”ذوالفقار آباد“ سنڌ دشمن رٿا
دنيا جي تاريخ ۾ نوان شهر ٺهڻ ۽ ڊهڻ جوسلسلو اوائلي دؤر کان جيئن جو تيئن جاري آهي. ڪي شهر قدرتي آفتن ته ڪي انساني حملن ۽ انساني سماج جي وحشي پڻي جو شڪار بڻجي تباهه ٿي وڃن ٿا ته ڪي نوان شهر اڏي انساني تھذيب ۽ تاريخ جي سفر کي اڳتي وٺي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته شهر ئي تھذيبن جو مرڪز ٿين ٿا. جتي تهذيب واڌ ويجهه ڪري ٿي ۽ پنهنجو سفر جاري رکي ٿي. اهو ئي سبب اهي جو دنيا جي ست ارب آباديءَ مان 4 ارب آبادي شهري زندگي بسر ڪري رهي آهي. ڳوٺن ۾ سهولتن جي اڻاٺ سبب اڪثر آبادي شهرن ڏانهن روزگار، تعليم ۽ صحت جي سهولتن خاطر تيزي سان منتقل ٿي رهي آهي.
هن خطي ۾ جيڪا آبادي شهرن ۾ داخل ٿي آهي اها اڪثر ڪري ڌاري آبادي آهي. جيڪا گهڻو ڪري جنگي حالتن سبب لڏ پلاڻ ۽ ڏڪار ڪري هتي سفر ڪري پهتي آهي ۽ ڪجهه لڏپلاڻ سامراجي تسلط کي قائم ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي ڪرائي پئي وئي آهي. جنهن سبب خصوصاً سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جو ايترو ته دٻاءُ وڌي رهيو آهي جو سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿي ويا آهن. جنهن ڪري جيڪا شهرن کي تهذيبي اڏاوت ڪرڻي هئي اها سامراجي سازشن جي ور چڙهي وئي. سنڌ جي شهرن ۾ ڌاريا واپار، صنعت ۽ گذرِ معاش تي قابض ٿي ويٺا ته ٻئي طرف سياست ۾ انهن پنهنجو چڱو خاصو اثر پيدا ڪري ورتو. نتيجي طور تي سنڌ جي معاشي، سياسي ۽ سماجي صورتحال ۾ زبردست تبديلي آئي آهي.
سنڌ کي تاريخي طور تي جيڪو سفر جاگيرداري سماج کان سرمائيداري سماج ۾ ڪرڻو هو اهو پنهنجو رخ تبديل ڪري ويو، نتيجي ۾ سنڌ جا صنعتي شهر ڌارين جي حوالي ٿي ويا، صنعت تي اهي ڌريون قابض ٿي ويون ۽ سنڌي سماج جاگيرداري سماج ۾ اڃان به وڌيڪ ڦاسي پيو. جيتوڻيڪ رياست جاگيرداري سماج کي پنهنجي جياپي جو اصل سبب سمجهي ٿي. ان ڪري سنڌ جيستائين جاگيردارن وٽ يرغمال هوندي تيستائين ان کي غلام رکڻ وڌيڪ آسان ۽ سؤلو ٿي پوندو. هڪ طرف صنعتي شهر ڌارين جي قبضي ۾ آهن ته ٻئي طرف جاگيرداري پنهنجي ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري رهي آهي. انهن حالتن م نون شهرن اڏڻ جو منصوبو سامراجي سازشن جو هڪ حصو آهي.
