”6-ڊسـمـبـر“ ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏهاڙو منظر ۽ پسمنظر
دنيا ۾ جيڪي به تبديليون آيون آهن اهي ننڍڙن ماڻهن آنديون آهن. جڏهن اهي تبديليون انهن ننڍڙن ماڻهن آنديون تڏهن اهي تاريخ جا وڏا ماڻهو ٿي اڀري پيا ۽ دنيا ۾ شخص ائين ئي ننڍڙي ڪوشش سان وڏا ٿي پون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ٻلهڙيجي جي نوجوان حسن پيرزادي ۽ سندس ساٿين 6- ڊسمبر کي سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي ملهائڻ جي ڳالهه ميسيج ۽ اخبار جي هڪ ڪالمي خبر سان ڪئي. اها تاريخ مقرر ڪرڻ جو ڪريڊٽ ان نوجوان کي نه ڏيڻ وڏي ناانصافي چئبي، پر ثقافت کي بچائڻ جو اهو سمورو ڪريڊٽ سنڌ جي ان سيد ڏانهن به وڃي ٿو جنهن لياقت علي خان جي ان لفظن ته ”سنڌي قوم جو ڪلچر گڏهن ۽ اُٺن هڪلڻ وارو آهي.“ جي موٽ ۾ سنڌ جي ڪلچر جي وارثيءَ لاءِ سنڌ جي بزرگن جي مزارن تي ميلا لڳائڻ ۽”سنڌي ڪلچر“ نالي ڪتاب لکي سنڌي قوم کي ثقافتي طرح سان هڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنهن به طرح سان فراموش نه ٿيون ڪري سگهجن. ان وقت سنڌ جا ساڃاهه وند شايد سيد جي ان ڳالهه کي ٻاراڻو عمل سمجهيو پر پنجاهه سالن کانپوءِ تاريخ ثابت ڪيو ته جڏهن به ڪنهن قوم کي عملي طور تي ڳنڍڻو پوندو ته ثقافت جو ان ۾ اهم ڪردار رهي ٿو ۽ ايئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته ثقافت قوم کي عملي طرح قوم بڻجڻ جا بنياد فراهم ڪري ٿي.
[b]اردو ميڊيا جو متعصباڻو رويو:
[/b]ميڊيا ڪنهن به طرح سان غيرجانبدار نه ٿي رهي پر دنيا جو ڪوبه طبقو غيرجانبدار نه هوندو آهي ۽ نه رهي سگهي ٿو. هر طبقي جون پنهنجون دوستيون ۽ دشمنيون رهن ٿيون. ان ڪري اردو ميڊيا کي به غيرجانبدار نه ٿو چئي سگهجي. اردو ميڊيا جو ڪردار شروعات کان ئي اسٽيبلشمينٽ ۽ فوجي قيادت ڏانهن جهڪاءُ ۽ پنهنجائپ وارو رهيو آهي. خود نجي اخبارن توڙي چئنلن تي اسٽيبلشمينٽ توڙي فوجي ٽولي جا پگهاردار رهيا آهن. هن وقت سول حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ وڏو ٽڪراءُ موجود آهي. سول حڪومت آمريڪي ۽ ٻاهرين قوتن جي مفادن ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه داوَ تي لڳائڻ لاءِ آتي آهي. جنهن تي فوجي قوت ڪنهن به طرح سان اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ جڏهن ته آمريڪا ۽ ان سان لاڳاپيل ڌريون وري فوجي قيادت تي ذري جو به اعتماد نه ٿيون ڪن، جنهن ڪري سول حڪومت کي پنهنجو ڪرڻ ان جي مجبوري آهي. اهو هڪڙو وڏو ٽڪراءُ جنهن جي پُڙ ۾ سِول حڪومت پيسجي رهي آهي. تاريخ جو اهو به وڏو الميو آهي ته سول حڪومت عوام تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ ڪڏهن آمريڪا ۽ ان جي ساٿارين تي، ڪڏهن فوجي قوت ڏانهن واجهائيندي رهي آهي. ان جي نتيجي ۾ فوجي قوت جي سِول حڪومت خلاف وانگار وهندي اردو ميڊيا اڳ جيان سراپا عمل آهي. ان ڏس ۾ سياسي تنقيد کان وٺي ذاتي تنقيد تائين لهي اچڻ تائين اردو ميڊيا وسان نه گهٽايو آهي، جنهن جو ننڍڙو ثبوت سنڌي ڪلچر تي تنقيد جي روپ م ڏسي سگهجي ٿو.
