ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ، زندگي ۽ موت جو گڏيل سامان بڻيل ٿر جا کوهه
آگمجي آئيون، اُتران ڪري اور
جي پرين هُئڙا ڏور، سي مون کي مينهن ميڙيا.
ٿر جي لوئي ۽ لڄ جو اهڃاڻ مارئي به پاڻي جي حاصلات لاءِ وقت جي عمر بادشاهه هٿان کوهه تان کنڀجي وئي هئي. انساني زندگي جي سلامتي لاءِ خوراڪ کان وڌيڪ پاڻي جي ضرورت آهي. موسم جي عالمي سطح تي تبديلي جي شروعات جا اثر پڌرا ٿي چڪا آهن. گلوبل وارمنگ (موسمياتي تبديلي) جي ٻين ڪيترن ئي سببن سان گڏ ماحولياتي آلودگي ۽ گرمي پد جو وڌڻ پڻ اهم سبب آهي. جنهنڪري ايندڙ دور ۾ “پاڻي” جي کوٽ نه رڳو صحرائي علائقن جو مسئلو هوندي پر سڄي دنيا پاڻي جي کوٽ جي مسئلن کي منهن ڏيندي. اڳتي هلي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڻي تان ڇڪتاڻ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن.
ٿر ۾ ٻين لاتعداد مسئلن سان گڏ پاڻي جو مسئلو پڻ ٿرواسين لاءِ ڏکوئيندڙ درد جو داستان رهيو آهي. پاڻي جي حاصلات لاءِ ٿرواسي ماروئڙا جوکائتا جتن ڪن ٿا. بارشن جو پاڻي تراين ۾ هڪ مختصر عرصي لاءِ ته ٿرواسي استعمال ڪري سگھن ٿا. پر وارياسي زمين هجڻ ڪري تراين ۾ پيل برساتي پاڻي جلد سُڪي ويندو آهي. وري ٿر واسين جا سور ساڳيا هوندا آهن. پاڻي جي مسلسل ڊگھي تلاش ۽ مصيبتن کان پوءِ به مارئي جي ملڪ ملير جا مارو پنهنجي وطن جي ڪکن سان قرب رکن ٿا. ٿر جي لڱ ساڙيندڙ واري تي ڪوهين ڏور ٻانهيارن جا ٻيلهڙا ٿرين جي دردن جي منظرن کي پيش ڪن ٿا. پاڻي لاءِ انهن جي تڙپ ۽ احساسن جي عڪاسي هن شعر ۾ واضع آهي.
پريت نه ڪريو ٻگلي جيسي،
جل سوڪي تو اُڙ جائي
پريت ڪريو پونئري جيسي
جل سوڪي تو مر جائي.
شاعر چوي ٿو ته (ٻگلي جھڙي پريت نه ڪجي جيڪو پاڻي سڪڻ سان اُڏاميو وڃي پر پريت ته پوئنري (پاڻي جو هڪ جيوت) جھڙي ڪجي جيڪو پاڻي سڪڻ سان اُتي پنهنجا پسا پورا ڪري ٿو) برساتي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ خاطر ٿر ۾ ڪيترائي طريقا ڪتب آندل آهن. پاڻي جمح ڪرڻ لاءِ ننگرپارڪر جي پٿريلن علائقن ۾ ڪجهه ڊيم پڻ ٺاهيا ويا آهن مور ڊيم، گھنٽياري ڊيم ۽ راڻپور ڊيم وغيره جو پاڻي ماروئڙن کي چند مهينن لاءِ ڪم ڏي ٿو. ٿر ۾ پاڻي محفوظ ڪرڻ لاءِ ننڍي پئماني تي گھرن ۾ زمين دوز پڪا ٽانڪا ٺاهيا وڃن ٿا. ٿر جا ماڻهو وڏي ڪفايت سان پاڻي استعمال ڪن ٿا پر پوءِ به اهو گڏ ڪيل پاڻي سڄي سال لاءِ ته ڪافي ناهي. برسات دوران گھرن جي ڇِتن ۽ ٿلهن تان وهي ايندڙ پاڻي کي ٽانڪن ۾ گڏ ڪري رکيو ويندو آهي