اداري پاران
خيال، سوچون توڙي شعور مادي حالتن جي تابع ٿين ٿا ته مادي حالتن سان بغاوت به ڪن ٿا. اهو شعور جو سفر آهي جو انسان هر دؤر ۾ بغاوتون ڪندو رهيو آهي نئين سماج اڏڻ لاءِ. اهو انسان جي سفر پيٿاگورس کان وٺي سقراط ، سقراط کان ڪانٽ، ڪانٽ کان مارڪس ۽ مارڪس کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين ۽ ان کان به اڳتي ان جو سفر جيئن جو تيئن جاري آهي ۽ جاري رهندو.
عموماََ دنيا ۽ خصوصاََ سنڌ ۾ سوويت يونين جا زوال کان پوءِ انقلاب ۽ تبديليءَ جو سفر ڍرو ته ٿيو آهي پر ختم ناهي ٿيو، ان ڍرائپ سبب سنڌ ۾ فڪري طور تي اڄ تائين اها ٽھي علمي، ادبي ۽ سياسي ميدان تي بيٺي آهي جيڪا سن 1991ع ۾ تائين تحرڪ ۾ هئي. ان کان پوءِ ايندڙ ٽھي تي اهو ماحول ميسر نه ٿي سگهيو يا اڳين ٽھي، نئين ٽھيءَ لاءِ رستو صاف نه پئي ڪيو بحرحال ٻنھي حالتن ۾ سنڌ جو فڪري سفر اڳ وارو ته نه هيو پر ختم هرگز نه ٿيو آهي، انڪري اسان اداري پاران اهو فيصلو ڪيوسين ته نئين ٽھي کي ڀرپور موقعا فراهم ڪري، انھن جون لکڻيون ۽ ٻيو مواد ترجيحي بنيادن تي ڇپرائينداسين ته جيئن انھن جي فڪري واڌ ويجھه کي مناسب ماحول ملي سگھي.
هي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ ان نوجوان جو آهي جيڪو 15 سالن کان وٺي سياسي، سماجي ۽ ادبي ميدان تي متحرڪ رهيو آهي ته علمي فڪري طور ڪافي برجستو به رهيو آهي. هي ڪتاب نه صرف عيسيٰ ميمڻ جا خيال پيش ڪري ٿو پرنئين ٽھي فڪري طور تي ڪٿي بيٺي آهي ان جو اولڙو پن هن ڪتاب ۾ پسي سگهجي ٿو. هونئن به عيسيٰ ميمڻ پنھنجي ٽھيءَ ۾ گهڻو متحرڪ رهيو آهي ته ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب پڻ رهيو آهي. ان ڪري اسان کي خوشي آهي ته اهڙي نوجوان جو ڪتاب ڇپرائي، اسان ڄڻ ته پنھنجي مقصد طرف هڪ وک وڌائي آهي. اميد ته اسان جي پيارجو پورهيو اوهان کي قبول پوندو. ڪتاب جي ڏس ۾ جن دوستن سھڪار ڪيو، ادارو انھن جو تهه دل سان شڪريو ادا ڪري ٿو.
ادارو
سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
ضلعو لاڙڪاڻو
تاريخ. 04.03.2013