سو ديس مسافر منهنجو ڙي
آئي مند ملار،
آئون کهنبا ڪنديس ڪپڙا.
وسڻ جا ويس ڪيا، اڄ پڻ منهنجي يار،
لار لائيندي وڇڙا، ڀنڙس ڀنڀا وار،
پکي آءُ پرين تون، لَهُه منهنجي سيد سار.
بارشن بنان ٿر بر پٽ آهي. هن ديس جو سڄو ڪارهنوار ڪڪرن تي دارومدار رکي ٿو. لوڪ ڏاهپ جي ماهرن جا مينهن بابت ٻولايل سنوڻ سچا ٿيا، سال سامهون آيو، اُتر کان ڪاراڻ ڪري وڄون وسيون ۽ سانوڻ ۾ ڪڪرن قرب ڪيو ان سال مينهن اوڙڪون ڏيئي برسيو ته هر طرف ملهاري لڳي ويندي. جيڪڏهن بادلن جو رسامو وسيع ٿيو ته بک جي ڏائڻ ٿر جي معصوم وجود کي کائڻ شروع ڪندي آهي.
دنيا ۾ تپش وڌڻ ڪري عالمي سطح تي موسمون مٽجي ويون آهن. موسمن جي بدلجڻ جا خطرناڪ اثر سڀ کان وڌيڪ ٿر ڀوڳيا آهن. ڇو ته ٿر جي زندگي جو فطري نظام برسات سان لاڳاپيل آهي. ٿر ۾گھربل مندائتا مينهن نه وٺا ته ٿر جي زندگي جي فطري سگھه آهستي آهستي ختم ٿيندي ويندي ۽ ڏڪار جا آثار پڌرا ٿيندي ئي سوڪهڙي جا ناڪاري اثر ظاهر ٿيندا آهن. ٿر کي سُڪار لاءَ وقفي وقفي سان چار کن بارشون گھربل هونديون آهن. جيڪڏهن اهي گهربل مينهن ضرورت کان گھٽ وُٺا يا 2011ع جي سال جيئن تمام وڏيون بارشون ٿيون تڏهن به ٿر ۾ مال جو چارو ته ٿي سگھي ٿو پر فصل جو ايوريج جيترو لهڻ گھرجي اوترو نٿو لهي. معدني طور مالا مال ٿر ۾ گذر جي ٻين محدود وسيلن سان گڏ برساتي فصل ۽ چوپايو مال آهي. جيڪو صحرا ۾ زندگي جي سفر کي روان دوان رکيو اچي. ٿر جي وارياسي زمين تي پوکائي لاءِ پهريون وسڪارو ذوردار هجڻ گھرجي. جنهن ۾ تل، ترايون، ٽوڀا تار ٿي وڃن ۽ زمين ۾ لڳ ڀڳ هڪ فٽ جو ريج ٿيڻ کانپوءِ ئي پوکائي ممڪن ٿي سگھي ٿي. ٻج ڄمڻ بعد گھٽ ۾ گھٽ هر ويهه ڏينهن جي وقفي سان چار بارشون وسن ته ٿر بحال ٿي ويندو آهي. پر 2011ع جي تيز بارشن کانپوءِ مسلسل چار سالن کان ٿر ۾ گھربل مينهن نه وسڻ ڪري ٿر جي صورتحال ڪاري ڏڪار جي ور چڙهڻ ڪري ڳڻتي جوڳي بڻيل آهي. ٿر جي ريگستان جون اُڃاريون ڀٽون هر سال بادلن جي برسڻ جون منتظر هونديون آهن. وسڪاري جي رُت ويجھي ٿيندي ئي درد وندي جي ديس جا مارو ماڻهو اُڀ تڪين ٿا. مينهن جون مندون مٽي ويون پر نه بادل برسيا نه ڏڪار جا ڏينهن ٽريا. ڪارونجھر تي ڪڪرن ڪارونڀار نه ڪيو مُهراڻي کان مالڻهور ۽ ڏاهلي کان ڏاني دانڌل تائين هر طرف رُڃ پسجي ٿي ۽ طوفاني هوائن ۾ ٿر جا ڪچا پيچرا توڙي پڪا رستا واري سان لٽجي ويا آهن.