پر ڪجهه عرصي بعد ته اهو پاڻي ختم ٿي ويندو آهي. تنهنڪري وري به ٿر ۾ ساهوارن لاءِ پاڻي جي ضرورت کوهن جي پاڻي ذريعي پوري ٿئي ٿي. ٿر ۾ پاڻي حاصل ڪرڻ جا لاتعداد طريقا آهن. هر علائقي ۾ جر جي پاڻي جي الگ سطح آهي. تنهڪري مارو ماڻهو جر جي پاڻي جي اونهائي مطابق کوهه، کوهيون، پار، تس، ويري، ڀاڏ کوٽي پاڻي هٿ ڪن ٿا. مجموعي طرح ٿر جي پاڻي جي ٽي ڊي ايس سطح ايتري ته وڌيل آهي جو سڄي ٿر جو پاڻي پيئڻ لائق نه آهي. ٿر ۾ کوهه کوٽڻ ۽ ان مان پاڻي حاصل ڪرڻ جو ڪم ايترو آسان هرگز نه آهي. بلڪه تمام مشڪل ڪم آهي. ٿر ۾ کوهه کوٽائڻ تي لکين روپين جي لاڳت جو خرچ گھربل هوندو آهي. ان سبب جنهن ماڻهو وٽ ٿر ۾ پنهنجو ذاتي کوهه آهي ته ان کي سکيو ستابو تصور ڪيو وڃي ٿو. واقعي به اهڙو ڪم ڪنهن سرندي واري کان سواءِ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. ٿر ۾ اڪثر مالوند ڀاڳين جا ذاتي کوهه هوندا آهن. انهن کوهن جو پاڻي ماڻهو، پکي توڙي چوپائي لاءِ ڪتب ايندو آهي. سڄي برصغير سميت ٿر ۾ اوچ جاتين جي امير ماڻهن وٽ خاص طور پنهنجا ذاتي کوهه هجڻ اهم ڳالهه سمجھي ويندي هئي. اوچ نيچ واري سماج ۾ شودر قرار ڏنل مسڪين ۽ مظلوم هيڻن ماڻهن تي انهن کوهن تان پاڻي ڀرڻ جي پابندي عائد ٿيل هئي. ممڪن آهي اهو غيرانساني طريقو اڃان به ڪٿي اڻسڌي طرح رائج ٿيل هجي؟ وسيع ايراضي رکندڙ اڇڙي ٿر ۾ ٽوٽل چالهيارو کن کوهه آهن. ايڏي وڏي ايراضي ۾ تمام گھٽ کوهه هجڻ جو سبب فقط وڏيراشاهي جي هڪ هٽي آهي. اهي بااثر قوتون ٻين وچولي طبقي جي ماڻهن کي کوهه کوٽڻ جي اجازت نٿيون ڏين. ته جيئن اهي مسڪين ماڻهو پاڻي جي مجبوري خاطر سندن اڳيان مجبور ٿي جھڪيل هجن. پٽيلن ۽ وڏيرن جي نالي سان منصوب تڙ ۽ پار جا نالا قائم ۽ دائم هجن. ووٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ انهن غريب ماڻهن جو کوهه تان پاڻي ڀرڻ بند ڪيو ويندو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي عروج جي زماني ۾ به ٿر ۾ پيڻڻ جو پاڻي جي حاصلات لاءِ موت جي منهن ۾ وڃڻو پوي ٿو. ٿر ۾ جر جي پاڻي جي گھرائي هر علائقي جي مختلف سطح جي آهي. مٺي تعلقي ۾ 90 کان 100 فٽ، ڏيپلي ۾ 40 کان 50 فٽ، ننگرپارڪر جو پٿريلو علائقو 40 کان 50 فٽ ۽ وارياسو علائقو 90 کان 100 فٽ آهي. ٿر ۾ سڀ کان وڌيڪ اُنهائي ڇاڇري تعلقي ۾ آهي جتي 300 فٽن کان به اونها کوهه آهن. آڳاٽي دور جا کوهه ڪنڊي جي ڪاٺ جي سنوت آندل ٽُڪرن مان ۽ ان بعد وچئين دور ۾ پٿر مان ٺاهيا ويندا هئا. اڄ جي هن جديد دور ۾ پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان کوهه جوڙيا وڃن ٿا. وقت ۽ حالتن جي ردوبدل موجب پاڻي جي ڳولا ۾ ٿر جي ماڻهن به کوهه کوٽڻ جي طريقن ۾ تبديليون آنديون آهن. اڇڙي ٿر واري پاسي ڍنڍن جي 10 کان 15 فٽن جي فاصلي تي ننڍڙيون کوهيون، تس ۽ ڀاڏ کوٽيا ويندا آهن. انهن ۾ ڍنڍن جي سيلاب جو پاڻي ايندو آهي. جڏهن خود ڍنڍن جو پاڻي کارو هوندو آهي. کوهه کي ٺاهڻ واري مستري کي ٿر ۾ ٻانڌارو چوندا آهن. کوهه جي کوٽائي دوران واري ڪڍڻ لاءِ ٻورين جون جھوليون استعمال ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته کوهه جي کوٽائي صرف ايتري ڪئي ويندي آهي جيتري چُڻائي ٿي سگھي. ڇو ته کوهه جي چُڻائي مٿائين کان هيٺائين طرف فرمو فٽ ڪري سيمينٽ ۽ سرن سان ڪئي ويندي آهي. روزانه 8 کان 10 سرن جون اوساريون ڏيئي وري ٻي ڏينهن سُڪڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آهي. هڪ کوهه کي کوٽڻ جي ڪم ۾ مهينن جو عرصو لڳندو آهي. ان بعد به توڪل ڪري کوٽيل کوهه جي مٺي يا کاري هجڻ جي ڪابه پڪ نه هوندي آهي. ٿر جا جھونا ماڻهو فقط پنهنجي لوڪ ڏاهپ جي تجربن جي آڌار تي کوهه کوٽڻ لاءِ جاءِ منتخب ڪندا آهن. ان لاءِ راڄ جو ڪو چڱو ماڻهو، پير، بزرگ سڏايو ويندو آهي. جيڪو پهريون لپو هڻڻ واري رسم ادا ڪندو آهي. جنهن کي “ٺپو” چيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن توقع مطابق ته ڪڏهن توقع کان اُبتڙ صفا کارو پاڻي نڪري پوندو آهي جنهن کي ٿري ٻولي ۾ “هڙيا مار” (ٿري ٻولي ۾ هڙيا بلبل کي چئبو آهي) يعني جيڪڏهن اهو پاڻي بلبل پکي پيئي ته مري پوندو. ۽ ڪٿي ڪٿي کوهن مان مٺو پاڻي نڪرندو آهي جنهن سان خرچ ۽ محنت سجائي ويندي آهي. ان خوشي ۾ مٺائي ورهائي خيراتون پڻ ڪيون وينديون آهن. ڪنهن کوهه مان مٺو ۽ کارو گاڏڙ پاڻي نڪرندو آهي. جنهن پاڻي کي ٿري ماڻهو گذاري لائق پاڻي سمجھندي “پياڪ” سڏين. کوهه جو پاڻي ٻن قسمن جو هوندو آهي هڪ پاڻي زمين جي وارياسي سطح جو ٻيو پاڻي پٿر جي سطح جو هوندو آهي. واري جي دٻڪڻ جي خدشي سبب واري تي دنگ ڪندڙ کوٽائي بعد ڪنڊي جي ڪاٺي جو فريم لڳايو ويندو آهي جنهن کي “چرڪ” چيو ويندو آهي. کوهه جي مٿان ورت گھمائڻ لاءِ چرخي لڳل هوندي آهي. جنهن کي ٿري ٻولي ۾ “ڀوڻي” چيو ويندو آهي. پٿر جي سطح واري کوهه ۾ چرڪ جي ضرورت نه پوندي آهي. کوهه مان پاڻي ڇڪڻ واري رسي کي “ورت” چيو وڃي ٿو جيڪا ماضي ۾ چمڙي جي ٺهيل هوندي هئي هاڻ سڻي، سُٽ، جانورن جي ڏاس ۽ پلاسٽڪ سميت مختلف قسمن جي رسن مان ورت ٺاهي ويندي آهي. کوهه مان