[b]عالمي قوتن جا مفاد ۽ تضاد:
[/b]جيستائين سويت يونين هئي اوستائين دنيا جي طاقت جو توازن برقرار هو. مظلوم قومن ۾ طبقن جو سڀ کان وڏو سهارو سويت يونين هو، جيڪو سڌي اڻ سڌي طرح سان مظلوم قومن ۽ طبقن کي مدد ڏئي رهيو هو. 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ طاقت جو مرڪز آمريڪا ئي بڻجي ويو ۽ باقي دنيا جي مختلف خطن ۾ هلندڙ سامراج مخالف تحريڪون ۽ بغاوتون ماٺار جون شڪار ٿي ويون. اهو ئي ڪارڻ هو جو سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ اشتراڪيت جي راهه تي گامزن چائنا پنهنجون پاليسيون تبديل ڪري سرمائيداري طرف جهڪاءُ پيدا ڪيو، جيڪو چائنا مائوزيتنگ ۽ چو .اين.لاءِ ٺاهڻ پئي گهريو اهو چائنا هڪ ماضيءَ جو خواب بڻجي ويو ۽ طاقت جي ڊوڙ ۾ سرمائيدارين سان وڃي ڪلهو هنيو. اڄ چائنا جا آمريڪا سان تضاد ته آهن پر اهي تضاد به دنيا جي خطن تي قبضا ڪرڻ ۽ معيشت جي بازار ۾ ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ آهن. چائنا ٽريڊ وار (Trade War) ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويو آهي جو آمريڪا جي معيشت خود ڏيوالي جو شڪار بڻجي ويئي آهي. چائنا پنهنجي سستي شين جي اگهن جي ڪري خود آمريڪا جي منڊيءَ ۾ وڏو واپاري بڻجي ويو آهي. ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (World Trade Organization) ۾ شامل وڏا مانگر مڇ، هڪ هٽيءَ جي ڊوڙ ۾ چائنا کان خوفزده آهن، جنهن ڪري يورپي يونين ۽ آمريڪا هڪ طرف ته ٻئي طرف چائنا منڊيءَ ۾ سڀني کان ڳورو آهي.
هن خطي ۾ معيشت ۽ سياست تي چائنا جو اثـر رسوخ آهي. ڇاڪاڻ ته هو خطي ۾ واپار جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري هي خطو تضاد جو به مرڪز بڻجي ويو آهي. ايشيا تائين واپار لاءِ چائنا کي بندرگاهه کپي، جنهن لاءِ پاڪستان جي ساحلي پٽي تي چائنا پنهنجو ڌاڪو قائم ڪرڻ گهري ٿو. پاڪستان جي 11-سئو ڪلوميٽر ساحلي پٽي تي ڪراچي اهم ۽ واحد مرڪز آهي، جنهن تي به آمريڪا جو زبردست ضابطو آهي. جنهن ڪري چائنا گوادر پورٽ ٺاهڻ گهريو پئي پر مستقبل جي خطرن سبب آمريڪا عموماً ۽ خصوصاً بلوچن جي دورانديشي ڪري گوادر پورٽ پايهء تڪميل تي پهچي نه سگهيو. ان لاءِ ئي چائنا، شانزن شهر جي طرز تي ذوالفقار آباد اڏڻ چاهي ٿو. شانزن شهر جي آبادي پهريائين 4 هزار هئي جيڪا هاڻي هڪ ڪروڙ جي آباديءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جتي هاڻي چار وڏا پورٽ به ٺهي چڪا آهن. ان پسمنظر کي سامهون رکندي چائنا هتان جي ملٽري سرمائيدار قوتن سان ٺاهه جوڙ ڪري ذوالفقار آباد اڏڻ لاءِ مڪمل طور تي تياري ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ سِول حڪومتن کي مُهري طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي.
[b]ترقيءَ جو سراب:
[/b]چيو پيو وڃي ته ذوالفقار آباد رٿا مڪمل ٿيڻ سان سنڌ ۾ کير جون نديون وهنديون، ان شهر ۾ 22 هزار ڪارخانا قائم ڪيا ويندا. 2 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي. اسڪول، اسپتالون قائم ڪري سنڌ کي ترقي جي اعلى منزلن تي پهچايو ويندو، ۽ جيڪا زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي ان کي به روڪيو ويندو. اهڙي قسم جي پروپيگنڊا لاءِ پ پ پ کي عمل جي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي پ پ پ اڳواڻ تاج حيدر ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پهرين مرحلي ۾ مهم هلائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي جي ماڻهن سان ملاقات ڪري، انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان کان بعد ۾ 29-جون 2012ع تي تاج حيدر اسيمبلي ميمبرن کي گهرائي، اعتماد ۾ وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ به ڏسجي ٿو ته 169 ميمبرن جي ايوان مان صرف 17- ميمبر ۽ باقي ميمبر شريڪ ئي نه ٿيا. جنهن ۾ به چيو پئي ويو ته اسان سنڌ جي خوشحالي چاهيون ٿا پر سنڌ جا قومپرست ترقي مخالف آهن ۽ هي ترقي نٿا چاهين. اهڙي قسم جا مختلف الزام هڻڻ پٺيان ڪهڙا سبب ۽ محرڪ آهن اچو ته انهن جو مختصر جائزو وٺون ته تاريخ جي رڪارڊ جي درستگي ٿي سگهي.