جت لڪ لڳي جت اڪ تپن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي.
گذريل ڪيترن ئي سالن کان ايتريون خاص بارشون نه وسڻ ڪري ٿر ڪاري ڏڪار جي خطرناڪ صورتحال کي ڀوڳي رهيو آهي. اعلى اختيارن پاران هر سال اوير سوير ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي نالي ماتر امدادي ڪاروايون پڻ شروع ڪيون وينديون آهن. ضرورت موجب ٿر واسين جي خوراڪ جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ جي موجوده سرڪار توڙي ماضي جي حڪومتن به ڪيتريون ئي ڪوشش ڪيون آهن پر لاڳاپيل کاتن جي نااهلي، سفارش ڪلچر ۽ غيرسنجيدگي واري رويي سبب ٿر مان خوراڪ جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ناڪامي نصيب ٿي آهي. انهن سببن تي غور ۽ ويچار جي ضرورت آهي. وقت به وقت ٿر مان ڪڻڪ جي غير منصفانه ورهاست جون خبرون اينديون رهنديون آهن. اعلى اختيارن جي پنهنجا نواز پاليسي تحت ٿيندڙ امدادي ورهاست ۾ ڪيترائي ٿر جا مسڪين ۽ بي پهچ مظلوم ماروئڙا نظرانداز ٿي ويندا آهن. جيڪي امداد ملڻ جي آسري ۾ قطارون ڪري صبح کان شام تائين بيٺل هوندا آهن. ٿر جي ڏڪار متاثر ماروئڙن سان اهڙي تذليل ۽ جٺ هڪ ڏکوئيندڙ الميو آهي. جيڪي مارو پنهنجن غريباڻن اوتارن تي آيل مهمان کي لک عزتون ڏيئي مهمان نوازي جو شاندار مثال قائم ڪيو اچن سي ٻين جي اڳيان هٿ ڪيئن ٽنگن؟ پنهنجي اڀري سڀري حال تي ٿري خوش گذارين ٿا لطيف سائين جي شاهدي ۾ :
ٿوري قوت قراريا، رهن سٻر ست،
کٿيءَ ۾ کهه ڀڪُليا، ڀوڻن اهڙيءَ ڀت،
پنوهارڪي پت، پيهي پُڇ ملير ۾.
ٿر جون ڪاري ڏڪار جي ور چڙهيل حالتون حادثاتي طور يا چند ڏينهن ۾ خراب نه ٿيون آهن. پر ٿر ۾ ڪاري ڏڪار جي صورتحال کي تمام گهڻو عرصو گذري چڪو آهي. ماضي ۾ به هن وسيع ريگستان ۾ ڪيترائي لاها چاڙها، لوڏا، لمحا ۽ ڊگھي عرصي تائين قائم رهندڙ ڪارا ڏڪار پڻ ايندا رهيا آهن. موسمي ڦيرڦار جي ڪري ٿر ۾ هر سال گھربل وسڪارو ٿيڻ بجاءِ هر ٽي يا چار سال بعد وسڪارو ٿئي ٿو عام طور ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال برقرار هجڻ جي باوجود به ٿر سان لاڳاپيل مسئلن جا مستقل حل ڪڍڻ بجاءِ هر دور اقتدار جي ڌر شعوري طرح گوٿناٿ جو شڪار ٿي پنهنجي دور حڪومت جا ڏينهن مٽائڻ جي جتن جي جاکوڙ ۾ هوندي آهي. ٿر جي مسڪين ۽ مظلوم ماروئڙن سان لاتعلقي واري روش غيرجھموري آهي. ٿرپارڪر ۾ بنيادي طور ٿر واسين جي گذر سفر جو ذريعو چوپايو مال، برساتي فصل ۽ گاهه آهي. مسلسل ڏڪار جي صورتحال سبب ٿر ۾ چوپائي مال جي چاري جي وڏي کوٽ ٿيڻ ڪري هڪ طرف چوپائي مال کي بُکون بي حال ڪري ڇڏينديون آهي. ته ٻي طرف چوپايي مال ۾ بيماري سبب ٿري مالوندن جا واڙا ويران ڪرڻ جون خبرون به ميڊيا ۾ اينديون رهنديون آهن. لائيو اسٽاڪ سان لاڳاپيل کاتي پاران ٿر ۾ وقت سر مال جي ويڪسن نه ٿيڻ ڪري چوپائي مال ۾ گوگهي، ڳنڊ، ڦڦڙي، ماتا، تير وغيره جي بيمارين ۾ هر سال ڀاڳين کي وڏو نقصان پلئه پوندو آهي.
