاڻ سان گڏ لوڙهي خطرناڪ تباهي جو سبب بڻجندو رهيو آهي. ويجھي ماضي ۾ 2010ع ۽ 2011ع جون برساتي توڙي درياهي ٻوڏون ان جو واضع مثال آهن. جنهنڪري پاڻي اُٿل کاهي انساني آبادين کي ٻوڙي ڇڏيو هو. مستقبل ۾ به اهڙا خطرا موجود آهن.
ٻي طرف درياهه بادشاهه کي پنجاب پاران هٿ وٺي سڪائڻ جي نتيجي ۾ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري تمر جا ٻيلا، آبي جيوت ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ جو ڪچو تباهي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري هيستائين سمنڊ سنڌ جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين ڳڙڪائي ويو آهي، اها تباهي ڪائنات جي فطري نظام سان هٿ کس جو نتيجو آهي. دونهون، دز ۽ گندو پاڻي خارج ڪندڙ مختلف ڪارخانا، ملون ۽ فيڪٽريون به دنيا جي پورهيتن جون ته نه آهن.؟ اهي به ڪنهن بااثر سرمائيدارن جون آهن. ملن جو خارج ٿيل ڪيميڪل مليل زهريلو ۽ گندو پاڻي ماحوليات جي تباهي جو وڏو ڪارڻ بڻيل آهي. ان ملز جي ڪيميڪل واري زهريلي پاڻي سبب هڪ طرف آبي جيوت ختم ٿيندو وڃي ته ٻي طرف ان زهريلي پاڻي جي گذرڻ ڪري سنڌ جون زرخيز زمينون سيم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وڃڻ ڪري زرعي طور ناڪاره بڻجي چڪيون آهن. ماحولياتي آلودگي پکيڙيندڙ گندو پاڻي جو جتان به گذر ٿئي ٿو اُتي جا رهواسي دم، نزلو، چمڙي، اکين سميت ٻين لاتعداد بيمارين جي ور چڙهي وڏو عذاب ڀوڳي رهيا آهن. دونهين ۽ دز سان هڪ طرف ساهوارن لاءِ ڪيتريون ئي پيچيده بيماريون پيدا ٿين ٿيون ٻي طرف ماحولياتي آلودگي ڦهلجڻ ڪري اوزون جي تهه کي وڏو نقصان پهچڻ ڪري موسم پنهنجي فطري ڦيري مان آهستي آهستي نڪري رهي آهي. انسان پاران انفرادي مفادن خاطر ڌرتيءَ تي ڪيل فطري هٿ چراند سان مستقبل ۾ ماحولياتي تبديلي جنهنجو ذميوار اڻسڌي طرح وري به هن دنيا جو سرمائيدار آهي جيڪو پنهنجا ڪاروباري مفاد ماڻڻ لاءِ فطرت کي رانديڪو سمجھي کيڏي رهيو آهي.