[b]سنڌي ميڊيا جو موقعي پرستاڻو رويو:
[/b]سنڌي ميڊيا جتي سنڌي ڪلچر کي اڀارڻ ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ جي دعوى ڪري ٿي، جنهن جو ثبوت 6- ڊسمبر تي جيڪو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو پر سوال وري به ساڳيو آهي ته ڇا سنڌي ميڊيا غير جانبدار آهي؟ جنهن جو جواب اسان کي انڪار ۾ ملي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌي ميڊيا جنهن سنڌ سان نئين عشق جي ابتدا سڏي شروعات ڪري سنڌي ماڻهن کي جذبات جي وهڪري ۾ لوڙهيو آهي ان جي سنڌ سان عشق جي ابتدا ڌاڙيل ڪلچر، خوني جهيڙن ڏيکارڻ کان سواءِ باقي توهان ۽ اسان کي ڇا مليو آهي؟ صبح کان وٺي شام تائين ڌاڙيل ڪلچر ڏيکارڻ سنڌ سان عشق جي ابتدا آهي ته سنڌ سان دشمنيءَ جي انتها باقي ڇاکي چئبو آهي؟ رهيو سوال ته 6 ڊسمبر تي سول حڪومت جي اٿر ۾ رهندڙ سنڌي ميڊيا کي وٺ ئي نه ٿي ڏئي ان جو سبب ڪمرشل مارڪيٽ آهي. ڪمرشل مارڪيٽ ۾ گهڻ قوميون ڪمپنيون اشتهار انهن کي ڏينديون آهن جنهن جا ٻڌندڙ گهڻا هوندا آهن. ان حوالي سان اردو ميڊيا جي وڏي مارڪيٽ آهي، جنهن کي ڌڪڻ لاءِ به سنڌي ميڊيا کي وقتائتو ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻيو ته اردو ميڊيا فوجي قوتن جي اثر رسوخ ۽ سنڌي ميڊيا جو سول حڪومت جي سحر ۾ هئڻ واري ماجرا به هيٺ کان وٺي مٿي تائين تفاوت جي صورت ۾ اڀري آئي آهي. جنهن ۾ سنڌي ميڊيا، اردو ميڊيا کي وقتائتي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ان ڪري اقتصادي ۽ سياسي مفادن جي سحر ۾ اردو ۽ سنڌي ميڊيا کي ڏسڻ جي به ضرورت آهي. جنهن ۾ ٻئي ڌريون جڪڙيل نظر اچن ٿيون.