ڪاري ڏڪار سبب ٿر واسي هن وقت ان ڪري به ٻٽي عذاب جو شڪار آهن جو اڳ ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال ٿيندي ئي ٿر جا مارو ماڻهو روزگار خاطر ۽ ٿري مالوند ڀاڳيا چوپائي جي چاري خاطر سنڌ جي بئراجي علائقن ميرپوخاص، بدين، عمرڪوٽ، نوابشاهه، سانگهڙ وغيره ڏانهن رُخ ڪندا آهن. سنڌ جا اهي بئراجي علائقا پيٽ گذر لاءِ مزدوري ۽ مالوند ماروئڙن جي چوپائي جي چاري لاءِ بندوبست جا هٿيڪا ٺڪاڻا بڻيل هوندا آهن. هر سال مارو پنهنجي گذر جي اهم ذريعي چوپائي مال ۽ پنهنجن معصوم ٻچڙن کي وٺي ڊگھو پنڌ ڪري سنڌ جي انهن ضلعن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري پهچندا آهن. پر هاڻ مٿي ڄاڻايل ضلعن ۾ به پاڻي جي شديد کوٽ سبب مقامي آبادي پڻ سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. جنهنڪري انهن علائقن ۾ روزگار جا وسيلا گھٽجي ويا آهن.
انهن علائقن ۾ چوپائي جي چاري ۽ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. ٿر جا پاڙيسري بئراجي ضلعا پاڻي جي کوٽ سبب زرعي طور سوڪهڙي جو شڪار هئڻ ڪري ٿر جو اضافي بار برداشت ڪرڻ جي تمام ڪمزور پوزيشن ۾ به نه آهن. گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٿر ۾ چوماسي جون گھربل برساتون نه وسڻ ڪري ٿر جا برساتي فصل گوار، ٻاجهري، جوئر، مورٺ، تر، مڱ وغيره به گھٽ ٿين ٿا. جنهنڪري هڪ طرف اناج جي کوٽ آهي ته ٻي طرف ايندڙ وسڪاري لاءِ ٿر واسين وٽ پوکڻ خاطر ٻج جي کوٽ جو مسئلو به ڪر کڻندو رهندو آهي. اُڀ ۾ اکيون اٽڪائي ويٺل ٿري آبادگارن جي مالي مجبوري جو ناجائز فائدو وٺندي مقامي واپارين پاران زرعي جنسن جا من پسند اگھه وصول ڪرڻ ۽ ڳري وياج عيوض ٻج ڏيئي ماروئڙن کي قرضي ڪيو ويندو. ڇا سرڪار وٽ ان مسئلي جو اڳواٽ ڪو حل آهي؟ جنهن تي اُپاءُ وٺي ٿري آبادگارن کي ٻيڻي نقصان کان بچائي سگھجي.