جتي وڻڪاري وڌيڪ هوندي آهي اُتي بارشون به تمام سٺيون وسنديون آهن. گھڻين بارشن جي ڪري ڏيهه ۾ گلزاري لڳل هوندي هُئي. هن ڌرتيءَ جي وجود تان اجگر جھنگل جي ٻيلن مان ساوا چهچ وڻ ڪنهن بااثر سرمائيدار کانسواءِ ڪو مسڪين ڪيئن وڻ وڍڻ جي جُرت ڪري سگھي ٿو؟ وڻ هن ڪائنات جو حُسن آهن. انهن کي پنهنجي ڪاروباري مفادن لاءِ وڍي هن ڪائنات جي اربين انسانن لاءِ فطري عذاب پيدا ڪيا پيا وڃن. هن وقت دنيا جي آبادي لڳ ڀڳ ساڍا ست ارب آهي. دنيا جا وس وارا ٽيڪس جي اوڳاڙي جيئن هر فرد تي سال ۾ ٻه عدد وڻ پوکڻ جو قانون پاس ڪن ته ايندڙ پنجن سالن ۾ دنيا اندر وک وک تي وڻ هوندا. فطرت جي ڪيل نقصان جو مڪمل ته نه پر ڪجهه قدر ازالو ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن انسان پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جي بقاءَ لاءِ فطرت کي بچائڻ جون سنجيده ڪوششون نه ورتيون ته هي ڪائنات انسان لاءِ سک ڀريو آشيانو نه رهي سگھندي ڇو ته واحد فطرت آهي جيڪا پاڻ سان ٿيل هٿ چراند جو انتقام بي رحمي سان هرحال ۽ هر صورت ۾ يقيني طور وٺندي آهي. فطرت جي پلاند کان انڪار ڪرڻ غيرسائنسي عمل آهي. فطرت طرف انسان جو غيرسنجيدگي وارو رويو انسان جي ايندڙ نسلن لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو. هڪ طرف ڌرتيءَ تان وڻ وڍي جھنگلي جانورن ۽ پکين جا گھر ڍاهيا پيا وڃن ته ٻي پاسي انهن معصوم جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪري نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. ان سبب ڪيترن خوبصورت پکين ۽ جانورن جا نسل مڪمل طرح ختم ٿي چڪا آهن يا ته ناياب بڻجي خطري هيٺ آهن. تلور جو رت ڪير ٿو وهائي؟ ڪونجن جو قاتل ڪير آهي؟ اڇڙن ۽ ڪارڙن تترن کي ڪير ٿو ماري؟ مورن جي ٽهوڪن جو گلو ڪنهن گُھٽيو آهي؟ هرڻيون ڪنهن ڪُٺيون آهن؟ ڊگوش، نيرڳي، ڪائنرو، آڙي، ڪنگ لاءِ ڄار ڪنهن وڇايا آهن؟ فارمي ڪڪڙن جي فيڊ لاءِ مڇي جي ٻيجاري جهلڻ خاطر ڀن ڪنهن پکيڙيا آهن؟ اهو ڪم به ڪنهن بااثر سرمائيدار کانسواءِ ٻي ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
ماضي ۾ موسمي برساتن ۽ پاڻي جو اوج هئڻ ڪري جھرجهنگ، ٻهراڙي جي سيم جون ڪنڌيون، پاسا، پوٺا، ڀڏا، واهن جا ڍاڪا، فصل جا ڀيلاڙا، ٿر ۾ چوپائي مال جي چاري لاءِ گاهه جي رک خاطر گئوچر وغيره جي ڪري ڀاڳين جو چوپايو مال خوش هوندو هو هاڻ هڪ طرف پاڻي جي کوٽ ۽ برساتن جو رسامو ۽ مسلسل ڪاري ڏڪار سبب سائي گاهه جي وڏي کوٽ هئڻ ڪري ٻٻرن ۽ ديوين جا پلڙا به وڪامن ٿا. اهو عمل توڙي جو ديس ۾ ڏڪار، بک ۽ بدحالي جي عڪاسي ڪري