پهريون الزام اهو هنيو پيو وڃي ته قومپرست ترقي مخالف آهن. جڏهن گوادر پورٽ جي اڏاوت شروع پئي ڪئي ويئي ته ان وقت بلوچستان تمام گهڻا خدشا ڏيکاريا ته اسان اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين ۽ سڀني ڏٺو پئي ته گوادر پورٽ جي زمين جي وڪري جا اشتهار چائنا، آمريڪا، يورپي يونين ۽ عربن جي اخبار ۾ ڌڙا ڌڙ شايع ٿي رهيا هئا. ڏسندي ڏسندي زمين جو ملهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
بلوچن خطرو محسوس ڪيو ۽ ان عمل خلاف زبردست مزاحمت ڪئي ته مشرف سرڪار چوڻ لڳي ته ”بلوچ سردار بلوچستان جي ترقي نه ٿا چاهين اهي ترقيءَ جا وڏا دشمن آهن.“ پر جڏهن بلوچن مزاحمت جي ذريعي ان منصوبي کي وڌڻ نه ڏنو ته اڄ ساڳي منصوبي جي پايا تڪميل لاءِ سنڌ جي قومپرستن خلاف واويلا ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا قومپرست جيڪڏهن ترقيءَ جا مخالف آهن ته پ.پ.پ سرڪار ٻڌائي ته ان سنڌ به چار ڀيرا اقتدار ۾ رهڻ دؤران ڪهڙا ترقيءَ جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن جو سنڌ جي تعليم، صحت، سماجي ترقي مڪمل طور تي تباهه حال ۾ آهي. سنڌ جا 49-هزار اسڪول مان 10-هزار اسڪول بند پيا آهن. باقي اسڪولن جي حالت به ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. هڪ لک ويهه هزار ڳوٺن مان 18-هزار ڳوٺن کي صرف گئس ملي آهي. جڏهن ته پنجاب جا سمورا وڏا صنعتي شهر ۽ علائقا سنڌ جي گئس ٻاري رهيا آهن. سنڌو درياهه تي پنجاب جي بالادستي هئڻ خلاف پ.پ.پ سرڪار سنڌ کي ڇا وٺي ڏنو آهي جو ڀاشا ڊيم سميت ڊيمن لاءِ بجيٽ رکي پئي وڃي. اقتدار کان ٻاهر رهندي ٿل ڪئنال جو اڳواڻ قائم علي شاهه صاحب اڄ ٻڌائي ته ٿل ڪئنال تارو تار وهي پيو ان لاءِ انهن جو ڪردار ڇا آهي؟ سنڌ جا کربين روپين جا معدني ۽ قدرتي وسيلن جي ڀيل ۾ پ.پ.پ سرڪار ڇا پئي ڪيو آهي. هن وقت تائين!؟ سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي روزگار ۽ تعليم تي بندش خلاف ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندڙ ڌريون چون ٿيون ته قومپرست ترقيءَ جا مخالف آهن؟ ان جي معنى ته عالمي قوتن ۽ ملٽري سرڪار جي وانگار وهڻ لاءِ قومپرستن خلاف پروپيگنڊا ڪري، هن سنڌ دشمن رٿا کي پايهء تڪميل تي پهچائڻ جي پ.پ.پ سرڪار ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي.
تاج حيدر چواڻي ته سنڌي اقليت ۾ تبديل نه ٿيندا ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو ٻار گهڻا پيدا ڪري رهيا آهن. مڃيوسين ته سنڌي ماڻهو ٻار گهڻا پيدا ڪري رهيا آهن پر سنڌ ۾ جيڪا آبادي آهي اها سنڌي ماڻهن جي پيدا ڪيل ته نه آهي، اهي ته روز ريلن ۽ ڪوچن وسيلي هزارن جي تعداد ۾ سنڌ ۾ اچن ٿا، انهن کي روڪڻ بجاءِ پ.پ.پ سرڪار انهن جي لاءِ 1973ع جي آئين ۾دروازا کولي ڇڏيا آهن. جڏهن ته باقي به ڌارين جي لاءِ ڪابه قانون سازي نه لکت ۾ آهي نه عمل ۾. نتيجي طور تي سنڌي ماڻهو فلسطينن وانگر پنهنجي سرزمين تي وائڙائپ، ننڌڻڪائپ جي زندگي گذاري رهيو آهي. انهن لاءِ ڪو مستقل روزگار ۽ ترقيءَ جو ڪو رستو کولڻ بجاءِ پروپيگنڊا جي ذريعي ماڻهن جي ذهنن کي مسخ ڪرڻ ڪنهن گھري سازش جو حصو آهي. جنهن کان ڀليءَ ڀت واقفيت رکون ٿا.