ٻين ملڪن جي ريگستانن ۽ صحرائي علائقن جي صورتحال سنڌ جي صحرا کان مختلف آهي. ڇو ته انهن ملڪن جي انتظاميا پاران بدلجندڙ موسمي صورتحال کي مد نظر رکي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ رٿا بندي ڪئي ويندي آهي. ته جيئن پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي مصيبت کان بچائي سگهجي. پر اسان جي ٿر جون حالتون ٻين ملڪن جي ريگستانن کان ابتڙ ۽ بدتر آهن. بيماري ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب معصوم ٻارن تي موت جو راڪاس روز لامارا ڏي ٿو. هيستائين سوين معصوم ٻار جيجل جي جهولين کان جدا ٿي چڪا آهن. ٿر جي قبرستانن ۾ معصومن جي قبرن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. ٿرواسي مسڪين ماروئڙن جي اڳڻ تي سوڳواري جي فضا ڇانيل آهي. هر ڳوٺ، گام، وانڍ ۽ واهڻ ۾ معصومن جا جنازا کڄن ٿا. غريبن جي اجھن تي سوڳواري جا تڏا وڇايل آهن. غربت ۽ بي وسي جي حالاتن ۾ آيل موت تي چونرن مان معصومن جي مائرن جون جيءُ جھوريندڙ آهون، دانهون، سسڪيون ترقي يافته سماج ۽ دنيا جي انساني حقن تي ڪم ڪندڙ عالمي سطح جي بين الاقوامي ادارن جي پت کي وائکو ڪن ٿيون. مري ويل ٻارڙن جا ڪکاڻي منهه ۾ ٽنگيل رانديڪا، قسطن تي مليل مختصر زندگي جا اوٽي تي ڏنل معصوماڻا ٽهڪ، انهن سماپتي مُرڪن جا چند سئو روپين جي چائنا واري موبائل سيٽ ۾ ڪڍيل ڌندلا ڦوٽو، پتڪڙين قبرن تي پيل روهيڙي رتن گلن جون سڪل پتيون، هيج مان پارايل هٿ جا ڪارا ڪڱڻ، خالي ٿيل سر جي ڪانين وارو پينگھو، ۽ کٽ ۾ ٻڌل چُني جي خالي ٿيل لوڏ، لوڙهي تي سُڪندڙ ننڍڙي قميص جي کيسي تي ڀرت ڀريل پشم جا گلابي گل، ماءُ جا ڳايل لاڏا جيڪي هاڻ هوائن ۾ اوڇنگارون بڻجي گونجن ٿا. ڇا ٿر جي هن درد ڀرين منظرن کي ماپڻ لاءِ هن جديد دنيا وٽ ڪو اوزار آهي؟ ڇا هي منظر هينئي جي آتش فشان ڦاٽڻ لاءِ ڪافي ناهن؟ ٿر جي ان ڪيڏاري تي اعلى اختيارن جي من اندر ۾ ڪو ماتم برپا ٿئي ٿو؟ ٿر جي بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جا ڏکوئيندڙ منظر ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪري انهن جي نالي تي اربين روپين جا فنڊ ۽ پروجيڪٽ وٺندڙ سماجي ادارا ۽ اين جي اوز ٿر ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي سگھيا آهن؟ ٿڌن حالن ۽ فائيو تارن وارين هوٽلن ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ صفائي تي ليڪچر ڏيندڙ ٽرينرن پاران ٿرين کي صابڻ سان هٿ ڌوئڻ، صحتمند زندگي لاءِ ناشتو ضروري آهي، نيرن ۾ هڪ صوف، ٻه ڪيلا ۽ کير جو هڪ گلاس، ورزش جا اصول ۽ ماني کانپوءِ واڪ جي صلاح ڏيئي ڏڪار متاثر ٿرين جي غربت جو مذاق اڏايو وڃي ٿو. انهن کي اهو خبر ناهي ته اهو ليڪچر هو اسلام آباد جي ماڻهن کي پيا ڏين يا اسلام ڪوٽ جي ماڻهن کي؟ انهن ادارن کي اهو ڄاڻ ناهي ته هنن جا ڪيترائي معصوم ته ماءُ ۾ رت جي کوٽ، ڪاري سائي، ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا هئڻ ڪري پيدا ٿيڻ کان اڳ پيٽ ۾ ئي مريو وڃن. ماروئڙن جي سيم ۾ معصوم ٻارن ۽ مورن تي آيل شام غريبان تي وس وارن جي خاموشي تاريخ جو وڏو سانحو آهي. گذريل ڪافي عرصي دوران ٿر ۾ مري ويل مورن ۽ معصومن جو تعداد هاڻ هزارن ۾ هوندو. خوراڪ جي قلت ۽ وقت سر بيمارين جو مناسب علاج نه ٿيڻ ڪري ابهم ٻارڙن جي موت جي وڌيل شرح ملڪي اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ تي اثر انداز ڪونه ٿي هوندي . باقي رت جا رشتا رکندڙن جي اکين اڳيان بي وسي جي عالم ۾ ڏرا ڏيئي ويل معصوم اکين جي ماڻڪين جي ختم ٿيندڙ روشني، لڙڪيل ڪنڌ، اک جي ڪنڊ مان آخري ميار واري نهار ۽ هن دنيا کي خيرآباد چوڻ واري پڇاڙڪي هڏڪي ڪنهن جي من اندر ۾ سموري حياتي باهه جيئن ڀڙڪندي هوندي.