ٿو. پر ان سان هن ڌرتيءَ تي هڪڙو فطري فائدو ضرور ٿيندو جو جانورن جي ڇيڻي ۽ ڦولڙين ذريعي ٻٻر ۽ ديوي جا ڪيچڪا ضرور پکڙبا جيڪي برساتن ۾ ڄمي پوندا. جھنگل فطري سونهن رکندڙ پکين ۽ جانورن جي محفوظ پناهه گاهه هوندا آهن. وڻن جي واڍي سان مورن جا ٽهوڪا، طوطن جون تنوارون، ڳيرن جون ڳٽڪارون، ڪويلن جون ڪوڪون پرڀات ويل ڪائنات جي شاندار حسن جي منظرنگاري جا لاتعداد رنگ رسي ويا آهن. اهو هن ڌرتيءَ جو تاريخي الميو آهي. فصل جي پوکائي دوران ٻج ۾ زرعي زهريلي دوائن جي ملاوٽ ۽ فصل تي اسپري ۾ به چوڻو پاڻي چڳڻ لاءِ ايندڙ پکيڙا اجل جو شڪار ٿيڻ ڪري موت جي ور چڙهيو وڃن. ويجھي ماضي ۾ توهان پنهنجي آسپاس جي ماحول تي نظر ڦيرائندا ته توهان کي پکين جي تعداد ۾ وڏي ڪمي محسوس ٿيندي. جھرڪي، ڪٻر، وهيو، ٻگو، ڍولير، ڪانءَ، ڳيرو، طوطو، ڪبوتر، ڪاڻ ڪڻڇي، تتر اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ نظر اچن ٿا. پکي هڪ طرف هن خوبصورت ڪائنات جي سونهن آهن ته ٻي طرف پکي ماحول دوست پڻ آهن. جيئن ڳجهون علائقي ۾ مرندڙ جانورن جا لاش کائي ماحوليات ۾ آلودگي ۽ وبائن کي ڦهلجڻ کان روڪين ٿيون، هن وقت دنيا ۾ ڳجهن جو نسل سخت خطري هيٺ آهي. ٻيا ڪيترائي لاتعداد پکي آهن جيڪي زرعي فصلن کي نقصان ڏيندڙ خطرناڪ جيت جڻين ۽ ڪيڙن کي کايو وڃن. زرعي دوائن جي استعمال سان نه رڳو جھنگ جي پکين کي نقصان پهتو آهي پر واهن، ڪينالن، ڍنڍن توڙي مڇي جي تلائن ۾ مڇي جا لاتعداد ناياب قسم پڻ آخري پساهن ۾ آهن. گرمي جي مند ۾ گھرن اڳيان بيٺل وڻن، ڇپرن توڙي ديوارن تي پکين جي داڻي ۽ پاڻي لاءِ پاٽوڙا ڀري رکيا ويندا هئا. هاڻ اهڙي فطرت دوستي جا مثال تمام گھٽ نظر اچن ٿا. سگھڙ مايون گھر ۾ پچندڙ پهرين ماني پکين کي ڏينديون هيون. گھر جي ڌاريل ڪتي لاءِ ته صبح ۽ شام متاري ماني پچائي ڏني ويندي هُئي. افسوس هاڻ اهو رواج تمام گھٽجي ويو آهي. اهڙيون فطرت دوست ريتون، رسمون ۽ رواج پڄاڻي تي پهچڻ ڪري فطرت جو نقصان پهتو آهي. گھر جي لوڙهي ۾ ويٺل ماکي کي به ڪونه ڇاڻيو ويندو هو.
ٻڌمت ۽ جين مت جا بانيڪارن گوتم ٻڌ ۽ مهاوير پڻ فطرت جي تحفظ جارکوالا هئا. اشوڪ آعظم جي دور ۾ پڻ پکين ۽ جانورن جي شڪار ۽ وڻن جي واڍي تي پابندي عائد ٿيل هئي. تاريخ ۾ سنڌ سان لاڳاپيل ڪڇ علائقي جو حاڪم بڊاماڻي پُنرو فطرت دوستي طور بيحد مشهور رهيو آهي. جنهن جي دور ۾ شڪار تي پابندي هئي. هن حاڪم جو ذڪر لطيف سرڪار وڏي احترام سان ڪيو آهي. هن وقت اهڙن فطرت دوست ڪردارن، قدرن ۽ روايتن جو خاتمو ڪنهن سانحي کان گھٽ نه آهي. سنڌ ۾ ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترين جاين تي اڄ به فطرت کي بچائڻ جا جتن ڪندڙ ماڻهو موجود آهن. ننگرپارڪر جي راڄ جا به ڪيترائي ماڻهو فطرت جا پهريدار آهن. جهڏو جو فقير غلام حيدر لغاري جھڙا فطرت دوست ماڻهو هن لوڪ ۾ موجود آهن جن جي هٿ تي جھنگلي مور، ڪبوتر، ڪٻرون داڻو چڳن ٿا. جنهن جي فقيراڻي زرعي فارم تي پڪل فصل تي جھار نٿي هڪلي وڃي. فقير جو چوڻ آهي ته “پکي هن ڪائنات جو فطري حُسن آهن، پکين جون ٻوليون پيار، محبت، امن جو اهڃاڻ آهن. هي خوبصورت پرندا بک سبب مرندي نٿو ڏسي سگھان، ماڻهو پاڻ پنهنجي ڪائنات کي قتل ٿيندي ڪيئن ٿو ڏسي سگھي؟ هن ڪائنات ۾ مون کان اهو قهر برداش نه ٿيندو. ان ڪري مان پنهنجي وس آهر ڪڻڪ، سورج مکي، جوار، ٻاجھري ۽ ٻين ٻج وارن فصلن تان جھار هڪلڻ نه ڏيندو آهيان. هر ڪو پنهنجو نصيب کائندو آهي، داڻي داڻي پي لکا هي کاني والي ڪا نام، آئون پنهنجي علائقي ۾ ڪوشش ڪري شڪار به نه ڪرڻ ڏيندو آهيان”
ماحوليات تي گھري نظر رکندڙ دنيا جا بين الاقوامي ذميوار ادارا فطرت ۽ ماحوليات جي خطرناڪ تباهي کي محسوس ڪندي هڪ ڊگھي عرصي کان ميڊيا تي ان حوالي سان مهم پڻ هلائي رهيا آهن پر انهن سمورن حربن جي باوجود به تر جيتري تبديلي يا بهتري نظر نٿي اچي. جنهن مان اهو اميد ڪري سگھجي ته ماحوليات جي عالمي ادارن جي جاڳرتا مهم ۽ نالي ماتر قانون هئڻ جي باوجود به فطرت کي لاحق خطرن بابت خدشا دور ڪرڻ بجاءِ اهي خطرا اڃان به وڌن پيا. يعني هي ڪائنات خطرن جي مڪمل گهيري ۾ جڪڙيل آهي. پنهنجي ڌرتيءَ کي فطري نقصانن جي ان سوڙي گھيري مان ڪڍڻ لاءِ هن ڪائنات جي هر فرد کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو.
دنيا جا باشعور ماڻهو فطرت جي تحفظ لاءِ سنجيدگي وارو ڪردار ادا ڪن ته هن ڪائنات به جنت ٿي سگھجي ٿي. جيڪڏهن دنيا جي وس وارا ماڻهو چاهين ته هن ڌرتيءَ جي سيني تان وڻن جي غيرقانوني وڍ روڪي نوان وڻ پوکي ٻيلا بچائي سگھجن ٿا، ملن ۽ ڪارخانن جي ضايع ٿيندڙ ڪيميڪل واري زهريلي پاڻي کي جديد مشينري سان فلٽر ڪري زرعي استعمال لائق بڻائي سگھجي ٿو. دز ۽ گھڻو دونهون خارج ڪندڙ ڪارخانا ۽ گاڏين تي سخت پابندي جا قانون لاڳو ڪري ماحوليات کي آلودگي کان بچائي سگھجي ٿو. پاڻي جي قدرتي لنگهن تي قبضا ڪندڙ بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري پاڻي جا فطري گس بحال ڪري ٻوڏ کان بچاءُ ڪري سگھجي ٿو. ڪائنات کي حُسن بخشيندڙ خوبصورت پکين ۽ ناياب جانورن جي قتل عام تي سخت سزائون مقرر ڪري فطرت جو تحفظ يقيني بڻائي سگھجي ٿو. فطرت جو تحفظ ئي اصل ۾ هن ڌرتيءَ ۽ انسان جو پنهنجو تحفظ آهي.