[b]پ پ پ سرڪار جا مفاد:
[/b]پ پ پ سرڪار جيڪا جمھوريت جي وڏي دعويدار ڌر سمجهي وڃي ٿي. جيڪا اصل ۾ جمھوريت پسند آهي ئي ڪانه، ڇاڪاڻ ته جنهن به ملڪ ۾ جمھوريت ايندي آهي ان لاءِ پهرين لازمي شرط سيڪيولر هئڻ آهي. جيڪا رياست مذهب جي بنياد تي ٺهي هجي، جنهن جي آئين ۾ صلاحيتن آهر ماڻهو چونڊڻ بجاءِ مسلمان هئڻ جو شرط هجي. معنى ته مذهب جي ڇانوَ ۾ رهندڙ جمهوريت، جمهوريت ناهي هوندي. جمهوري قدرن لاءِ رياست جي سيڪيولر روايتن کي جيستائين جنم نه ڏنو ويندو تيستائين جمهوريت جي شڪل بگڙيل رهندي. جمهوريت رڳو ووٽ وٺڻ جو نالو ناهي هوندي. هميشه جمهوريت ۾ عوام کي خواب ڏيکاري جاگيردارن جي حڪومت قائم ڪندڙ ڌر ڪنهن به طرح سان جمهوريت پسند نه آهي. جنهن پارٽيءَ جو سربراهه به خانداني ورثي طور تي منتقل ٿيندو رهي اها جمهوريت جي دعوى به نه ٿي ڪري سگهي. ٻيو ته هن ملڪ ۾ جمهوريت سدائين فوجي مفادن جي تحت نالي ۾ ڏني ويندي آهي. ان ڪري هن حڪومت کي جمهوري حڪومت نه پر سِول حڪومت چئجي ته بهتر ٿيندو. پ پ پ سرڪار جيڪا سدائين سنڌ جي عوام کي جذبات جي بنياد تي ووٽ وٺي سنڌ کي پنجاب جي پيرن ۾ قانوني ۽ آئيني طرح ٻڌي اڇلائيندي رهي آهي. ان کي پنجاب جڏهن به اکيون ڏيکاريندو آهي ته وري سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي آهي. جڏهن موجوده سول حڪومت کي پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ اسٽيبلشمينٽ تڏا ويڙهائڻ جو پورو پورو فيصلو ڪيو آهي تڏهن هنن کي وري سنڌ ياد اچي ويئي آهي. جڏهن بينظير ڀٽو صاحبه زنده هئي ته نعرو لڳندو هو ته ”چئن صوبن جي زنجير-بينظير“. وري جڏهن پنجاب مان بينظير صاحبه جو لاش پهتو ته پ پ پ وري مؤقف تبديل ڪندي چيو ته ”سنڌ جي راڻي شهيد راڻي“. ڪاڏي وئي چئن ئي صوبن جي زنجير؟ هاڻي به ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪندي پ پ پ پنجاب کي اکيون ڏيکاريون ۽ 6- ڊسمبر جي واقعي کي صدر زرداري جي حمايت ۾ سنڌي ماڻهن جي رد عمل طور تي واقعي کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته سڄي سنڌي قوم سرڪار سان گڏ آهي ۽ پ پ پ سرڪار هڪ دفعو ٻيهر عوام کي جذبات جي وهڪري ۾ آڻي پنهنجي ساک کي بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل آهي.
[b]قومپرستن جو ڪردار:
[/b]سنڌي قوم جي وسيلن، ثقافت ۽ اقتصاديات جي وارثيءَ جي دعوى ڪندڙ قومپرستن پنهنجي سموري عرصي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو ڪنهن به طرح سان نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. انهن جي ناڪام حڪمت عملي هوندي به قومپرستن هن وقت جنهن مذهبي انتهاپسندي سان ويڙهاند ڪئي آهي اهو ڪيئن وساري سگهجي ٿو. اڄ تائين جيڪا به ڌر عوام کان ووٽ يا حمايت وٺڻ وڃي ٿي اها ڪنهن به مذهب جي بنياد تي نه پر ”سنڌ“ جي نالي تي پنهنجو پاڻ کي کڻي وڃي ٿي. پنجاب يا سرحد ۾ مذهب جي نالي تي اڪثر ڌريون عوام کان ووٽ وٺن ٿيون پر سنڌ ۾ ڪابه ڌر مذهب جي نالي تي ووٽ وٺي نه ٿي سگهي. ڀلي اهي مذهبي ڌريون ڇونه هجن. اهو ئي سبب آهي جو مذهبي جماعتون سنڌ جي مختلف ٻرندڙ مسئلن تي عوام