موسم جي عالمي تبديلي جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ ڪٿي بارشون گھڻيون ته ڪٿي صفا نه وسڻ ڪري سوڪهڙا، ۽ ڪٿي خطرناڪ ٻوڏون اچي رهيون آهن. پر سوال اهو آهي. ته ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي سرڪار ۽ لاڳاپيل کاتن وٽ ٿرپارڪر لاءِ ڪهڙي منصوبا بندي ٿيل آهي؟ ٿر ۾ مسلسل ڏڪار سبب جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي. کوهن جي پاڻي ۾ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار شين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري ٿر جي اڪثر آبادي ڪاري سائي، گڙدن جو مرض، پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا آهي. ٿر جي ڏورانهن ڳوٺن ۾ اڄ به صحت جي ڪابه بنيادي سهولت موجود نه آهي. جنهن ڪري اڪثر ٿري عورتون ويم دوران سفري سهولتون جي اڻ هوند جي ڪري اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿيو وڃن.
وسڪاري جي مند توڙي ان کان اڳ ٿر ۾ نانگ ۽ بلائن کان ڪکجڻ جا واقعا به تمام گهڻا ٿين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته تعلقي ليول جي اسپتالن ۾ به اينٽي سنيڪ وينيم ويڪسين جي کوٽ جي ڪري ڪکيل مريض تڙپندي تڙپندي دم ڏين ٿا. برساتون ۽ ڏڪار ته فطري مسئلا آهن. پر ان کان علاوه به ٿر جا ٻيا ڪيترائي مستقل مسئلا حل طلب آهن. جن تي اعليٰ اختيارن ڪڏهن به سنجيدگي سان سوچڻ جي زحمت ئي نه ڪئي آهي. انتظاميه جا بي حسي وارا رويا ڏڪاريل ڏيهه جي مسڪين ماروئڙن تي چٿر آهن. ڀلي مهر جا مينهن وسن، هر طرف ملهاري لڳي وڃي، ديس سائي چادر اوڍي ڏڪار جا ڏينهن سماپت ٿين ۽ سُڪار اچي پر ڪڻڪ جي امدادي ٻوري لاءِ قطار ۾ بيهه ڌڪا کائيندڙ پيرسن ٿريي جي اندر جو انسان ان تاريخي تذليل کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو.
ٿر جي اهم مسئلن تي با شعور ماڻهن ۽ اعليٰ اختيارن کي سنجيدگي سان سوچڻ جي سخت ضرورت آهي. ڏڪار دوران ٿر ۾ پاڻي صحت ۽ خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو سنگين ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اعليٰ اختيار ۽ وس وارن ٿر جي اهم ۽ بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي اُپاءُ نه ورتا ته ايندڙ وقت ۾ ٿر جي صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين خراب ٿيڻ جو انديشو آهي. ٿر ۾ خوراڪ، کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ وارا پلانٽ، چوپائي مال جي ويڪسن ۽ چاري جو بندوبست، صحت مرڪزن ۾ دوائون ۽ ڊاڪٽر فوري طور پهچائي مسڪين مارو ماڻهن جي اهنجن کي گهٽائي سگهجي ٿو.