ٽيون اهو چيو ٿو وڃي ته سمنڊ سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، ان کي روڪڻ لاءِ 230 ڪلوميٽر ڀت Dyke اڏي ري ڪليم ڪئي ويندي. ديوار قائم ڪري، سنڌ کي تباهيءَ کان بچايو ويندو. ياد رکڻ کپي ته هن وقت تائين سمنڊ سنڌ جي 24 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. روزانه 32-ايڪڙ زمين سمنڊ جي ور چڙهي رهي آهي. ان لاءِ ”اُٺ تڏهن ٿي رڙيا، جڏهن ٻوريا ٿي سبيا.“ وانگر سنڌي ماڻهن شروعات کان وٺي دانهون پئي ڪيون آهن ته سمنڊ ۾ پاڻي جو مقرر مقدار داخل ڪيو وڃي ۽ سنڌو دريا تي ڊيم ۽ ڪئنال نه اڏيا وڃن پر پنجاب جي بالادستي سبب ڊيم ۽ ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏڻ، ۽ 1960ع ۾ پنجاب جا 3- دريا وڪرو ڪري هندستان کي ڏيڻ سبب سنڌو دريا سڪي ٺيٺ ٿي ويو آهي. ان لاءِ جڏهن به سنڌي ماڻهن آواز بلند پئي ڪيو آهي تڏهن انهن کي الزام تراشي ڪري چپ رهڻ جا سبق پئي ڏنا ويا آهن. هاڻي سرڪاري سطح تي اعتراف ڪرڻ کانپوءِ ان جو ازالو ڪرڻ بجاءِ اهو چوڻ ته ذوالفقار آباد ٺهڻ کان پوءِ اهو مسئلو حل ٿي ويندو. اهو سراسر سنڌي ماڻهن کي سراب ڏيکارڻ برابر آهي. ڇاڪاڻ ته ان سان 10-لک ايڪڙ زمين ري ڪليم ڪرڻ سان 300-کرب روپين جي ضرورت پيش ايندي. جڏهن ته سنڌ جي موجوده بجيٽ 5-کرب مشڪل سان آهي ته سنڌ جي 50- سالن جي بجيٽ به وڌ ۾ وڌ 300- کرب ٿيندي.
هن سڄي صورتحال م عالمي ۽ علائقائي قوتن جي گڏيل مفادن سبب سنڌ ۾ ڊيموگرافيڪل تبديلي ۽ جاگرافيڪل ورهاڱي جا امڪان وڌيڪ واضح ۽ چِٽا ٿي سامهون آيا آهن. جنهن کان سنڌ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورن سنڌ دوست ڌرين کي گڏيل لائحه عمل طئه ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.
ڪارل مارڪس چواڻي ته، ”جڏهن ماڻهو اهڙن خيالن جي ڳالهه ڪن جيڪي سماج ۾ انقلاب آڻين تڏهن اهي ٻيو ڪجهه به نه پر ان حقيقت جو اظھار ڪن ٿا ته پراڻي سماج اندر هڪ نئين سماج جا عنصر پيدا ٿي چڪا آهن. ان ڪري سنڌي سماج ۾ جيڪا خطري جي لهر پيدا ٿي آهي ان لھر ۾ سنڌي سماج کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ منظم انقلابي پارٽي ۽ منظم مزاحمت جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ٻيو ذوالفقار آباد رٿا جي تڪميل لاءِ پ پ پ، پنهنجي اتحادين سان حصيدار آهي. ان ڪري اهي رٿا جي تڪميل لاءِ آخري حد تائين وڃي سگهن ٿا. ان سنڌ دشمن عمل خلاف عملي طور تي سنڌ جا قومپرست ئي ڪو بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻي صورت ۾ سنڌ جي وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان بچائڻ جا ڪي ٻيا امڪان نظر نه ٿا اچن.