وٽ وڃن ٿيون. جڏهن ته انهن ڌرين جو پنجاب ۾ مؤقف سنڌ جي ابتڙ آهي. پ پ پ به سنڌ مان پاڪستان جي نالي تي نه پر سنڌ جي نالي تي ووٽ ۽ حمايت حاصلڪري ٿي. معنى ته ”سنڌ“ انهن جي ترجيحات ۾ آهي. اهو سمورو ڪريڊٽ قومپرستن ڏانهن وڃي ٿو جن سنڌ جي سيڪيولر روايتن کي برقرار رکندي ”سنڌ“ ۽ سنڌ جي مفادن کي اوليت ۾ رکيو آهي، جنهن لاءِ قومپرستن کي جس ڏيڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي. انهيءَ پسمنظر ۾ ئي قومپرستن سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي کي پنهنجو ڏهاڙو ڪري جيڪا حمايت ڪئي اها بنا ڪنهن ذات ۽ ڪرسي بچائڻ جي مفادن جي هئي پر افسوس اهو آهي ته قومپرستن وٽ تنظيم ڪاري ۽ حڪمت عملين جي کوٽ سبب اهو ڪريڊٽ يا پيدا ٿيل رجحان کي پنهنجي طرف لاڙي نه سگهيا يا انهن مان ڀرپور طريقي سان فائدو حاصل نه ڪري سگهيا.
[b]مرتضى ڀٽو ڪيس:
[/b]جڏهن سڄي قوم ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ ۾ مَحو هئي، ان وقت مير مرتضى ڀٽي جي قتل ڪيس جي عدالت فتوى ڏيڻ پٺيان به سرڪار وڏي حڪمت عملي تحت پاڻ بچائي ويئي. مرتضى ڀٽي جي ڪيس سان تاريخ ۾ جيڪا ويساهه گهاتي ٿي آهي شايد تاريخ ۾ ڪنهن سان ٿي هجي ته سرعام ڪنهن ماڻهوءَ کي قتل ڪيو وڃي ۽ ان جو ڪوبه قاتل نه هجي ته بي بي سي جو اهو تجزيو سؤ سيڪڙو درست آهي ته ”پکين ٺونگا هڻي مرتضى ۽ سندس ساٿين کي شهيد ڪيو.“ اهو پ پ پ سرڪار جو وڏو الميو چئبو جو مير مرتضى کي پ پ پ دؤر ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ ان جي قاتلن کي به پ پ پ دؤر ۾ باعزت بري ڪري ڇڏيو ويو. 6- ڊسمبر جي لـُڙ ۾ تمام وڏي قتل جي فتوى ننڍي ٿي وئي. جنهن جا فائدا به لاڳاپيل ڌريون حاصل ڪري ويون ۽ قوم پنهنجي ثقافت جي خوشيءَ ۾ مَحو ٿيندي رهي!؟
[b]زوال پذير هنر ۽ پورهيت لاءِ کليل روزگار جا دروازا:
[/b]سنڌ ۾ هٿ جو هنر زوال پذير ٿيڻ سبب پورهيت جي روزگار ۽ گذر سفر تي لت اچي ويئي هئي. هالن جا اجرڪ ۽ گهر توڙي جيلن جي چؤديواري ۾ قيدين جي هٿن جون ٺهيل ٽوپيون جنهن انداز ۾ وڪرو ٿيون آهن، ان کي خوش آئنده عمل چئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن چار ڪروڙ عوام مان صرف ڪروڙ ماڻهن ٽوپيون ۽ اجرڪ پاتا هجن ته به پورهيت جي گهر جي چلهه چڱي عرصي تائين اجهامي نه سگهندي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته هن هنر کي هٿي وٺائڻ لاءِ به ڪا حڪمت عملي جوڙڻ کپي. جڏهن ته ثقافت رڳو ٽوپي، اجرڪ تائين محدود نه ٿي ٿئي. ثقافت، موسيقي، شاعري، مصوري، رقص، راڳ رنگ، طرز تعمير، فنونِ لطيفه ۽ معاشري ۾ مروج عادتن، رهڻي ڪهڻي، اٿڻ ويهڻ، احساسن، جذبن ۽ زندگي گذارڻ جو فن به ثقافتي سڃاڻپ جي دائري ۾ اچي ٿو. ٽوپي اجرڪ پائڻ سان ثقافت مڪمل طور تي اجاگر ناهي ٿي پر ثقافت جو هڪ پهلو سامهون اچي ٿو. جڏهن ته ثقافت جا ٻيا پهلو ساڳئي زوال پذيريءَ جي حالت ۾ آهن. ان ڪري ثقافت جي مڙني پهلوئن کي ملهائڻ لاءِ به جدوجھد ڪرڻي پوندي. ان جي واڌ ويجهه لاءِ ڪا حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ ثقافت سان پيار جي دعوى اڌ سچ آهي.
[b]سنڌ جي قومي وجود سان جوڙڻ جو سوال:
[/b]ڪنهن به قوم کي ثقافت ناهي بچائيندي پر قوم ثقافت کي بچائيندي آهي. ثقافت قوم جي اهڃاڻ طور تي ڪم اچي سگهي ٿي پر ڪنهن به قوم لاءِ ثقافت ڪُل جز نه آهي. پر قوم جو جز اقتصاديات ۽ اقتصادي وسيلا هوندا آهن. ڪنهن به قوم جي ترقي، خوشحالي تيستائين ممڪن نه آهي جيستائين ان قوم جا وسيلا محفوظ نه آهن، معاشي طور تي خوشحال قوم ئي بهتر ثقافت ۽ ثقافتي قدرن کي جنم ڏئي سگهي ٿي. سنڌي قوم جا سمورا معاشي وسيلا، سنڌي قوم کان کسيا ويا آهن. کير کي پير سمجهي کپائڻ عيب سمجهندڙ قوم اڄ ان موڙ تي پهتي آهي جو پنهنجا ٻچا وڪرو ڪري رهي آهي. ان ڪري سنڌي قوم کي پنهنجن وسيلن جي تحفظ لاءِ هاڻي اڳتي اچڻو پوندو. خالي پيٽ تهذيبن کي نه پر ڏوهن کي جنم ڏيندو آهي. خالي پيٽ سان دنيا جي ڪابه رنگيني رنگيني ناهي لڳندي. ساهر لڌيانوي چواڻي ته:
”مفلسي حِس لطافت ڪو مٽا ديتي هي،
ڀوڪ ڍل نهين سڪتي آداب ڪي سانچون مين.“
هاڻ ان ڳالهه جي ذميواري سنڌ جي باشعور سياسي قيادت تي اچي ٿي ته هو هن موڙ تي سنڌي قوم جي رهنمائي ڪري ثقافت کان اڳتي قومي وسيلن، قومي وسيلن کان اڳتي قومي آزادي، قومي آزاديءَ کان اڳتي سوشلسٽ سنڌ ۾ قوم کي داخل ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪمت عملي تيار ڪن. ٻي صورت ۾ ثقافتي ڏهاڙن ملهائڻ سان قوم نه بچي سگهندي نه ئي ڪو ان طريقي سان ڪو سنڌ بچائي سگهجي ٿي.
اياز چواڻي ته:
تون جي مون کان پوءِ اچين،
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين منهنجا گيت ٻڌين،
مون کي ياد ڪرين.
سنڌڙي ساري ڳاڙهو کهنبو ٿي ويندين تيسين،
۽ جي ان ۾ ڦلڙيون ڦلڙيون منهنجي ڏات ڏسين،
شال اهو سمجهين،
ڏات وڏي شيءِ ناهي،
پر سچ وڏي شيءِ آهي،
پر جو سچ مچائي مچ،
سو مچ وڏي شيءِ آهي.