پاڻي جي ورت ڇڪڻ لاءِ اُٺ، ڍڳا ۽ گڏهه جوٽيا ويندا آهن. انهن جانورن کي هڪلڻ واري کي “کيليو” چيو ويندو آهي. زمين جي پاتال مان پاڻي ڇڪي ساهوارن جي زندگي بچائڻ جو هي اهم ڪم ضرورت موجب به ڪيو ويندو آهي ته ثواب خاطر به ڪيو ويندو آهي. ٿري ماڻهو سفر دوران پاڻي کڻڻ لاءِ “سانڌاري” به استعمال ڪن ٿا جيڪا ٻڪري جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. اها ٻڪري وياميل نه پر ننڍي پٺ هجڻ گھرجي. پٿر جي سطح تي کوٽيل کوهه جا ڪيترائي پاڻي جا نار هوندا آهن پر ان ۾ ڪاريگر ٻانڌاري کي هڪ خاص ڳالهه جو خيال رکڻو پوندو آهي ته پاڻي جي نارن ۾ ڪو کارو يا ڪڙو نار نه شامل ٿيڻ گھرجي پر جي غلطي يا اتفاق سان اهڙو نار ٽُڪجي شامل ٿي ويو آهي ته ٻانڌارو ميڻ، ڪپهه، سوتلي ۽ ٻين مختلف شين سان ان نار کي بند ڪري ڇڏيندو آهي. ٿر جي زمين ۾ معدنيات گھڻي هجڻ ڪري ٿر جي جر جو پاڻي ۾ گندرف، سنکيو ۽ ٻين انساني صحت لاءِ هاڃيڪار غلاظتن جي ڪري پيئڻ لائق نه آهي. ان زهريلي پاڻي پيئڻ سبب ٿر جا ماڻهو هيپاٽائٽس بي ۽ سي، چمڙي، اکيون، گلي هڏن جي ڪمزوري ، ڏند ڇڻي پوڻ ۽ گڙدن جي بيمارين جو شڪار آهن. پاڻي ۾ نمڪيات گھڻي هئڻ ڪري معصوم ٻارن ۽ پيرسن ماڻهن ۾ ڊائريا جو مرض گھڻو هوندو آهي. وڏي خرچ ۽ محنت سان کوٽيل کوهه جي ڊگھي حياتي لاءِ ان جي صفائي سان گڏ ان جي استعمال سان واڳيل آهي. ٿر جا ڪيترائي قديم کوهه اڄ تائين بهتر حالت ۾ موجود آهن. کوهه جي صفائي کي ٿري ٻولي ۾ “ڪيڻ” ڪڍڻ چئبو آهي. وڻن جي پاڙهن ۽ ڪچري جي ڪري کوهن جي نارن مان پاڻي جو وهڪرو گھٽجي ويندو آهي. جيڪو صفائي بعد ٻيهر بحال ٿي ويندو آهي. ٿر جا تمام گھڻا ڳوٺ انهن کوهن، تڙن ۽ ويرين جي نالن سان مشهور آهن. جيئن ملهي جو تڙ، آڏي جو تڙ، ڪانا ويري، کيمي جو پار، وغيره ٿر جي کاهوڙ واري پاسي کوهيون ۽ پار آهن. ٿر ۾ مال جي پيئڻ لاءِ تڙن جي ڀر ۾ پاڻي جا “آواڙا” حوض ٺاهيا ويندا آهن جتي ڳوٺاڻن جو ڇوٽ چرندڙ مال پاڻي پيئندو آهي. گرمين جي مند ۾ آواڙن ۾ ڀرايل پاڻي تمام گھڻو گرم ٿيڻ ۽ ٻي طرف ان گرم پاڻي جي ٽي ڊي ايس سطح وڌيل هجڻ ڪري پاڻي پيئڻ سان بروقت جانور ڪري پوندو آهي. جنهن کي گوسيو (کوهه مان پاڻي ڪڍڻ وارو ماڻهو) ان ئي وقت ڪن ۾ تيز ڌار واري چاقو سان ٽڪو ڏيندو آهي. جيڪڏهن جانور جي ڪن ۾ ڏنل ٽُڪي مان رت نڪتو ته رت جو دورو بحال ٿيڻ ڪري جانور بچي ويندو ٻي صورت ۾ ساڳي چاقو جانور جي ڪنڌ تي ڦيريو ويندو آهي. جيئن سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ذاتي دشمنين جي آڙ وٺي پيئڻ جي پاڻي ۽ مڇين جي ڍنڍن ۾ زهريليون دوائون اُڇلائي انسان سان گڏ ٻين ساهوارن کي نقصان رسايو ويندو آهي. پر ٿر ۾ ائين نه آهي. ٿر جي شاندار روايت چئبي جو اُتي جا مارو ماڻهو معاشرتي اڻبڻت جي انتقام ۾خدائي خلق جي ڪم ايندڙ شين کي قطئي نقصان نه ڏيندا آهن. چاهي ڪيڏي به دشمني ڇونه هجي. نه ته کوهه کارو ڪرڻ لاءِ فقط ٻه ڪلو لوڻ جي ضرورت هوندي آهي. يا گاهه جو هڪ قسم لاڻو (اٺن جو چارو) جا به ٻه ٽي ٽارا کوهه کي کارو ڪري ان جو ذائقو خراب ڪري ڇڏيندا آهن. ننگرپارڪر ۾ کوهن جو پاڻي تمام سٺو ۽ وافر مقدار ۾ آهي. پارڪر ۾ ڪاسبي، پورڻواهه، ۽ آديگام واري پاسي کوهن جي پاڻي تي آباديون پوکي وڏو ناڻو ڪمايو پيو وڃي. گھڻي عرصي کان مُندائتا مينهن نه وسڻ ڪري ٿر ۾ جر جو پاڻي ڪيترن ئي علائقن ۾ تمام گھري سطح تائين هيٺ هليو ويو آهي جتي هاڻ جان جوکي ۾ وجھي کوهن جي کوٽائي ڪرڻ ٿرواسين جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن جا کوهه يا ته کارا ٿي وڃڻ ڪري هاڻ پيئڻ جي لائق ئي نه رهيا آهن يا ته سڪي ويا آهن. وڏن ڪشالن سان ٿرواسي جيڪو پاڻي پيئڻ لاءِ حاصل ڪري استعمال ڪن ٿا سو پاڻي ڪنهن به صورت ۾ پيئڻ جي قابل نه آهي. تنهڪري ٿر ۾ هن وقت پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو پيدا ٿيل آهي. کوهن جي کوٽائي دوران واري جون ڀڪون سرڪڻ ڪري ڪيترائي دفعا کوهه کوٽيندڙ پورهيت دٻجي فوت ٿيا هوندا. 21 اپريل 2016ع تي به ٿر جي هڪ ڳوٺ ماڇيائو ۾ نئين کوهه جي کوٽائي دوران کوهه دٻجڻ ڪري ٻانڌارو ٿانو ڀيل فوت ٿي ويو ان پورهيت جي لاش کي ڳوٺاڻن ۽ انتظاميه وڏي ڪوشش سان 24 ڪلاڪن بعد ڪڍي ورتو. ان کان اڳ تعلقي ننگر پارڪر جي ڳوٺ اونڙو ڀيل ۾ کوهه کوٽيندي 3 پورهيت کوهه ۾ دٻجي فوت ٿيا هئا. انهي سانحي ضلعي ٿرپارڪر جي انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي هئي. ان بدنصيب ڳوٺ ۾ چار ڏينهن تائين هڪ عدد مشين سست رفتاري سان کوٽائي وارو ڪم ڪري رهي هئي ۽ جڏهن ته دٻجي فوت ٿيل 3 غريب پورهتين جا سوين وارث انهي اوسيڙي ۾ کوهه جي چوداري اکيون اٽڪايو ويٺا هئا ته “ڪيڏي محل ٿا سنڌن پيارن جا لاش نڪرن” انتظار جي اهڙي درديلي ڪيفيت کي رڳو محسوس ڪرڻ سان به من اندر ۾ ماتم برپا ٿيو وڃي. درد وندي جي ديس تان مُندائتي مينهن جي رم جهم ته رسامو ڪندي رهندي آهي. پر انهن ماروئڙن جا نيڻ اڄ به اوهيرا ڪري وسن ٿا جن جا پيارا پنهنجي گام جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ کوهه کوٽيندي هزارين مڻ مٽي هيٺ دٻجي ويا. ڪوئلي (ڪاري سون) جا وارث ٿر واسي جن جي ڪوئلي مان هڪ سئو سال تائين سڄي ملڪ لاءِ بجلي ته فراهم ڪري سگهجي ٿي ۽ ٻين ملڪن کي بجلي وڪڻي قومي ناڻو به ڪمائي سگھجي ٿو پر جن ماروئڙن جي کيتر مان ڪوئلو نڪتو آهي انهن غريب ٿرين لاءِ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي لپ ناهي؟ ڪيترائي دفعا کوهه کوٽي اُڃ اجھائڻ جي ڪوشش ۾دٻجي موت جي منهن ۾ ويندڙ پورهيت ٻانڌارن جا لاش ڪڍڻ لاءِ سرڪار وٽ هن سائينس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد دور ۾ ڪا هيوي مشينري ڇو نه هوندي آهي؟ جڏهن به ٿر ۾ اهڙو واقعو ٿيندو آهي ته انتظاميه جي اهڙي سُستي واري روش هڪ روايت بڻجي سامهون ايندي آهي. ڳوٺ اونڙو ۾ دٻجي ويل کوهه به هڪ سماجي تنظيم جي پروجيڪٽ مان ڏنل هو جنهن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيل هئڻ ڪري کوهه جا فرما ٽٽي پيا ۽ کوهه 3 انساني جانين کي ڳڙڪائي ويو. ڇا اربين رپيا ٽيڪس جو بار برداش ڪندڙ مسڪين عوام کي مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ سرڪار جي ذميواري ۾ شامل ناهي؟ ٿرپارڪر جا چونڊيل نمائيندا ٿر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ آر او پلانٽ يا درياهي پاڻي کي ٿر جي شهرن توڙي ٻهراڙي جي پسمانده ڳوٺن تائين پهچائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون وٺن ته هن جديد دور ۾ ٿرواسي صاف پاڻي پي سگھن ٿا. جيئن ٿر جي واري وارين ڀٽن جي هزارين فٽ گھرائي مان ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ هيوي مشينري جو استعمال ڪيو پيو وڃي تيئن ٿر جي مسڪين ماڻهن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست لاءِ کوهه کوٽڻ خاطر جديد مشينري جو بندوبست ڪري انساني جانيون بچائي سگھجن ٿيون. ٿر زمين جي کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ وارا ڏنل ڪيترا سرڪاري آر او پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن؟ ڪيترا چالو ٿيڻ کان اڳ ختم ٿي ويا؟ انهن پلانٽن جي بند ٿيڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟ انهن جا ذميوار ڪير آهن؟ انهن پلانٽن تي ٿيل لکين روپين جي سيڙپ ضايع ٿيڻ جي ڪا جانچ پڙتال به ٿيندي يا ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، مال هضم ٿي ويو. انهن مسئلن تي خود ٿر جي ماڻهن کي پرامن جمهوري جدوجھد ڪري اعلى ايوانن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ گھرجي ۽ ان لاءِ عدالتن ۾ پڻ وڃڻ گھرجي.